طاغوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طاغوت قرآن ۾ استعمال ٿيل ھڪ لفظ آهي جنھن جو ذڪر سورة البقرة جي آيت 256 ۽ سورة النساء جي آيت نمبر 51 ۾ ٿيل آهي. ان جي لغوي معنيَ آهي ھر اھو شخص جيڪو پنھنجي جائز حد اورانگھي چڪو ھجي[1]. قرآن ۾ ان جو مطلب اھو بندو آهي جيڪو بندگي جي حد اورانگھي خود آقا ۽ خداوندي جي دعوا ڪري ۽ خدا جي بندن کان پنھنجي بندگي ڪرائي[1]. خدا جي مقابلي ۾ ڪنھن بندي جي سرڪشي جا ٽي درجا آهن: ھڪ اھو تہ بندو خدا جي فرمانبرداري جي حق کي مڃي پر عملن ان جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري. ان قسم جي سرڪشي کي فسق چيو ويندو آهي[1]; ٻيو اھو تہ خدا جي فرمانبرداري کان اصولن منحرف ٿي وڃي ۽ يا تي خودمختيار ٿي وڃي يا ڪنھن ٻئي جي بندگي ڪري. ان کي ڪفر چيو ويندو آهي[1]; ٽيون اھو تہ اھو مالڪ کان باغي ٿي ان جي ملڪ ۽ رعيت تي پنھنجو حڪم ھلائي. ان قسم جي درجي کي طاغوت سڏيو ويندو آهي[1]. ڪوبہ شخص صحيح معني ۾ الله جو مومن نہ ٿو ٿي سگھي جيستائين طاغوت جو منڪر نہ ھجي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :196