علي ڪوفي جو بيان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اول ته علي ڪوفي، جنهن هيءُ ڪتاب عربيءَ مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو، تنهن جي اصل عربي ماخذ بابت سندس هيٺيون بيان قابل غور آهي: ”اٺونجاهه سالن جي عمر ۾، سنه 613 (ڇهه سؤ تيرهن) ۾ سڀني ڪمن مان هٿ ڪڍي، قيمتي ڪتابن کي پنهنجو وندرائيندڙ ۽ همنشين (بنايم). جيئن ته اڳيان مصنف خراسان، عراق، ايران، روم ۽ شام جي فتحن مان هر هڪ جو بيان تفصيل سان نظم خواهه نثر ۾ لکي ويا آهن، (اهڙيءَ طرح) هندستان جي فتح (بابت لکيل ڪتاب) (ص 56) جي ڳولا لاءِ نفس اماره کي تڪليف ڏنم ۽ اُچ مبارڪ کان اروڙ- بکر جي شهر ڏانهن رخ رکيم، ڇاڪاڻ ته اتان جا امام عربن جي خاندان ۽ بنياد مان هئا. ۽ جڏهن انهيءَ شهر ۾ پهتس ته.... مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسا بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسا بن شيبان بن عثمان ثـقفي (ص 57) سان ملاقات ٿي، کانئس پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته: هن فتح جي تاريخ سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين حجازي ٻوليءَ (عربي) ۾ هڪ ڪتاب (جي صورت) ۾ لکيل آهي، جا هڪٻئي کان ميراث ٿيندي ورثي ۾ ايندي ٿي رهي، مگر جيئن ته اها عربيءَ جي پردي ۽ حجازيءَ جي حجاب ۾ ڍڪيل هئي، تنهنڪري عجمين (غير عربن) ۾ مشهور نه ٿي. جڏهن بندو انهيءَ ڪتاب کان واقف ٿيو ته (ڏٺائين ته) اهو حڪمت جي جوهرن سان سينگاريل ۽ نصيحت جي موتين سان سنواريل هڪ ڪتاب هو (ص 57) بندي، هن ڪتاب کي عربيءَ جي پردي مان ڪڍي فارسي بيان ۾آندو آهي (ص57). هيءُ ڪتاب هند ۽ سنڌ جي فتح بابت عرب جي عالمن ۽ ادب وارن حڪيمن جي تصنيف آهي. جيتوڻيڪ عربي زبان ۽ حجازي لـَـئي ۾ وڏو درجو هوس، ۽ عرب جي بادشاهن کي هن جي پڙهڻ ڏانهن نهايت توجهه ۽ ان تي حد کان وڌيڪ فخر هو، ليڪن جنهن صورت ۾ حجازي پردي ۾ (ڍڪيل) ۽ پهلوي (فارسي) ٻوليءَ جي زيور ۽ سينگار کان خالي هو، تنهنڪري عجم ۾ رائج نه ٿي سگهيو.“ (ص 259)

مٿئين بيان مان هن ڪتاب متعلق هيٺيان اهم نڪتا واضح ٿين ٿا:

  • (1) جهڙيءَ طرح خراسان جي فتح، عراق جي فتح، يا ايران ۽ شام جي فتحن بابت ڪتاب لکيل هئا، اهڙيءَ طرح هيءُ ڪتاب ”هند ۽ سنڌ جي فتح بابت“ هو.
  • (2) اهو ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو ۽ اصل ”عرب عالمن“ جوئي تصنيف ڪيل هو.
  • (3) اهو اصل عربي ڪتاب سنه 613 هه ڌاري اروڙ ۽ بکر جي وڏي قاضي مولانا اسماعيل وٽ هو، جو عربن جي ثقفي خاندان مان هو ۽ عثمان ثقفي جي ڏهين پيڙهي ۾ هو.(1) هيءُ ڪتاب هن خاندان ۾ آڳاٽي وقت کان موجود هو ۽ هڪٻئي کان ميراث طور ورثي ۾ هلندو پئي آيو.
  • (4) اهو ڪتاب مولانا قاضي اسماعيل جي ”ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين“ عربيءَ ۾ لکيل هو.

جيڪڏهين خود هن قاضين جي خاندان مان هيءُ ڪتاب ڪنهن جو تاليف يا تصنيف ڪيل هجي ها ته قاضي اسماعيل اهڙي خبرعلي ڪوفي کي ٻڌائي ها، پر علي ڪوفي جي بيان مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب دراصل ڪن ٻين ”عربن عالمن“ جو لکيل ڪيل هو ۽ مولانا قاضي اسماعيل جي ”ابن ڏاڏن“ جي محض ”هٿ اکرين“ لکيل هو. جنهن جي معنيٰ ته هيءُ ڪتاب ٻئي ڪنهن مؤلف يا مصنف جي اصل قلمي نسخي جو پهريون نقل يا ان نقل جو به نقل هو، جنهن کي علي ڪوفي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

سنڌ جي تاريخ ۽ عرب مؤرخ: هن وقت تائين ڪنهن به اهڙي عربي تاريخ جو انڪشاف نه ٿيو آهي، جا رڳو سنڌ ۽ هند جي اوائلي اسلامي فتحن بابت هجي. جن عرب مورخن جا تواريخي ڪتاب هن وقت موجود آهن ۽ جن پنهنجن انهن تاريخن ۾ سنڌ جي فتحن ۽ سنڌ جي عربي دؤر حڪومت بابت ٿورو يا گهڻو احوال ڏنو آهي، سي هي آهن:

(1) احمد بن يحيا بن جابر بن داؤد الڪاتب البغدادي، جو ”البلاذري“ جي لقب سان مشهور آهي. سنه 280/279 هجري ۾ وفات ڪيائين. بلاذري پنهنجي مشهور تاريخ ”ڪتاب فتوح البلدان“ ۾ هڪ خاص خلاصو باب ”فتوح السند“ (سنڌ جون فتحون) جي عنوان سان قلمبند ڪيو آهي.

(2) احمد بن داؤد بن وَتـَـند، جو ”ابو حنيفه الدينوري“ جي نالي سان مشهور آهي. جمادي الاول سنه 282 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس تاريخ ”ڪتاب الاخبار الطوال“ ۾ سنڌ بابت ڪي ٿورا مختصر حوالا موجود آهن.

(3) احمد بن ابي يعقوب اسحاق بن جعفر بن وهب بن واضح الڪاتب العباسي ”الا صفهاني“،(1) جو ”اليعقوبي“ جي لقب سان مشهور آهي. سنه 284 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب ”التاريخ الڪبير“، جا عام طرح سندس نالي پويان ”تاريخ اليعقوبي“ سڏجي ٿي، تنهن جي سنه 252 هجري جي واقعن تي پڄاڻي ٿئي ٿي. هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جو سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال ڪجهه تفصيل سان ڏنل آهي ۽ سنڌ جي عرب گورنرن بابت ٻيا به ڪي چند حوالا موجود آهن.

(4) ابو جعفر محمد بن جرير الطبري، جو سنه 224 هجري ۾ ڄائو ۽ شوال سنه 310 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ”تاريخ الـُـرسـُـل والمـُـلوڪ“، جنهن کي عام طرح ”تاريخ الطبري“ سڏجي ٿو، تنهن ۾ سنه 302 هجري تائين جي تاريخي واقعن جو ذڪر آهي. سنڌ جي فتح متعلق ان ۾ ڪي ٿورا مختصر حوالا ڏنل آهن. مٿين مؤرخن کان کان سواءِ، ابن الاثير (عزالدين ابوالحسن علي بن محمد 630-555هه) جي ”الڪامل في التاريخ“ ۽ ابن خلدون (عبدالرحمان ابو زيد ولي الدين 808-732هه) جي تاريخ ”ڪتاب العبر“ ۾ پڻ سنڌ جي شروعاتي اسلامي فتحن جو ذڪر آهي، پر اهي ٻئي مؤرخ گهڻو پوءِ جا آهن ۽ سندن تواريخن ۾ انهن جا شروعاتي فتحن جو مواد اڳين تواريخن تان، خصوص طور بلاذري ۽ طبري تان نقل ٿيل آهي. انهيءَ ڪري مٿين چئن آڳاٽن مؤرخن جا ڪتاب لڳ ڀڳ اصولي حيثيت رکن ٿا. انهن چئني مؤرخن جي وفات جي سالن (279هه، 282هه، 284هه ۽ 310هه) مان ظاهر آهي ته هنن ٽين صدي هجريءَ ۾ پنهنجون تاريخون لکيون. هند ۽ سنڌ جون اوائلي اسلامي فتحون پهرين صدي هجري (15-96هه) ۾ واقع ٿيون. ان جي معنا ته هنن مؤرخن ۽ سنڌ جي اوائلي فتحن جي وچ ۾ هڪ سؤ ورهيه کان به ڪجهه وڌيڪ عرصو حائل هو. انهيءَ ڪري هنن خود اهي واقعا کانئن اڳ وارن مؤرخن يا سندن ڪتابن تان ورتا هوندا. هاڻي سوال آهي ته هند ۽ سنڌ جي فتحن بابت خود انهن چئني مؤرخن جا ماخذ ڪهڙا هئا؟

عرب مؤرخن جو مکيه ماخذ ”المدائني“: ابو حنيفة الدينوري جي ”ڪتاب الاخبارالطوال“ ۾ خاص سنڌ جي فتوحات بابت ڪو اهم حوالو موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري اسان بلاذري، يعقوبي ۽ طبري جي سنڌ بابت حوالن جي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون. بلاذري پنهنجي ڪتاب ”فتوح البلدان“ ۾ جن مؤرخن ۽ راوين کان تاريخي واقعا نقل ڪيا آهن، تن ۾ ابوالحسن علي بن محمد المدائني جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. ڇو ته ان کان ڪافي مواد نقل ڪيو اٿس ۽ سنڌ جي فتحن جو احوال ته خصوص طور ان کان ورتو اٿس. مختلف واقعن ۽ حالتن بابت بلاذري گهٽ ۾ گهٽ 25 بيان اهي قلمبند ڪيا آهن، جي هن خود سنئون سڌو ابوالحسن المدائني جي زباني ٻڌا(1)، ۽ 21 بيان ٻيا مدائني جا ڪري ڄاڻايا اٿس، جي غالباً بلاذري، مدائني جي مختلف ڪتابن تان نقل ڪيا.

(1). ”فتوح السند“ يعني، سنڌ جي فتحن وارو باب ته شروع ئي هن طرح ٿئي ٿو: ”اخبرنا علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف- الخ“

(2) يعني ته (اسان سان علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف خبر ڪئي). هت شروع ۾ ئي بلاذري، ابوالحسن المدائني جو خاص سڄو ذاتي نالو کنيو آهي، ۽ گمان غالب آهي ته بلاذري هيءُ سڄو باب خود مدائني جي زباني ٻڌو ۽ ان کي پنهنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو.

هيٺيان دليل هن نظريي جي تائيد ڪن ٿا:

(1) باب جي شروعات ئي مدائني جي ذاتي نالي جي سـَـنـَـدَ سان ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻئي ڪنهن به راوي جو نالو آندل ناهي.

(2) باب جي شروع ۾ جنهن پهرئين واقعي جو ذڪر آهي، سو آهي حضرت عمر رضه جي خلافت ۾ عمان ۽ بحرين جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي طرفان 5 هجري ۾ سندن ڀائرن حـُـڪـَـم ۽ مغيرا جي ڪمانڊ هيٺ ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻي جي بندرن تي سامونڊي حملا ۽ فتحون. جيڪڏهن مدائني جي سندَ ۽ زباني جو تعلق فقط هن واقعي سان هجي ها ته ان کان پوءِ ٻئي واقعي (حضرت عثمان رضه جي خلافت ۾ ’محاذ هند‘ بابت سرگرمي) يا ان بعد ٽئين واقعي (حضرت علي رضه جي خلافت ۾ ان محاذ تي فتحون) بابت بلاذري ضرور ڪنهن ٻئي راوي جي سـَـنـَـدَ پيش ڪري ها، جو سندس اصولي دستور آهي. مگر صرف باب جي شروع ۾ مدائني جي زباني جي سندَ پيش ڪرڻ بعد بلاذريءَ بنا ڪنهن ٻي سندَ جي مسلسل طور واقعن جو ذڪر ڪندو پئي ويو آهي.

(3) هن باب ۾ بلاذري، جڏهن به ڪن ٻين راوين جون روايتون ڏنيون آهن ته اهي صرف معترضه جملن طور هلندڙ بيان جي تصديق يا تڪميل يا ان کان اختلاف واضح ڪرڻ لاءِ آنديون آهن.(1) سڄي باب ۾ اصولي هلندڙ بيان اهوئي آهي جو منڍ کان ئي ابوالحسن المدائني جي زباني شروع ٿئي ٿو. انهن مان ظاهر آهي ته بلاذري جي هن ”فتوح السند“ واري باب جو اصل راوي ۽ مصنف مدائني آهي. يعقوبي فتوحات سنڌ بابت پنهنجي بيانن ۾ مدائني جو نالو سندَ طور ڪونه آندو آهي، مگر هيٺين دليلن جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي واقعن بعد، يعقوبي جو مکيه ماخذ مدائني آهي:

پهريون ته، سنڌ جي فتحن بابت يعقوبي جا بيان اصولي طور اهي ساڳيا آهن، جي بلاذريءَ ”فتوح السند“ جي باب هيٺ مدائني جي زباني نقل ڪيا آهن. يعقوبي اختصار سببان البت ڪي ڳالهيون حذف ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان سان گڏ ڪن چند ضعيف روايتن جو اضافو ڪيو آهي. ٻيو ته، يعقوبي پنهنجي تاريخ ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ اسناد جا سلسلا اڪثر ڇڏي ڏنا اٿس. انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي واقعن پڻ مدائني جي سـَـند کي حذف ڪري ڇڏيو اٿس. حالانڪ انهن واقعن بابت سندس بيان اهي ئي ساڳيا آهن، جي ٻين ڪتابن ۾ مدائني جي سندَ سان بيان ٿيل آهن. مثلاً يعقوبي (جلد 2 ص 278) امير معاويه جو عبدالله بن سوار کي ”چئن هزارن“ سان مڪران تي چاڙهي موڪلڻ جو ذڪر ڪيو آهي. بالڪل اهو ساڳيو بيان ”چئن هزارن“ فوج جي ذڪر سميت فتحنامي (ص 109) ۾ ابوالحسن مدائني جي روايت سان موجود آهي. ٽيون ته، اهو پڻ ثابت آهي ته مدائني کان يعقوبي واقف هو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي تاريخ (جلد 2 ص 4) ۾ مدائني جو نالو کنيو اٿس.

ابوجعفر الطبري، پنهنجي ضخيم تاريخ ۾ ابوالحسن مدائني کان سنئون سڌو گهڻو ڪجهه نقل ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ 500 روايتون مدائني جي سندَ سان نقل ڪيون اٿس. (1) خراسان جا جملي واقعا شروع کان آخر تائين گهڻو ڪري مدائني جي روايت سان آندا اٿس ۽ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مدائني جو ”ڪتاب فتوح خراسان“ سڄو استعمال ڪيو اٿس. ساڳيءَ طرح عراق جي فتحن ۽ نظام حڪومت بابت پڻ اڪثر حالات مدائني جي روايتن سان نقل ڪيا اٿس، ۽ غالباً مدائني جي ”ڪتاب فتوح العراق“ کي به طبري پوريءَ طرح استعمال ڪيو آهي. البت خاص مشرقي ملڪن، جهڙوڪ: ڪرمان، سجستان، ۽ مڪران جون فتحون، جي سنڌ جي فتح جو آغاز آهن، تن جا واقعا مدائني جي بدلي (جنهن انهن ملڪن جي فتحن بابت مستقل ڪتاب لکيا هئا) پنهنجن جداگانه روايتن ذريعي نقل ڪيا اٿس.(2) سنڌ جي فتح، ان بعد سنڌ جي عرب گورنرن، يا سنڌ متعلق ٻين سڌن اشارن بابت طبري تقريباً (40) چاليهه کن حوالا پنهنجي تاريخ ۾ آندا آهن. جن مان اڪثر مختصر ۽ سندَن کان سواءِ ڏنل آهن. جملي تقريباً 9 حوالا اهڙا آهن، جي سندَن سان آهن. (3) جن مان هڪ حوالو، منصور بن جمهور جو سنڌ ۾ ڀڄي اچڻ بابت، مدائنيءَ جي روايت سان ڏنل آهي. (1) ان کان سواءِ مدائني جي شاگرد عمر جي وسيلي سان طبري هڪ خاص بيان مدائني جي روايت سان نقل ڪيو آهي (قال عمر قال علي واخبرنا ابوعاصم الزيادي عن الهلواث الڪلبي قال ڪنا بالهندمع محمد بن القاسم- الخ 2x1275) جنهن جو اصل راوي محمد بن قاسم سان هندستان ۾ گڏ هو. ان مان ظاهر آهي ته سنڌ متعلق طبري، مدائني جي روايتن کان بخوبي واقف آهي. [1] [2] [3] [4] [5]

(1) اهڙيون جملي 12 روايتون آهن، جن تي غور ڪرڻ سان اسان جي هن نظريي جي پڪي تائيد ٿئي ٿي. مثلاً (1) ص ]437[ تي ديبل جي بتخاني جي ذڪر بعد تصديق طور محمد بن يحيٰ جي روايت ۽ منصور بن حاتم جي زباني پيش ڪئي اٿس، جنهن خود بلاذري جي ڏينهن ۾ بتخاني جو اهو ٺل ڏٺو هو. ساڳيءَ طرح ص 438 تي تصديق خاطر منصور بن حاتم جي زباني نقل ڪئي اٿس، جنهن ڏاهر ۽ سندس قاتل جون تصويرون ديبل ۽ ڀڙوچ ۾ ڏٺيون. (2) هلندڙ بيان جي تڪميل طور ص 437 تي محمد بن قاسم جو صلح ذريعي نّيرون فتح ڪرڻ جي روايت آندي اٿس. مگر ان ۾ ڪنهن به ٻئي راوي جو نالو ڪونه آندو اٿس ۽ ”قالوا“ (يعني ”چون ٿا“) جو لفظ آندو اٿس. ساڳي طرح “قالوا” (“چون ٿا”) جي شروعات سان ص 439 تي محمد بن قاسم جي طرفان حجاج ڏانهن موڪليل سون ۽ روڪڙ جو ذڪر ڪيو اٿس. ص 446 تي هلندڙ بيان جي تڪميل خاطر پنهنجي همعصرن هرهڪ منصور بن حاتم جو بيان (فضل بن ماهان متعلق) ۽ ٻيو ابوبڪر جو بيان (عسيغان جي حڪم بابت) ڏنو اٿس. (3) هلندڙ بيان کان اختلافي راين لاءِ، ص 433 ۽ ص 438 تي ”وقال“ جي لفظن سان معترضه جملن طور ”ابن الڪلبي“ جا بيان ڏنا اٿس، جن مان هڪ ۾ هن مڪران جو فاتح ”حڪيم بن جبله“ ڄاڻايو آهي ۽ ٻئي ۾ ڏاهر جي قاتل جو نالو ”قاسم بن ثعلبه“ ڏنو آهي. ساڳي طرح صفحن 434، 436 ۽ 442 تي هلندڙ بيان کان ڪي مختلف رايا ڏنا اٿس، مگر خود پاڻ انهن راين کي ضعيف سمجهي، انهن کي ”قال قوم“ (ڪي چون ٿا ته: ”قال بعضهم“ (”ڪن جو چوڻ آهي ته“): ”وقيل“ (”چيو وڃي ٿو ته“) جي لفظن سان آندو اٿس. بهرحال اهي جملي روايتون يا ته هلندڙ بيان (جو يقيني مدائني جو آهي) جي تصديق خاطر، يا ان جي مزيد تڪميل خاطر، يا ان کان اختلاف ڏيکارڻ خاطر آنديون اٿس. (1) اسان جي ڳاڻيٽي موجب طبري 503 دفعا مدائني جو نالو کنيو آهي. (2) مثلاً ڏسو طبري جلد 1 ص ص 2705، 2707، ۽ 2708 جتي سجستان، ڪرمان ۽ مڪران جي فتح واري روايت هن طرح بيان ٿيل آهي: ”ڪتب الي السري عن شعيب عن سيف عن محمد و طلحــہِ ”المهلب و عمرو قالوا- الخ“. [6] [7] [8] [9] [10]

  1. مولانا قاضي اسماعيل جي مٿي ڄاڻايل نسب جي صحت بابت ڏسو آخر ۾ ص 262، حاشيه 57 [9]
  2. يعقوبي وطن جي لحاظ سان اصفهان جو هو (ڏسو ابن الفقيه الهمداني جو ڪتاب البلدان ص 290)
  3. اهڙن بيانن لاءِ ”حدثني“ ”حدثنا“ ”اخبرني“ يا ”اخبرنا“ جا الفاظ آڻي مدائني جو نالو کنيو اٿس. ڏسو ”فتوح البلدان“ (مطبوع يورپ) ص ص 9، 11، 13، 35، 56، 73، 277، 280، 281، 300، 311، 323، 327، 336، 342، (ٻه روايتون)، 353، 356، 382، 384، 392، 431، 438 ۽ 464.
  4. اهڙن بيانن آڏو ”قال“ يا ”في روايـِة“ جا الفاظ آڻي مدائني جو نالو کنيو اٿس، ڏسو ”فتوح البلدان“ (مطبوع يورپ) ص ص 7، 47، 128، 219، 240، 247، 337، 344، 353، 358، 359، (ٻه روايتون)، 262، 365، 367، 373، 374، 382، 438، 465 ۽ 468.
  5. ايضاً، ص 421
  6. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/History/Book1/Book_page3.html
  7. سنڌي ادبي بورڊ
  8. ڏسو تاريخ طبري 2x1836، 2x1946، 2x1979، 3x149، 3x282، 3x359-360، 3x363، 3x409، 3x1233
  9. تاريخ طبري 3x1979 جتي مدائني جي روايت هن طرح ڄاڻايل آهي: ”ذڪر علي بن محمد بن عاصم بن حفص التميمي وغيره حدثوه- الخ“.
  10. ڪتاب: چچ نامو