هيرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هيرا
Hera
پرڻو, زالن, ٻارڄمڻ, ۽ ڪُٽنب جي ديوي ديوتا

ڪيمپانا هيرا، هڪ هيلنسٽڪ اصل جي رومن ڪاپي، لووير کان]]
ٺِڪاڻو اولمپس جبل
نشاني ڏاڙهون, مورپکي جا کنڀ, تاج( ڇٽ), ڳئون, سوُسن گل, ڪنول گل (لوٽس), ڪوئل پکي, چيتو (جانور), شاهي ملازم, تخت شاهي, شينهن
ساٿي زيوس
ماءُپيءُ ڪرونس ۽ ريئا
ڀاء ڀيڻ پوسائڊن, هاديس, ديميتر, هيستيا, زيوس, چيرون
ٻچو اينجيلوس, آريس, ايليئٿيا, اينيو, اريز, هيبي, هفائستس
سواري مور پکي وسيلي چٽيل رَٿُ
رومي هم معنيٰ لفظ جُونو
اتروسي هم معنيٰ لفظ يوني

هيرا (انگريزي ٻولي: Hera) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿا ۾ عورتن، پرڻو، ڪُٽنب، ۽ ٻار جو جنم جي ديوي آهي، ٻارنهن اولمپين منجهان هڪ آهي ۽ زيئس جي ڀيڻ-زال آهي. هيءَ ٽائٽنس ڪرونس ۽ ريئا جي ڌيءُ آهي. هيرا اولمپس جبل تي ديوتائن جي راڻي بڻجي حڪمراني ڪئي. هڪ پرڻيل شخصيت طور، هيرا پرڻيل زالن جي سرپرستي ۽ رکوالي ٻنهين حيثيت سان خدمتون ڏنيون، شادين جي صدارت ڪندي ازدواجي ميلاپن کي آسيس ڏني. هيرا جو هڪ ڳُڻ هي هيو تہ هوءَ زيئوس جي انيڪ محبوبائن ۽ ناجائز ٻارن سميت کيس آڏو مخالفت ڪندڙ انسانن جي خلاف پڻ ساڙ ۽ ڪينو رکندڙ فطرت هئي. هيرا عام طور انهن جانورن سان گڏ ڏٺو ويندو هيو جن کي هوءَ، ڳئون، شينهن ۽ مور سميت پويتر سمجهندي هئي. هيرا کي شاهاڻو ۽ گنڀير طور، اڪثر تخت تي ويهاريل ۽ گلن جو تاج پاتل (هڪ اعليٰ ويلڻ جهڙو تاج، جيڪو ڪيترن ئي عظيم ديوين کي پاتل هيو) ڏيکاريل هيو، هيرا پنهنجي هٿ ۾ هڪ ڏاڙهون کنيون بيٺل هئي، اهو زرخيز رت ۽ موت جو نشان ۽ آفيم ڏوڏي جي نشي آڻيندڙ ڪيپسول جو متبادل هيو.[1] يوناني اسڪالر والٽر برڪارت يوناني مذهب ۾ لکي ٿو ته، "تنهنڪري، ارگوس ۾ هڪ ٿنڀ ۽ ساموس ۾ تختو وانگر، ان کان اڳ جي علامتي نمائندگي جون يادون آهن."[2] ساڳئي زماني ۾ سندس هڪجهڙائي رتبو ۾ رومن جي جونو آهي.[3]

تعارف[سنواريو]

هيرا يوناني ڏندڪٿا (ديومالا) قصي ۾ خدا‎ئن جي بادشاهہ زيوس جي زال ۽ ڀيڻ هئي. هوءَ اولمپس جبل جي ٻارنهن اولمپوي ۾ شامل هئي ۽ گهرن جي خدا هئي. ان جي جانور ڳئون ۽ مور آهن.

ماءُ پيءُ[سنواريو]

زيوس ڪرونس ۽ ريها جو سڀ کان ننڍو پُٽ هيو. جيڪو هيرا جو مڙش هيو

ڀائر ڀينر[سنواريو]

هيرا جا چار ڀائر هيا، جن جا نالا زيوس، پوزائڊن، هادس ۽ ڊميٽر هيا. انکانسواءِ، سندس هڪ ڀيڻ هئي جنهن جو نالو هيسٽيا هيو

بُڻ ڀياسُ[سنواريو]

هيرا جو نالو ڪيترن ئي ٿيڻو ۽ گڏيل نرالو بُڻ بڻياد وارو آهي. هڪ ٿئڻي هيئن آهي تہ اهو يوناني وپا هورا، مُند سان جوڙي ٿو ۽ ان جي شادي لاءِ پَڪَلُ هجڻ جي ترجماني ڪري ٿو ۽ افلاطون (پليٽو) جي مطابق، "پريتم جاني"[4] جيئن تہ چيل آهي تہ زيوس هن سان شادي محبت جي لاءِ ڪئي هئي.[5]

پنٿ پوڄا[سنواريو]

هيرا جو مندر ايگريجينتو, وٽ ميگنا گريئسيا ۾.

هيرا شايد پهرئين ديوتا هئي جن لاءِ يونانين 800 ورهيا مسيح کان اڳ ۾ سموس ڀرسان هڪ مندر عبادت گاهه کي ڇت ڏئي محفوظ ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي. بعد ۾ ان جي جڳهہ تي سموس جي هيرائن سان تبديل ڪيو ويو هيو، جيڪو سمورن يوناني مندرن ۾ سڀ کان اوڏو مندر (کليل آسمان هيٺ مندرن سامهون قربان گاھ هيون) هيو. ان سائٽ تي ڪيترن ئي مندرن جي اڏاوت ڪئي وئي هئي تنهنڪري ڪنهن حد تائين ثابتي منجهائيندڙ آهي ۽ آثار قديمہ جون تاريخون غير يقيني (شڪي) آهن.

اهميت[سنواريو]

والٽر برڪارت جي مطابق، هيرا ۽ ڊيميٽر ٻنهي ۾ يوناني عظيم ديوي ديوتائن جا ڪيترائي ڳُڻ (خاصيتون) آهن.[6]

مادر شاهي[سنواريو]

اڻويهين صدي جي وچ ۾ ان ڳالهه بابت ڪيترائي علم حاصل ٿيا، جيڪي جوهان جيڪوب بچوفن وٽ ان امڪان بابت واپس پهتا تہ هيرا، جنهن جي شروعاتي اهميت يوناني مذهب ۾ پختي نموني قائم آهي، اصل ۾ هڪ پرڻيل ماڻهن جي ديوي هئي،[7] هيلينيس کان اڳ يونان ۾ شايد آباد (رهندي) هئي. ان خيال مطابق، شادي جي ديوي واري حيثيت سان هن جي سرگرمي پنهنجي ئي ماتحت جو اهم تعلق قائم ڪيو: زيوس جي سوڀُن خلاف ان جي مزاحمت کي هيرا جي "ساڙ" طور پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ان جي قديم فرقي کي متاثر ڪندڙ ادبي قصن جو مرڪزي موضوع آهي. تنهن هوندي، هي هڪ تڪراري دعويٰ آهي تہ اوائلي پرڻيل (ازدواجي primitive matriarchy) يونان ۾ يا ڪٿي ٻئي هنڌ موجود هئي.

زيوس سان شادي[سنواريو]

جوزف پيلنڪ - جونو، 1832
جونو خوشبو جي واپاري نشان
جيڪوپو ٽينٽوريٽو - کيرڌارا (ملڪي وي ڪھڪشان) جو مُنڍ - گوگل آرٽ پروجيڪٽ

هيرا پنهنجي ساڙ حسد لاءِ سُڃاتي ويندي آهي، ايتري تائين تہ زيئس (زيوس)، کيس عام طور بيباڪ (بي خوف) طور پيش ڪيو آهي، جيڪو سندس جوش ڀريل ڪاوڙ کان ڊڄندو هيو. زيوس کي هيرا سان محبت ٿي وئي، پر هن سندس شادي جي پهرئين سڱ جي آڇ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ زيوس جانورن ۽ ٻين ساهوران جي شڪار لاءِ پنهنجي همدردي جو اظهار ڪيو، گجگوڙ ڪندڙ طوفان ٺاهيائين ۽ پنهنجي پاڻ کي هڪ ننڍڙي ڪوئل پکيءَ ۾ تبديل ڪيائين. ڪوئل پکي جي شڪل ۾، زيوس دريءَ کان ٻاهر اهنج ۾ هجڻ جو بهانو ڪيو. هيرا، کي پکي تي رحم آيو ۽ ان کي اندر کڻي آئي ۽ کيس گرم- ڪوسو ڪرڻ لاءِ ان پکي کي پنهنجي اُرھ ۾ لڪايو. پوءِ زيوس ڪوئل پکي جي صورت منجهان پنهنجي اصلي روپ ۾ واپس اچي ويو ۽ هيرا سان زوريءَ زنا (ريپ) ڪيائين. هيرا، پاڻ سان ٿيل غير واجبي (استحصال) تي شرمندي ٿي، زيئوس سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي. سندن شادي لاءِ سموري سرشٽي (فطرت) ٻهڪي ٽِڙڻ لڳي ۽ ڪيترن ئي تحفن جي ڏي وٺ ٿي.[8]

نوٽس[سنواريو]

  1. Ruck, Carl A.P., and Danny Staples, The World of Classical Myth, 1994.
  2. والٽر برڪارت, Greek Religion, (Harvard University Press) 1985, p. 131
  3. Larousse Desk Reference Encyclopedia, دي بڪ پيپل, Haydock, 1995, p. 215.
  4. ἐρατός at LSJ
  5. افلاطون (پليٽو), ڪريٽلس, 404c
  6. "The goddesses of Greek polytheism, "Mistress of the Beasts", and Mistress of the Sacrifice, even Hera and Demeter."
  7. Bachofen, Mutterrecht 1861, as Mother Right: An Investigation of the Religious and Juridical Character of Matriarchy in the Ancient World. Bachofen was seminal in the writings of Jane Ellen Harrison and other students of Greek myth.
  8. D'Aulaire, Ingri; D'Aulaire, Edgar Parin (1992). D'Aulaires' Book of Greek Myths. Delacorte Books for Young Readers. p. 24. ISBN 0440406943. 

حوالا[سنواريو]

  • Walter Burkert, Greek Religion 1985.
  • Burkert, Walter, The Orientalizing Revolution: Near Eastern Influence on Greek Culture in the Early Archaic Age, 1998
  • Farnell, Lewis Richard, The cults of the Greek states I: Zeus, Hera Athena Oxford, 1896.

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]