مواد ڏانھن هلو

شيرون اسٽون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيرون اسٽون
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (انگريزي ۾: Sharon Vonne Stone)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم
شھريت
قد
ڌرم
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
اعزازات
دستخط
 
ويب سائٽ

10 مارچ 1958ع تي پيدا ٿيل شيرون اسٽون جو ڄم ميڊ وائيل پينسلوانيا آمريڪا ۾ ٿيو. هڪ اداڪاره، ماڊل ۽ پيشڪار شيرون اسٽون جو اصلي نالو شيرون ووني اسٽون آهي. سندس پيءُ جوزف وليم اسٽون هڪ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو. جڏهن تہ سندس ماءُ اڪائونٽنٽ هئي. کيس ننڍي هوندي کان ئي بي انتها پڙهائيءَ جو شوق هو. عمر ڪجهه اڳيان وڌي تہ هن حُسن جي مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 'مس پينسلوانيا` جي مقابلي ۾ شرڪت دوران هڪ جج کيس نيويارڪ وڃڻ جو مشورو ڏنو تہ جيئن هوءَ وڌيڪ اڳيان اچي ۽ اڀري سگهي. نيويارڪ اچي هن فيشن ماڊل بڻجڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪيائين. کيس هڪ ايڪسٽرا جو ڪردار، ووڊي ايلن جي فلم ۾ مليو. جنهن کانپوءِ هن پوئتي مڙي نہ ڏٺو ۽ اڳتي ئي وڌندي رهي.
شيرون اسٽون جو شمار هالي ووڊ جي حسين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو. سندس مشهور ترين فلمن ۾ ´ٽوٽل ريڪال`، ´بيسڪ انسٽنڪٽ`، ´ڪيسينو`، ´دي ڪوئڪ ائنڊ دي ڊيڊ` جو شمار ٿئي ٿو. دنيا جي پنجاھ حسين ترين عورتن ۾ شمار ٿيندڙ هن اداڪاره ´گولڊن گلوب ايوارڊ` ۽ ´اڪيڊمي ايوارڊ` پڻ ماڻيو آهي. کيس 1995ع ۾ ´وومين ائنڊ فلم ڪرسٽل ايوارڊ` بہ ڏنو ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪاوش گئلري، سومر 21 سيپٽمبر 2015ع، روزاني ڪاوش اخبار.