آمنه جروار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آمنه جروار (انگريزي: Amina Jarwar) سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار آهي. هن ماتلي ويجهو ڳوٺ اي بي هسواڻيءَ ۾ استاد الهبچايو جي ڪکائين گهر ۾ جنم ورتو. 16 جنوري 2015ع جي روزآني ڪاوش جي رپورٽ مطابق آمنه انٽر پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ شاهه عبدالطيف جو سمورو رسالو به حفظ ڪري چڪي آهي. هن پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙو اسڪول به کوليو آهي ته جيئن شاه لطيف جي ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ جي وطن سان محبت ۽ عالمي امن جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچائي سگهي. گهر ۾ قائم ڪيل ان اسڪول ۾ آمنه ، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شاهه لطيف جي شاعري جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿي ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۾ ڪتب آيل لفظن ۽ تشبيهن جي باري سمجهائي ٿي. آمنه جروار جي خواهش آهي عام ماڻهو تائين لطيف جو پيغام پهچائجي ته جيئن اهي لطيف کي پڙهڻ کان پوءِ سمجهي ان تي عمل ڪن ۽ لطيف جي پيغام کي اڳيان وڌائن. [1] [2] [3] [4]

حوالا[سنواريو]