رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سياسي طور تي هڪ منظم ملت جيڪا گھڻو ڪري آزاد هوندي آهي ۽ ان جي قبضي ۽ استعمال ۾ هڪ مستقل ۽ متعين علائقو هوندو آهي پر وفاقي جمهوريه جو ڪو حصو هن هيٺ نٿو اچي ، خواه اهو رياست ئي چورائيندو هجي، جيئن گڏيل آمريڪي رياستون يا ڀارت جي ڪا رياست يا صوبو۔ وفاق ۾ شامل رياستون صرف اندروني معاملن ۾ خود مختيار هونديون آهن۔ ٻاهريان معاملا ، ڪرنسی ، دفاع وغيرہ تي وفاق يا مرڪز جو ڪنٽرول هوندو آهي۔

رياست جو ٺهڻ[سنواريو]

رياست جو قيام ان لاء عمل ۾ آندو ويندو آهي ته مخصوص علائقي ۾ آباد فردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو پورو پورو موقعو ملي ۽ هو امن ۽ سڪون جي فضا ۾ پنهنجيون زندگيون گزاري سگهن.

شهري رياست[سنواريو]

ڪنهن به حڪومت، وفاق يا قوم جي هٿ هيٺ قائم ٿيل هڪ سياسي ايڪو، جيڪو مرڪزي اختيار ۽ جائز طاقت جي ذريعي خاص علائقي جو ڪاروهنوار هلائي سگهي. رياست جي بنيادي جزن ۾ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حد بندين تي ٻڌل علائقو، علائقي مٿان مڪمل اختيار، موچاري انگ ۾ آبادي، معاشي سرگرمي ۽ واپار ، صحت ۽ تعليم سميت مختلف سماجي سرشتا هلائيندڙ انتظامي ڍانچو شامل آهن . رياست جي مک ادارن ۾ انتظامي ڪامورا ، عدالتون، قانون جوڙيندڙ ۽ لاڳو ڪرائيندڙ ادارا ، سياسي/ مذهبي جماعتون ۽ ٻيا شعبا موجود هوندا آهن. رياست جي اداري جي شروعات آڳاٽي زماني کان ٿيل آهي، پر عام طرح يونان جي ’شهري رياستن‘ (700-338ق-م) کي ابتدائي ۽ منظم رياستي ڍانچي طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان سرشتي کي پوءِ رومي، ايراني، هندوستاني، اسلامي ۽ يورپي معاشرن نوان لاڙا ڏنا.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد