مواد ڏانھن هلو

ڏيهي آريائي ٻوليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن وقت جيڪي سنسڪرت مان پيدا ٿيل ڏيهي آريائي ٻوليون يا هندو آريائي ٻوليون [1] (سنڌي، هندي، گجراتي وغيره) چالو آهن، سي پراڪرت ٻولين جي اپڀرنش يا بگڙيل صورتن مان هيٺينءَ ريت پيداٿيون آهن:

(1) مهاراشٽري

[سنواريو]

مرهٽن جي ملڪ کي ”مهاراشٽر“ يعني وڏو پرڳڻو يا وڏي حڪومت چئبو آهي، ۽ اتي جي ٻولي مهاراشٽري پراڪرت سڏبي هئي، جا پوءِ ”اپڀرنش“ ٿي، يعني بگڙي. اها مهاراشٽري اپڀرنش پراڪرت وڌيڪ بگڙي، جنهن مان مراهٽي ۽ ڪوڪني ٻوليون پيدا ٿيون.

(2) ماگڌي

[سنواريو]

بهار (Bihaar) جو ڏاکڻو ڀاڱو آڳاٽي زماني ۾ مگڌ ديش جي پراڪرت، سڏبي هئي. اها ٻولي وڏي ايراضيءَ ۾ چالو هئي، تنهنڪري ان جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت جا گهڻا نمونا هئا. انهن علحدن نمونن مان هاڻوڪي بنگ ڀاشا يعني بينگالي ٻولي، آسامي، اُڙيا، يعني اوڙيسا جي ٻولي، منٿلي، ڀوڄپوري ۽ ناگپوري ٻوليون پيدا ٿيون آهن. بينگالي ۽ آڙيا هڪٻئي کي گهڻو ويجهيون آهن. (3) ارڌ ماگڌي- مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي (بينگال وغيره) کان وٺي هاڻوڪي الله آباد جي دنگ تائين جيڪا پراڪرت چالو هئي، سا ”ارڌ ماگڌي“ يعني ”اڌماگڌي“ سڏبي هئي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ اڌ جيتري ماگڌي ۽ اڌ جيتري پنجاب طرف جي شوُرسيني پراڪرت گڏيل هئي. انهيءَ ارڌماگڏي جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت مان ” پوربي هندي“ پيدا ٿي، جا اَگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن (United provinces) جا پورپي ڀيّا ڳالهائيندا آهن.’پڇمي هندي‘، جنهن کي عام طرح ’هندستاني‘(اڙدو) چئجي ٿو، سا هن ’پوري هندي‘ کان نرالي آهي- مثلاً:

پوربي هندي- ڀيين، ڪا ڪَروَت؟ پڇمي هندي- ڀائي ڪيا ڪرتي هو؟

پوربي هندي- موري اکيان، يعني منهنجون اکيون. پڇمي هندي- ميري آنکين، يعني منهنجون اکيون.

اهڙيءَ طرح ٻيا منجهن گهڻا تفاوت آهن.

پوربي هنديءَ جون مکيه شاخون ائوڌي يعني ائوڌ (ايوڌا) جي ٻولي، بنڊيلي يعني بنڊيل کنڊ جي ٻولي ۽ ڪنوجي آهن. تلسي ڪرت رامائڻ، ڪبير ڀڳت جا سلوڪ ۽ ٻيا ڪيترا پستڪ پوربي هنديءَ ۾ لکيل آهن.

(4) شَورسيني

[سنواريو]

مهاڀارت جي زماني ۾ راجا ڪنس کان گهڻو اڳي مٿرا جو راجا شوُرسين هو، تنهنڪري مٿرا ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ سندس پٺيان شوُرسين سڏبو هو ۽ اتي جي ٻولي شوُرسيني پراڪرت ڪوٺجڻ ۾ آئي. اها پراڪرت تمام وڏي ايراضيءَ ۾ ڦهليل هئي. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي پنهنجي ٺاهيل بينگالي ٻولي جي تاريخ صفحي 113 ۾ ڄاڻايو آهي ته شوُرسيني اپڀرنش پنجاب جي الهندي طرف کان وٺي گجرات ۾ بينگال تائين چالو هئي، ۽ جيئن هينئر هندستاني ٻولي عام آهي، تيئن عام هئي. ان جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت جا گهڻا نمونا هئا.

(الف) مٿرا ۽ ان جي آسپاس واري ملڪ ۾ بلڪ دهليءَ تائين، شوُرسيني اپڀرنش چالو هئي، جا ڦري هاڻوڪي پڇمي هندي ٿي، جنهن جي مکيه شاخ ’برج ڀاشا‘، يعني برج جي ٻولي آهي*. ڀڳت سورداس جي واڻي برج ڀاشا ۾ لکيل آهي.

(ب) مغلن جي صاحبيءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي عدل ۽انصاف جون ساکون ٻڌي،ڪٿان ڪٿان جامسلمان دهليءَ ۾ آيا ۽ اتي جي هنديءَ ۾ سندن ڪيترا عربي ۽ فارسي وغيره لفظ گڏجي ويا. اها گاڏڙ ٻولي پوءِ مغلن جي اُڙدَ يعني لشڪر جي ڇانوڻيءَ ۾ عام طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهنڪري ’اڙدو‘ يعني لشڪر جي ڇانوڻيءَ جي بولي نالو پيس- اڙدوءَ ۾ لکيل شعر جي ٻوليءَ کي عام طرح ’ريختہ‘سڏين ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي ذرا يا ڪريل ٽُڪر. ان ۾ ڪي جزا هنديءَ جا ته ڪي عربي ۽ فارسي وغيره جا آهن، تنهنڪري اهو نالو پيس. مغلن جي لشڪر اها ٻولي پوءِ هندستان جي ڳچ ڀاڱي ۾ ڦهلائي، تنهنڪري ’هندستاني‘ سڏجڻ ۾ آئي. هاڻ تفاوت هي آهي ته ’هندي‘اها چئجي، جنهن ۾ سنسڪرت بنياد جا لفظ گهڻا هجن ۽ اڙدو يا هندستاني اها آهي جنهن ۾ عربي، فارسي لفظ گهڻا مليل هجن- پر اڙدو به شوُرسيني پراڪرت مان پيدا ٿي آهي.

(ٻ) سڄي پنجاب ۾ اصل شوُرسيني پراڪرت چالو هئي، جنهن مان هندي ڌار ته اڙدو ڌار پيدا ٿي، پر الهندي طرفان پنجاب ڏي ڪشميري، سرائڪي ۽ ٻين داردڪ ٻولين جي لهر آئي، ۽ اتي جي ’تاڪ‘ لوڪن جي نالي پٺيان اها ’تاڪ اپڀرنش‘ سڏجڻ ۾ آئي، جا پوءِ ڦري پنجابي ٻولي ٿي- مطلب ته هنديءَ ۾ ڪشميري ۽ سرائڪي گڏجي ويئي، ۽ انهن جي ميلاپ مان پنجابي ٻولي ٺهي.

(ڀ) گجرات ۽ راجپوتانا ڏي به پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت چالو هئي، جو مهاڀارت واري زماني کان وٺي، سري ڪرشن ۽ ڪيترا ٻيا جادوُنسي، دوارڪا طرف اچي رهيا هئا ۽ پوءِ به لڙهه وچڙ جام هئي، پر گجرات ۾ ڏکڻ طرفان مهاراشٽري، پراڪرت جي به لهر آئي. هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته جيئن مهاراجا اشوڪ پالي ٻولي ڦهلائي، تيئن 68ع ۾ راجا هالا مهاراشٽري پراڪرت جو ڦهلاءُ ڪيو. مرهٽن به وارو ڏيئي گجرات تي پئي ڪاهيو. انهيءَ ريت پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت جي ميلاپ ڪري گجرات ۾ هڪ گاڏڙ ٻولي ٺهي، جنهن تي علحدو نالو ’سؤر شٽري پراڪرت پيو.‘ ’سؤراشٽر‘ جو اچار بگڙجي ’سورٺ‘ ٿيو آهي. سؤراشٽري يا سورٺي پراڪرت جو هڪ بگڙيل نمونو ’ناگر اپڀرنش‘ آهي (گجرات جا ’ناگر‘ برهمڻ اڄ تائين مشهور آهن). ناگر اپڀرنش وڏي ايراضيءَ ۾ چالو هئي، تنهنڪري ان جا ٻه مکيه نمونا هئا: هڪڙو ناگر ۽ ٻيو اُپناگر. گجرات تي نالو ’گورجر‘قوم تان پيو آهي ۽ انهن گورجرن جي ٻولي ’گورجر اپڀرنش‘ سڏبي هئي، جا ڦري هاڻوڪي گجراتي ٻولي ٿي آهي. ناگر اپڀرنش جو ٻيو بگڙيل نمونو، جو اُجين ۽ ان جي آسپاس وارن هنڌن ۾ چالو هو، تنهن کي ’آونته اپڀرنش‘ چوندا هئا ۽ انهيءَ مان راجستاني يعني راجپوتانا طرف جون ٻوليون (مارواڙي ۽ جيسلميري وغيره) پيدا ٿيون آهن. (ت) سنڌ ۾ جيڪا اپڀرنش چالو هئي، سا گهڻو بگڙيل هئي، تنهنڪري اها ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني گهڻو بگڙيل يا ردي ٻولي سڏبي هئي. اها وراچڊ اپڀرنش وڌيڪ بگڙجي هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي آهي. سنڌ جي ٻولي وڌيڪ بگڙجڻ جا سبب اڳيئي ڄاڻايا ويا آهن.

وراچڊ اپڀرنش

[سنواريو]

هندي، پنجابي ۽ گجراتيءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ جو سمورو گهاٽ پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت تي ٻڌل آهي؛ پر جيئن گجرات طرف جي ٻوليءَ تي ڌار نالو سؤراشٽري پراڪرت رکيل هو، تيئن سنڌ جي پراڪرت تي ڪو ڌار نالو رکيل هو يا نه، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڪانهي. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجين علم لغات بابت تقريرن (صفحي 232) ۾ هيئن چيو آهي ته جنهن صورت ۾ پراڪرت وياڪرت جي باري ۾ آندو آهي، تنهن صورت ۾ گجراتي، سنڌي، پنجابي ۽ هندي اهي چارئي قديم شوُرسيني پراڪرت جون عيوضياڻيون ڪري سمجهڻ گهرجن. هيءَ به تاريخي حقيقت آهي ته پنجاب، گجرات، راجپوتانا ۽ سنڌ جي حڪومت ايامن کان گڏيل هئي ۽ انهيءَ ڪري انهن سڀني هنڌ شوُرسيني پراڪرت چالو ٿي هئي. اهي ڳالهيون ڳڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هن وقت جيڪڏهن پيڙهي ڇڪبي، ته چئبو ته وراچڊ اپڀرنش ان جي سڳي ماءُ ٿئي، پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت (يا ان جو ڪو نمونو جو سنڌ ۾ چالو هو) ان جي ناني ٿئي، ۽ سنسڪرت ٻولي، جا رگ ويد واري زماني کان وٺي سڄي هندستان ۾ ڳالهائڻ ايندي هئي، سا ان جي پڙ ناني ٿئي، ۽ سنسڪرت خود انڊو-يوروپين ٻولين جي هڪ شاخ آهي، جنهنڪري سنڌيءَ جو جگري ناتو ايران ۽ يورپ جي ڪيترين ٻولين سان آهي.

وراچڊ اپڀرنش جون مکيه خاصيتون

[سنواريو]

وراچڊ اپڀرنش ڦري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي آهي، سا پڪ اسان کي هن طرح ئي آهي، جو مارڪڻڊيه نالي هڪ پراڪرت وياڪرڻ جوڙيندڙ پنهنجي ٺاهيل وياڪرڻ ۾ چٽيءَ ريت ڄاڻايو آهي، ته سنڌ ۾ جيڪا اپڀرنش چالو هئي، سا ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني گهڻو بگڙيل يا ردي ٻولي سڏبي هئي. مارڪڻڊيه ان جي ڪن مکيه خاصيتن جو به ٿورو ذڪر ڪيو آهي: پنهنجي وياڪرڻ ۾ چوي ٿو ته ’سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جي اڳياڙيءَ واري ’ت‘ ۽ ’د‘ جو اچار، وراچڊ ۾ ڦيرائي ’ٽ‘ ۽ ’ڏ‘ ڪندا هئا‘- هيءُ هڪ چڱو ڏس ڏنو اٿس. اڄ به ڏسون ٿا، ته هنديءَ ۾ چون ’تانيا‘ ته اسين چئون ’ٽامون‘، سنسڪرت ’دان‘ بدران چئون ’ڏاڻ‘- هتي ’د‘ کي ڦيرائي ’ڏ‘ ۽ ’ن‘ کي ڦيرائي ’ڻ‘ ڪيو اٿئون. سنسڪرت ’دير گهه‘ بدران چئون ’ڊگهو‘: سنسڪرت لفظ ”سٿان“ جو اچار سنڌيءَ ۾ ’آسٿان‘ ۽ ’ٿان‘ آهي، پر ’ٺاڻ‘ به چئون:

’جت ٻجهن گهوڙا گهڻا، انهيءَ کي چون ٺاڻ‘(ديوانِ گل).

مارڪڻڊيا پنهنجي وياڪرڻ ۾ ٻي مکيه ڳالهه هيءَ ڄاڻائي آهي، ته وراچڊ اپڀرنش ۾ ’س‘ جو چار ڦيرائي ’ش‘ ڪندا هئا. اها عادت به اسان ۾ برابر آهي- مثلاً، سنسڪرت لفظ سنهه، سيوا ۽ سيوڪ بدران چئون شينهن، شيوا ۽ شيوڪ. فارسي لفظ ’شيخ‘ بدران ڪيترا چون ’شيخ‘. اها عادت اڻپڙهيلن ۾ هيڪاري گهڻي آهي، جي ’خاصو‘ بدران چون ’کاشو‘ ۽ ’سائين‘ بدران چون ’شائين‘.

وراچڊ بابت مارڪڻڊيه ٻيو به ڪجهه چيو آهي، پر هن وقت وراچڊ کان سنڌي ٻولي گهڻو ڦريل آهي، تنهنڪري اهي ڳالهيون پوريءَ ريت سمجهڻ ۾ نٿيون اچن. ڀانئجي ٿو ته ٻ، ‎ڄ، ڏ ۽ ڳ اکر، جي سنڌيءَ ۾ آهن ۽ هنديءَ وغيره ۾ ڪينهن تن جو ذڪر ڪيو اٿس.[2]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]