حر ڪئمپ جوهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حر ڪئمپ جوهي جو اوڀرندو مُک دروازو

حر ڪئمپ جوهي انگريزي (Hur Camp Johi) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي شهر جوهي کان اٽڪل 5 يا 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف ڦلجي جوهي روڊ لڳ واقع آهي ۽ جوهي بئراج منجهان نڪرندڙ ستين شاخ ويجهو آهي. هن کي حرن جو لوڙهو به چيو ويندو آهي. برطانوي هندستان ۾ انگريز جي راڄ وقت حرن کي اٽڪل 1940ع کان 1941ع ۾ ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويو هو.پير صبغت الله شاهه راشدي ثاني عرف عام سورهيه بادشاهه جي ڏينهن ۾ اٽڪل 1930ع ۾ حر تحريڪ زور ورتو. پير صاحب کي 1936ع ڌاري گرفتار ڪيو ويو ۽ 1939ع آزاد ٿيو پر شرش پرپا ڪرڻ ڪري کيس ٻيهر گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو ته حرن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو جنهنڪري کين ڪٽنبن سميت گرفتار ڪيو ويو. هي ڪئمپ اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هن ڪئمپ کي ڪوٽ به آيل هو. هت سرڪاري طرح جيل ۽ ٿاڻو به هوندو هو جيڪو حرن تي ڪڙي نظر رکڻ لاءِ قائم ٿيل هو. ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ ڪئمپ کي چوڦير بند به آيل هوندو هو. حُرن جي جي ڪٽنبن سميت حاضري ٿيندي هئي. حرن کي مختلف پورهين سان لڳايو ويو هو. سرڪاري ڪارندن جو پگهار به حرن جي مزدوري يا پورهئي مان ڪاٽي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن حر کان ڪو نقصان سرزد ٿيندو هو ته کين ڪڙي سزا به ملندي هئي ته کانئن نقصان به ڀرايو ويندو هو، واهي پانڌي کان اولهه ۾ کيرٿر جبلن ۾ نئي نلي جو هڪ حر ڍورو آهي جيڪو به ممڪن آهي ته باندي حرن سان منسوب هجي يا حرن کي اذيت ڏيڻ لاءِ اُتي رهايو ويو هجي جنهن کان پوءِ حر ڍوري طور مشهور ٿيو هجي. حر ڪئمپ جوهي ٻن حصن ۾ قائم هئي. وڏي حصي ۾ ڪٽنبن سميت حر جهوپڙين ۾ واڙيل هئا ءُ ٻيو حصو سرڪاري عملدارن جي رهائش لاءِ هوندو هو. حر ڪئمپ واري جيل ۽ ٿاڻي ۾ ورهاڱي کان پوءِ اسڪول قائم ڪيو ويو هو. حرمجادن کان زراعت جو ڪم به ڪرايو ويندو هو ته مختلف سرڪاري کاتن ۾ اجرت تي به رکيو ويو هو. ڪن کي چوپايو مال چارڻ لاءِ ڏنو ويو هو. حر مجاهد ملهه پهلوان به هوندا هئا جيڪي مڪامي ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندا هئا. حر مجاهد اٽڪل 1951ع يا 1952ع ۾ واپس پنهنجي پڊن ڏانهن منتقل ڪيا وياهئا.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]