سنڌو لکت فونٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(انڊس اسڪرپٽ فونٽ کان چوريل)
سنڌو لکت فونٽ
ٽائيپ جو تخليقڪار موهن جي دڙي جو قومي فنڊ
تخليق جي تاريخ 2016
جاري ٿيڻ جي تاريخ 2017
لائسنس مالڪاڻو

سنڌو لکت فونٽ:(انگريزي: Indus Script Font ) سنڌو لکت جي کوجنا تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر آسڪو پارپولا (Dr. Asko Parpola) جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي چئن مھينن جي لڳاتار جاکوڙ کانپوءِ سنڌو لکت جي 1839 نشانين کي مڪمل گرافيڪل ڏيک سان سنواري، ڪمپيوٽر جي ٻولين جي بنيادي سرشتي لاءِ ڪتب ايندڙ فونٽ فارميٽ ۾ تيار ڪرڻ ۾ پھرين ڪاميابي ملي آھي، سنڌو لکت فونٽ (Indus Script Font) جي ڪم ۾ ٻوليءَ جي انجنيئرنگ جو ڪم، ٻولي انجنيئرنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي ۽ شبير ڪنڀار سرانجام ڏنو آھي. ھيءُ ڪم سياحت ثقافت ۽ نوادرات کاتي سنڌ[1] جي سهڪار سان جاري ڪيل قومي فنڊ جي مد ۾ ڊاڪٽرڪليم الله لاشاريءَ جي صلاح سان ھن عملي مرحلي تائين رسيو آھي. سنڌو لکت فونٽ جي تيار ڪرڻ ۾ شبير ڪنڀار جو عملي پورهيو تمام گهڻو رهيو جنهن لاڳاتار هن تي ڪم ڪيو.

سنڌو لکت جي مشيني اپٽار، جو ھي پھريون مرحلو آھي. هن ڪم جي ذريعي سنڌو لکت جي لڳ ڀڳ سڀني نشانين/ اکرن کي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي چڪي آهي.[2][3]

حوالا[سنواريو]