مواد ڏانھن هلو

پاڪستان ريلويز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان ريلويز
قسم ماتحت وزارت ريلوي، حڪومت پاڪستان
صنعت پٽڙي ٽرانسپورٽ
قيام سال 1947
صدر دفتر لاهور، پنجاب
خدمتي علائقو پاڪستان
خدمتون مسافرن ۽ مال جي ريل گاڏين جي ذريعي پهچ
آمدني پاڪستاني روپيو 18,612 ملين (2010-2011) [1]
مالڪ حڪومت پاڪستان (100%)
ملازم 82,424 (2010-2011) [1]
ويب سائٽ pakrail.com/index.php/
پاڪستان ريلويز

پاڪستان ريلويز، (انگريزي ٻولي: Pakistan Railways) جيڪا اڳ ۾ سال 1947ع کان فيبروري، 1961ع تائين اتر ويسٽرن ريلوي (North Western Railway) جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي ۽ جنهن جو فيبروري، 1961ع کان مئي، 1974ع تائين نالو پاڪستان ويسٽرن ريلوي (Pakistan Western Railway) هيو، گورنمينٽ آف پاڪستان جو هڪ کاتو آهي۔ جيڪو پاڪستان ۾ ريلوي خدمتون ڏيندو آهي۔ ان جو صدر دفتر لاهور ۾ آهي ۽ ريلوي واري وزارت جي تحت ڪم ڪندو آهي۔ پاڪستان ريلوي پاڪستان جي معيشت ۾ اهم آهي، پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي اچ وڃ جو سستو تيز رفتار آرام واريون سهولتون ڏيندو آهي۔

سال2014ع ۾، ريلوي واري وزارت پاڪستان ريلوي ويزن-2026 شروع ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پاڪستان ريلوي جو حصو 4 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ 886.68 بلين روپیا (3.1 بلين یو ایس دالر) چين۔پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) ريل اپ گريڊ منصوبي ۾ شامل آهن جن ۾ نئين لوڪوموٽو جي تعمير، موجود ريل انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ بهتري، اوسط ٽرين جي رفتار ۾ اضافو، وقت تي بهتر ڪارڪردگي ۽ مسافر خدمتن جي توسيع جا منصوبا شامل آھن۔ پروجيڪٽ جو پهريون مرحلو سال 2017 ۾ مڪمل ڪيو ويو، ۽ ٻيو مرحلو سال 2021ع تائين مڪمل ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيل آهي۔ انهن ۾ ایم ایل-1 پراجيڪٽ آهي، جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي 1.11 ٽريلين رپیا (3.8 بلين یو ایس ڈالر) جي لاڳت ايندي۔ آڪٽوبر، 2022ع تائين، انهن منصوبن جي تعمير يا ٽينڊرنگ شروع نه ڪئي وئي۔ پاڪستان ريلوي انٽرنيشنل يونين آف ريلوي جو سرگرم ميمبر آهي۔ مالي سال 19-2018 ۾، پاڪستان ريلوي 70 ملين مسافرن کي کڻايو۔[2]

تاريخ[سنواريو]

سال 1855ع ۾، برطانوي راڄ دوران، ڪيتريون ريلوي ڪمپنيون سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٽريڪ وڇائڻ ۽ هلائڻ شروع ڪيون۔ ملڪ جو ريلوي سسٽم اصل ۾ مقامي ريل لائينن جو هڪ پيچ ورڪ هو، جيڪو ننڍين، خانگي ڪمپنين پاران هلائيدو ھو، جنهن ۾ سنڊي Scinde ريلوي، پنجاب ريلوي، دهلي ريلوي ۽ انڊس فلوٽیلا شامل آهن۔ سال 1870ع ۾ چئن ڪمپنين گڏجي سنڊي پنجاب ۽ دهلي ريلوي ٺاهي۔ جلد ئي ٻيون ڪيتريون ئي ريلوي لائينون تعمير ڪيون ويون، جن ۾ انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي، پنجاب ناردرن اسٽيٽ ريلوي، سنڌ-ساگر ريلوي، سنڌ-پشين اسٽيٽ ريلوي، ٽرانس-بلوچستان ريلوي ۽ قنڌار اسٽيٽ ريلوي شامل آهن۔ اهي ڇهه ڪمپنيون سال 1880ع ۾ نارٿ ويسٽرن اسٽيٽ ريلوي ٺاهڻ لاءِ سنڊي  پنجاب ۽ دهلي ريلوي سان ضم ٿي ويون۔ سال 1880ع ۽ 1947ع جي وچ ۾، اتر ويسٽرن اسٽيٽ ريلوي سڄي پنجاب ۽ سنڌ ۾ پکڙجي وئي۔

سال 1947ع ۾ برطانوي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، اتر ويسٽرن اسٽيٽ ريلوي انفراسٽرڪچر جو گهڻو حصو پاڪستاني علائقي ۾ هو ۽ ان جو نالو بدلائي پاڪستان ويسٽرن ريلوي رکيو ويو۔ اوڀر بنگال ۾، آسام بنگال ريلوي جو حصو پاڪستاني علائقي ۾ تبديل ڪري پاڪستان ايسٽرن ريلوي رکيو ويو۔

سال 1954ع ۾ ڪراچي-پشاور ريلوي لائين کان مردان ۽ چارسده تائين برانچ لائين وڇائي وئي۔ ٻن سالن بعد، جيڪب آباد-ڪشمور ميٽر گيج لائين کي 1,676 ملي ميٽر (5 فوٽ 6 انچ) براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو ويو۔ ڪوٽڙي-اٽڪ ريلوي لائين جو ڪوٽ ادو-ڪشمور سيڪشن 1969ع کان 1973ع تائين ٺاهيو ويو، جيڪو ڪراچي کان اتر پاڪستان تائين متبادل رستو فراهم ڪري ٿو۔ سال 1974ع ۾ پاڪستان ويسٽرن ريلوي جو نالو بدلائي پاڪستان ريلوي رکيو ويو۔ فيبروري، 2006ع ۾، 126-ڪلوميٽر (78 مايل) حيدرآباد-کوکراپار برانچ لائين 1,676 ایم ایم ۾ تبديل ٿي وئي۔ سال 2000 جي ڏهاڪي دوران ملڪ ۾ سڀ تنگ گيج ٽريڪ کي 1,676 ملي ميٽر (5 فوٽ 6 انچ) ۾ تبديل ڪيو ويو يا ختم ڪيو ويو۔ 8 جنوري، 2016 تي، لوڌران-رائيونڊ برانچ لائين ڊبل ريل منصوبو مڪمل ڪيو ويو۔

ساخت[سنواريو]

پاڪستان ريلويز هڪ رياستي ملڪيت وارو ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي حڪومت جي ريلوي وزارت (Ministry of Railways) جي ماتحت آهي، جنهن جي ذميواري بنيادي طور تي مسافر ريل سروس جي منصوبابندي، انتظام ۽ قائم ڪرڻ ۽ ريلوي ڪمپنين ۽ صنعتن کي ريگيوليشن ڪرڻ آهي۔ پاڪستان ريلوي جي پاليسي ۽ ترقيءَ جو انتظام وزارت طرفان ڪيو ويندو آهي۔[3] سال 1947ع کان 1959ع تائين، پاڪستان ويسٽرن ريلوي ۽ پاڪستان ايسٽرن ريلوي وزارت مواصلات جي ريلوي ڊويزن طرفان سنڀاليو ويو، جنهن جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل آف ريلوي (ڊي جي ريلوي) هو۔ سال 1959ع ۾ پارليامينٽ پاران هڪ آرڊيننس پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ نيم خودمختار ريلوي بورڊ جي ضرورت کي بيان ڪيو ويو۔ بورڊ جو تصور مرڪزي حڪومت جي بنيادي طاقتن مطابق ڪيو ويو، جيئن ريلوي ايڪٽ 1890ع ۾ بيان ڪيل آهي۔ ٽين قومي اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس کان پوءِ صدر محمد ايوب خان، ٻنهي ريلويز (PWR ۽ PER) جو ڪنٽرول مرڪزي حڪومت کان، بالترتيب اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان جي صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاء، 9 جون، 1962ع تي صدارتي آرڊر 33 جاري ڪيو۔[4]جڏهن PO 33 1 جولاءِ 1962ع تي عمل ۾ آيو ته ٻنهي صوبن طرفان ريلوي بورڊ قائم ڪيا ويا۔[5]

صدارتي آرڊر پڻ علحدگيءَ واري ڪنوينشن کي بحال ڪيو، جنهن تحت ريلوي جي ماليات کي عام ماليات کان الڳ ڪيو ويو، مالي سال 1961-62 کان شروع ٿي، هر بورڊ کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وئي۔ سال 1974 ۾، ريلوي جي وزارت کي منصوبابندي، پاليسي سازي، ٽيڪنيڪل مشورو ۽ ريلوي جي انتظام کي منظم ڪرڻ لاء ٺاهي وئي۔ سال 1982ع ۾ ريلوي واري وزارت کي صدارتي آرڊر ذريعي ريلوي بورڊ ۾ ضم ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وفاقي وزارت بڻجي وئي۔

ريلوي بورڊ[سنواريو]

ريلوي بورڊ، جيڪو سال 1959ع کان 2000ع تائين وجود ۾ آيو، سال 2000 ۽ 2014 تائين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان تبديل ڪيو ويو۔ ريلوي بورڊ کي 20 فيبروري، 2015ع تي بحال ڪيو ويو. بورڊ جا ميمبر آھن:

• وفاقي سيڪريٽري ريلوي (بورڊ جو چيئرمين)

• وفاقي سيڪريٽري مواصلات

• پاڪستان جو فنانس سيڪريٽري

• پاڪستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو سيڪريٽري جنرل مئنيجر ريلوي (آپريشنز)

• جنرل مئنيجر ريلوي (پيداوار ۽ خدمتون)

• ميمبر فنانس، وزارت ريلوي

يونٽ ۽ ڊويزن[سنواريو]

پاڪستان ريلوي جا ٽي فنڪشنل يونٽ آهن:

• آپريشن

• پيداوار ۽

• ڀلائي ۽ خاص شروعات.

آپريشن يونٽ ٽن مکيه شعبن ۾ ورهايل آهي۔

• انفراسٽرڪچر ڊپارٽمينٽ ۽ سول انجنيئرنگ

• سگنلنگ، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ڊيزائن

• ڊائريڪٽوريٽ آف پراپرٽي

مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مڪينيڪل انجنيئرنگ، خريداري، اسٽورز ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي نگراني ڪندو آهي ۽ ٽريفڪ ڊپارٽمينٽ مسافرن جي سهولتن، آپريشنز، مارڪيٽنگ ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نگراني ڪندو آهي۔

عملدار، ريلوي پوليس، منصوبابندي، قانوني معاملا، عوامي تعلقات ۽ پاڪستان ريلوي اڪيڊمي سميت ڪيترائي ننڍا ادارا پڻ آپريشن يونٽ جو حصو آهن۔ ريلوي جي اٺ علائقائي آپريٽنگ ڊويزنون آهن: ڪراچي، لاهور، ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، راولپنڊي، سکر ۽ گوادر۔

گوادر ڊويزن اڃا ڪم نه ڪيو آهي۔ انهن 8 ڊويزنن کان علاوه، هڪ ڊويزن نان آپريٽنگ ڊويزن آهي، جيڪا مغلپوره ڊويزن، لاهور آهي۔ هي ڊويزن، بنيادي طور تي، رولنگ اسٽاڪ جي سار سنڀال سان مصروف آهي۔

پاڪستان ريلوي جا ڊويزن[سنواريو]

ريلوي جا 8 علائقائي آپريٽنگ ڊويزنون ۽ 1 غير آپريٽنگ ڊويزنون آهن:

• پاڪستان ريلوي ڪراچي ڊويزن

• پاڪستان ريلوي سکر ڊويزن

• پاڪستان ريلوي ملتان ڊويزن

• پاڪستان ريلوي لاهور ڊويزن

• پاڪستان ريلوي راولپنڊي ڊويزن

• پاڪستان ريلوي پشاور ڊويزن

• پاڪستان ريلوي ڪوئيٽا ڊويزن

• پاڪستان ريلوي گوادر ڊويزن (اڃا تائين فعال ناهي)

• پاڪستان ريلوي مغلپورا ڊويزن (نان آپريٽنگ ڊويزن)

رولنگ اسٽاڪ  (گڏيون)[سنواريو]

پاڪستان ريلوي وٽ 190 ڪم ڪندڙ ڊيزل۔ليڪٽرڪ انجڻيون آهن۔ بیڑی جي زندگي 25 سال آهي ۽ پاڪستان لوڪوموٽیو فئڪٽري ۾ انھن جی سروس ء اوورھالنگ  ٿیندی آھی۔[10] جنوري 2016ع ۾ پاڪستان ريلوي چین جی "جنان ريلوي" کی گاڏين جي سامان سمیت 800 هاپر ويگنن جو آرڊر ڏنو۔ پهرين 205 ويگنون چين ۾ ٺاهيون وينديون ۽ باقي 595 ويگنون پاڪستان ۾ مغلپورہ ريلوي ورڪشاپس ۾ گڏ ڪيو ويو۔ ھی ويگنون ڪوئلي کي ڪراچي ۽ قادر آباد جي پاور اسٽيشنن تائين پهچائينديون آھن۔[11]

پيداوار[سنواريو]

پاڪستان لوڪوموٽو فئڪٽري سال 1993ع ۾ رسالپور ۾ 228.4 ملين روپين (7,90,000 آمريڪي ڊالر) جي لاڳت سان ٺهي۔ فيڪٽري جي گنجائش، واحد شفٽ جي بنياد تي 150 ڪوچ في سال آهي۔[12] لاهور ۾  لاهور۔واھگهہ برانچ لائين تي مغلپورا جنڪشن ريلوي اسٽيشن(MGPR)  تي مغلپورا ريلوي ورڪشاپس، ڪيترن ئي رولنگ اسٽاڪ مرمت جي سائيٽن مان هڪ آهی۔ ورڪشاپ ڪمپليڪس سال 1904 ۾ ان جي موجوده سائيٽ تي اتر ويسٽرن اسٽيٽ ريلوي لاءِ مسافر ڪوچ ۽ مال بردار ويگنن جي تياري ۽ مرمت ڪرڻ لاءِ ظاهر ٿيو۔ سال 1947ع ۾ پاڪستان ريلوي لاءِ اهو واحد اسٽيٽ آف دي آرٽ ورڪشاپ هو۔[13] ريلوي وٽ سکر، خانيوال، ڪوهاٽ، شاهين آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ پنج ڪنڪريٽ سليپر فيڪٽريون آهن۔ پهريون ڪارخانو سکر ۾ سال 1967ع ۾ قائم ٿيو، باقي چار ڪارخانا سال 1979ع کان 1981ع جي وچ ۾ کوليا ويا۔ سال2017ع ۾، آمريڪا ۾ تيار ڪيل 55 اضافي انجڻيون (4000 هارس پاور) پاڪستان ريلوي جي فليٽ ۾ شامل ڪيون ويون.[14]



فهرست پاڪستان ۾ ريلوي اسٽيشنون

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Pakistan Railways Year Book 2010-2011, Principal Statistics
  2. Qureshi, Naeem (20 August 2019). "Pakistan Railways achieves record income in 2018-19". International Railway Journal. Retrieved 20 August 2019.
  3. Government of Pakistan Ministry of Railways". Retrieved 6 January 2018.
  4. History". railway.gov.bd. Bangladesh Railway. Archived from the original on 15 November 2007. Retrieved 18 July 2014.
  5. International Bank for Reconstruction and Development; International Development Association (31 August 1962). Appraisal of the Pakistan Railways Project (PDF) (Report). Department of Technical Operations. p. 2. TO-339a. Retrieved 31 May 2023.