اولاڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اولاڪ/ اولاق: آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ -ٽپال- پهچائيندڙ گهوڙو يا اُٺ اولاڪ سڏبو هو. اصل ۾ ”الاغ“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو -ٽپال- پهچائڻ واري خاص گهوڙي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ لفظ جو اچار ’اولاڪ‘ يا ’اولاق‘ ڪري ڪم آڻيندا آهن. -ترڪي- ٻوليءَ ۾ ’اُلاغ‘ جي معنيٰ آهي ”-ٽپال- جي چوڪي“. اُن زماني ۾ -ٽپال- پهچائڻ لاءِ سرڪاري گهوڙا مقرر هئا، جيڪي چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]