زال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:ويجھا رشتا

بورس ڪستوديف جي 1918 ۾ ٺاھيل پينٽنگ مرچنٽس وائيف'(واپاري جي زال)

زال(انگريزي: wife) زال شادي جي رشتي ۾ زنانو ساٿي ھوندو آھي. ھڪ شادي جي تحت جيڪو جوڙو وجود ۾ ايندو آھي ان ۾ نر مڙس ۽ مادي زال چورائيندي آھي. سنڌي ٻوليءَ ان جي لاءِ گھرواري، وني، جوءِ ۽ زوجہ جا لفظ بہ استعمال ٿيندا آھن.مڙس جي مرڻ کان پوءِ ان کي بيواھ يا رن زال چوندا آهن. انگريزي جي لفظ وائيف جي معنیٰ عورت آھي. سنڌي ، اردو ۽ ڪيترين ئي ٻين ٻولين ۾ زال لاء عورت جو لفظ پڻ استعمال ٿيندو آهي.شادي کان پوءِ زال اڪثر مڙس جو نالو پنھنجي نالي سان لڳائيندي آهي پر اھو لازمي ناھي تہ ھر ڪلچر ۾ ايئن ٿئي. زال جو سڏڻ لاء احترام بخش خطاب انگريزي ۾ مسز ھوندو آھي سنڌي ۾ مسلمان عورت لاءِ مسمات ۽ ھوندو عورت لاءِ شريمتي استعمال ٿيندو آهي.زال شادي کان اول مڙس سان رشتي ۾ مڱيندي سڏبي آھي ، شادي وقت ڪنوار ۽ شادي کان پوءِ زال سڏبي آھي.

اسلام ۾ زالن جا حق ۽ فرض[سنواريو]

اسلام م زالن جا پنھنجي مڙسن تي جيڪي خاص شرعي حق مليل آهن انھن ۾ نڪاح ۾ مرضي جو حق، حق مھر، مڙس تي خرچ جو حق، ٻار جي سنڀال جو جھوليءَ وارو حق، مڙس جي ملڪيت ۾ وراثت جو حق، ڏاج جي سامان جي مالڪي جو حق، شادي ۾ گھوٽيتن طرفان مليل تحفن جي مالڪي جو حق ۽ خلا حاصل ڪرڻ جو حق شامل آهن. ان جي فرضن ۾ مڙس جي فرمانبرداري، مڙس جي ملڪيت جي نگھباني، مڙس کي زنشوئي جو حق ڏيڻ شامل آهن. قرآن سوره النساء ۾ فرمايو آھي ته:

الرِّجَالُ قَوَّامُونَ عَلَى النِّسَاءِ بِمَا فَضَّلَ اللَّهُ بَعْضَهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ وَبِمَا أَنْفَقُوا مِنْ أَمْوَالِهِمْ ۚ فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِلْغَيْبِ بِمَا حَفِظَ اللَّهُ ۚ وَاللَّاتِي تَخَافُونَ نُشُوزَهُنَّ فَعِظُوهُنَّ وَاهْجُرُوهُنَّ فِي الْمَضَاجِعِ وَاضْرِبُوهُنَّ ۖ فَإِنْ أَطَعْنَكُمْ فَلَا تَبْغُوا عَلَيْهِنَّ سَبِيلًا ۗ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيًّا كَبِيرًا 34
ترجمو:مرد زائفن تي انھيءَ سببان حڪمران آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچ ڪندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون، پرپٺ نگاھ رکڻ واريون انھيءَ ڪري جو الله (کين) ڍڪيو آھي (ڀلاريون آھن)، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ بسترن ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن تہ مٿن ڪا (ايذاءَ جي) واٽ نہ ڳوليو، بيشڪ الله مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي

— النساء: 34

حديث ۾ آيو آھي تہ نبي ﷺ فرمايو تہ:

بھترين زال اھا آھي جنھن کي توھان ڏسو تہ توھان جو جيءُ خوش ٿي وڃي، جڏھن توھان ان کي ڪنھن ڳالھ جو حڪم ڏيو ته توھان جي اطاعت ڪري ۽ جڏھن توھان گھر نہ ھجو ته توھان جي پرپٺ توھان جي مال ۽ پنھجي نفس جي حفاظت ڪري

— حديث[1]

عورت تي مڙس جي اطاعت کان خالق جي اطاعت مقدم آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه 351

سانچو:انساني جنسيات ڪچو