شيرون اسٽون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

10 مارچ 1958ع تي پيدا ٿيل شيرون اسٽون جو ڄم ميڊ وائيل پينسلوانيا آمريڪا ۾ ٿيو. هڪ اداڪاره، ماڊل ۽ پيشڪار شيرون اسٽون جو اصلي نالو شيرون ووني اسٽون آهي. سندس پيءُ جوزف وليم اسٽون هڪ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو. جڏهن تہ سندس ماءُ اڪائونٽنٽ هئي. کيس ننڍي هوندي کان ئي بي انتها پڙهائيءَ جو شوق هو. عمر ڪجهه اڳيان وڌي تہ هن حُسن جي مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 'مس پينسلوانيا` جي مقابلي ۾ شرڪت دوران هڪ جج کيس نيويارڪ وڃڻ جو مشورو ڏنو تہ جيئن هوءَ وڌيڪ اڳيان اچي ۽ اڀري سگهي.

شيرون فرانس ۾ 1991

نيويارڪ اچي هن فيشن ماڊل بڻجڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪيائين. کيس هڪ ايڪسٽرا جو ڪردار، ووڊي ايلن جي فلم ۾ مليو. جنهن کانپوءِ هن پوئتي مڙي نہ ڏٺو ۽ اڳتي ئي وڌندي رهي.
شيرون اسٽون جو شمار هالي ووڊ جي حسين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو. سندس مشهور ترين فلمن ۾ ´ٽوٽل ريڪال`، ´بيسڪ انسٽنڪٽ`، ´ڪيسينو`، ´دي ڪوئڪ ائنڊ دي ڊيڊ` جو شمار ٿئي ٿو. دنيا جي پنجاھ حسين ترين عورتن ۾ شمار ٿيندڙ هن اداڪاره ´گولڊن گلوب ايوارڊ` ۽ ´اڪيڊمي ايوارڊ` پڻ ماڻيو آهي. کيس 1995ع ۾ ´وومين ائنڊ فلم ڪرسٽل ايوارڊ` بہ ڏنو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪاوش گئلري، سومر 21 سيپٽمبر 2015ع، روزاني ڪاوش اخبار.