اپر نورواھہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اپر نورواھ تعلقي دادوءَ جو هڪ مشھور واھ آھي، جيڪو اصل نورواھ ڦاٽ سان وڃي ملندو هو. هيءُ واھ ميان نور محمد ڪلھوڙي کڻايو هو، جنھن تان مٿس ’نورواھ‘ نالو پيو. هيءُ نورواھ وهي هلي اصل نورواھ سان ’نولکيءَ‘ کان ٿورو پوئتي ملندو هو. هن واھ تي ڳوٺ ’مھرائي‘ نالي سان سڏيو ويندو هو. ٻيو اپر نورواھ تي ڳوٺ ’پٺڙ‘ هو. اپر نورواھ تي نار چڙهندا هئا، جن تي جواريون ۽ وونئڻ ٿيندا هئا. هن واهه تي انگريزن جي دؤر ۾ ’ڍاڪن‘ جا نار بہ چڙهندا هئا، جن تي چيٽ جو فصل ٿيندو هو. 1937ع ڌاري نورواھ، جتوئي ڪيٽيءَ ۾ آيو. ديھ ’ڪچورپ‘ تعلقي دادوءَ ۾ ٻئي نورواھ آهن. هاڻي جتوئين اپر نورواھ کي لٽائي ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن قديم واھ جا آثار ملن ٿا. ڪجهہ عرصو اڳ 1940ع ڌاري پراڻي درياهي واھ ’امام عليءَ‘ سان دادو ڪئنال مان پاڻي وهائي، اپر نورواھ جنھن کي ’پراڻو نورواھ‘ بہ چوندا هئا، پاڻي ڪٺو ڪري، ان تي ڍاڪي چاڙهائي چيٽ جي آبادي ڪرائيندا هئا. هن واھ ۾ هڪ وڏو ڪُنب هو، جنھن ۾ ٻاروهي تار پاڻي بيھندو هو. ان جو نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ هو، ڇوتہ هڪ پنھور شڪار ڪندي ان ڪنب ۾ ٻڏو هو، جيڪو زميندار هو، ان ڪري هن ڪنب تي نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ پئجي ويو. پراڻي نورواھ ۾ ٻيڙيون بہ هلنديون هيون. ڪن جو چوڻ آهي تہ نورواھ پراڻو، پراڻي ديري بندر کان بہ اڳتي ويندو هو، جيڪو اڳتي ’چوئي واھ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، حالانڪ چوئي واھ الڳ ’ٺھڪڻ‘ واري درياھ مان نڪتل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]