مٽي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

مٽي معدنیات ۽ پٿرن جي حصن جو مرڪب آهي جيڪو ماحولیاتي جزن هوا، بارش، روشني، برف ۽ زندهہ ماحولیاتي جزن پاڻي ۽ هوا ۾ موجود جسمن سان ملي ڪري ٺهندو آهي۔ مٽي عام طور تي پٿريلي جزن ۽ ماحول ۾ موجود ڀرندڙ معدنیات جي مدد سان ٺهندي آهي جڏهن تہ ٻيا ماحولیاتي جزا ان جي ٺهڻ تي اثر انداز ٿيندا آهن۔ مٽي جا ڪيترائي قسم دریافت ٿي چڪا آهن جن جي پٿريلي ۽ ڀرندڙ معدنیات جي تناسب سان درجہ بند ڪئي ويندي آهي۔ مٽي ۾ شامل پٿريلا داڻا تمام ننڍا ۽ هموار بہ ٿي سگهن ٿا جیئن گپ ۾ هوندا آهن ۽ اهي ئي داڻا وڏا ۽ سخت بہ ٿي سگهن ٿا جیئن بجري یا سنهي واري ۾ ڏسي سگهجن ٿا۔
مٽي اسانجي ماحول جو اهم جز آهي، محقق ان باري مين ڇهہ اهم نڪتا ٻڌائن ٿا جيڪي هي آهن:

  1. هي نباتات جي پیداوار جي لاء ضروری آهي۔
  2. مٽي وهندڙ پاڻي جي رفتار جو تعین ڪندي آهي۔
  3. مٽي مردہ نباتات ۽ حیوانات کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪم ڪندي آهي۔
  4. مٽي ڌرتي جي چوڌاري جي ماحول ۾ هوا کي خلا کان جدا ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي۔
  5. مٹی جانورن، حشرات الارض، جيتن ۽ جراثيمن جي رهائش جو ذريعو آهي۔
  6. مٹی هن دنیا ا۾ سڀ کان قدیم تعمیراتي جزو آهي، جنهن جو استعمال انسان سمیت هر جانور ڪيو آهي۔

==مٽيءَ جا قسم== 1=لٽ واري 2=وارياسي 3=چيڪي مٽي 4=لوم لٽ واري مٽي:- لٽ واريءَ مٽيءَ يا زمين ۾ لٽ گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. توهان کي خبر آهي ته لٽ جا ذرڙا اٽڪل اٽي جي ذرڙن جيترا ئي ٿيندا آهن. لٽ ڇهڻ سان پائوڊر ۽ سلڪ وانگر لسو ۽ نرم محسوس ٿيندو آهي. لٽ واريءَ زمين ۾ پاڻيءَ جو ڪافي مقدار موجود هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن تہ اُهي پاڻيءَ کي نيڪال بہ نہ ڪري سگهنديون آهن. اُهي معدنيات کي روڪي پاڻ وٽ نہ رکي سگهنديون آهن وارياسي :- جن مٽيءَ جي نمونن ۾ واريءَ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، تن کي وارياسي مٽيءَ واريون زمينون چئبو آهي. واريءَ جا ذرڙا ٻين ذرڙن جي ڀيٽ ۾ پٿرن جا وڏي ۾ وڏا ذرڙا هوندا آهن. هيءَ مٽي هٿ لائڻ سان کهري محسوس ٿيندي آهي. واريءَ جا ذرڙا پاڻ وٽ پاڻي جذب ڪري نہ رکندا آهن ۽ جلد ئي پاڻيءَ سان گڏ وهي ويندا آهن. وارياسي زمين ۾ ڪيترائي هوا جا خال هوندا آهن. واريءَ جا ذرڙا معدني جزن کي بہ پاڻ وٽ رکي نہ سگهندا آهن، جيڪي ٻوٽن جي اوسر جي لاءِ ضروري آهن. چيڪي مٽي هن قسم جي زمين جو وڏي ۾وڏو مقدار يا حصو چيڪي مٽيءَ جو هوندو آهي. چيڪي مٽيءَ ۾ تمام گهڻو پاڻي بيهندو آهي. جنهن ڪري ان ۾ نيڪال بہ گهٽ ٿيندو آهي. هنن زمينن ۾ سم بہ جلد ٿي پوندي آهي. انهن ۾ هوا بہ گهٽ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن جو وڏو حصو پاڻي والاريندو آهي، تڏهن بہ چيڪي زمين ۾ معدنيات يا خوراڪي ذرڙا موجود رهن ٿا، جيڪي ٻوٽن جي اوسر لاءِ ضروري آهن. لوم :- اهڙي مٽي يا زمين جيڪا چيڪي مٽي، لٽَ، واريءَ ۽ هيومس جي ملاوٽ سان ٺهيل هجي تنهن کي لوم چئبو آهي. ان ۾ ٻوٽن جي واڌ ۽ اوسر لاءِ سڀئي ضروري خوراڪي يا معدني جزا موجود هوندا آهن. لوم واريءَ زمين ۾ پاڻي جو مقدار بہ ڪافي موجود رهي ٿو جيڪو ٻوٽن جي پاڙن کي ملندو رهي ٿو ۽ ان جي ذرڙن جي وچ ۾ هوا لاءِ خالي جايون بہ هونديون آهن. اُن مان پاڻي بہ چڱيءَ طرح وهي ۽ جذب ٿي ويندو آهي، تنهنڪري لوم ٻوٽن جي واڌ لاءِ بهترين زمين هوندي آهي