شادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شادي

شادي فارسي ٻولي جو لفظ آهي. شادي جو مفهوم مختلف ثقافتن ۾ مختلف آهي، ڪنھن بہ ثقافت ۾ اها رسم يا قانوني معاهدو جنهن جي ذريعي معاشرو، قانون ۽ مذهب مرد (مڙس) ۽ عورت (زال) جي وچ ۾ ويجهي جنسي ۽ ازدواجي تعلق کي قبول ڪندو آهي. هن عمل جي ذريعي معاشري ۾ هڪ نئين گهراڻي جو واڌارو ٿيندو آهي ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي سڃاڻپ ۽ قانوني تحفظ ملي ويندو آهي.برنارڊشا لکيو هو ته "دنيا ۾ جيتريون اجايون ڳالهيون شاديءَ جي باري ۾ لکيون ويون آهن ٻيو ڪنهن به موضوع تي ناهن لکيون ويون"[1].ٻار نه هجن ته شاديءَ جو گل ڪومائجي ويندو آهي ۽ ٻارن سان اهو گل ٽڙي پوندو آهي. ان کان اڳ شادي هڪ واپاري معاهدي وانگر هئي جنهن جو مقصد جسماني ضرورتن جي پورائي هو. هاڻي شادي پنهنجو فطري مقصد پورو ڪندي آهي[1].

شادي شروعات ۽ ارتقا[سنواريو]

شاديءَ جو رواج رڳو ماڻهن ۾ آهي، ڪن پکين ۾ به هڪ نر هڪ ماديءَ جي تعلق جو رواج آهي، ڊي ڪرسپيني بورنيو جي انسانن جهڙن باندرن لاءِ لکيو آهي ته اهي خاندانن ۾ رهندا آهن. وڻن تي ويڪرا گهرڙا ٺاهيندا آهن ۽ جيترو مان ڏسي سگهيس ته مون ڏٺو ته انهن گهرن ۾ رڳو مادي ۽ انهن جا ٻچا رهندا آهن ۽ نر ڀر واري وڻ جي ڏار تي رات گذاريندو آهي.“ ويسٽرمارڪ گوريلي لاءِ لکي ٿو ته ”گوريلا خاندانن ۾ رهندا آهن، نر گهرڙو ٺاهيندو آهي ۽ خاندان جي حفاظت ڪندو آهي، اهوئي حال چمپينزيءَ جو آهي.“ سيويج ٿو چئي ته ” گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته گوريلا خاندان جا بزرگ وڻ جي هيٺان ويهي ميوا کائيندا آهن ۽ ڪچهريون ڪندا آهن ۽ هنن جا ٻچا هنن جي ڀرسان ٺينگ ٽپا ڏيندا ۽ گوڙ ڪندا وڻن جي شاخن تي ٽپندا آهن.“[1] شاديءَ جي ارتقا نسلي مفاد جي صورت ۾ ٿي آهي. تاريخ جي شروعاتي دور کان وٺي زال يا مڙس جي چونڊ هميشه اجتماعي ضرورتن هيٺ رهي آهي. پهريون ماءُ پيءُ سان ٻارن جي جنسي لاڳاپن تي پابنديون وڌيون ويون، پوءِ ڀينرن ۽ ڀائرن تي ۽ ان کانپوءِ پابندي پئي ته ڪو مرد پنهنجي قبيلي جي عورت سان جنسي تعلق نه رکي. سماجي سائنسدان جيئن لوئيس مورگن انهن پابندين جو سبب ٻڌايو ته اوائلي دور جو انسان مائٽن ۾ جنسي لاڳاپا رکڻ جي نقصانن کي غير شعوري طور محسوس ٿي ڪيو. ان کان پوءِ ويسٽر مارڪ ۽ ايلس ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته ويجهن مائٽن جي هڪٻئي سان گهرائپ ۽ حجت هوندي آهي جنهن جي ڪري پاڻ ۾ نفرت ۽ حقارت جا امڪان وڌي ويندا آهن. پر اسان جيڪڏهن سمجهون ٿا ته هنن ۾ ايترو سماجي شعور نه هو ته اسان پنهنجن قديم دور جي وڏڙن ۾ ناسمجهي جي معاملي ۾ مبالغو ٿا ڪيون. هنن ۾ حالتن جو اندازو لڳائڻ ۽ پنهنجي اجتماعي نظام کي تعمير ڪرڻ جي وڏي صلاحيت هئي ۽ شايد ته هنن فرد تي انڪري پابنديون وڌيون جو هنن جي آڏو نسل جو مفاد هو، معاشي لاڳاپن سان شاديءَ جو ادارو بدليو آهي. خانه بدوشيءَ جي زماني ۾ ڪو حيوان مرد هٿ ۾ ڏنڊو کڻي ٻئي قبيلي جي ڪنهن تنبوءَ ۾ گهڙي ڪنهن ڇوڪريءَ کي زوري کڻي ايندو هو. پر دولت جي گهڻائيءَ ۽ امن جي ڪري اخلاق به سڌريو ۽ هاڻي مرد گهربل عورت جي پيءُ وٽ ڏنڊو کڻي نٿو وڃي پر ڪا سوغات کڻي ٿو وڃي. هاڻي کسڻ واري شاديءَ جي جاءِ ڪاروباري شاديءَ ورتي، اڄڪلهه شادي، کسڻ ۽ ڪاروبار جو، عجيب ميلاپ ٿي وئي آهي.[1] ان اوائلي زماني ۾ جنگيون گهڻيون ٿينديون هيون ۽ خطرا وڌيڪ هئا. مرد عورت کان گهڻو اڳ موت جو شڪار ٿيندا هئا ۽ جيڪي بچندا هئا انهن کي گهڻيون شاديون ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته جيئن عورتن جي وڌندڙ انگ جو مسئلو حل ٿي سگهي. ان کانسواءِ عورتون ڪيترن سالن تائين ٻار جي پرورش ڪنديون هيون ۽ جيستائين ٻار جو کير نه ڇڏائبو هو تيستائين هم بستري نه ڪنديون هيون انڪري مرد وڌيڪ شاديون ڪيون ۽ جنسي لاڳاپن ۾ نواڻ سان پنهنجي جنسي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ مرد اهو سولو رستو ڳولهيو. ان کانسواءِ گهڻن زالن جي ڪري ٻار به گهڻا پيدا ٿيندا هئا ۽ گهڻا ٻار جنگن، حادثن ۽ بيمارين جي خوف ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ خدا جي رحمت هئا. پر جڏهن جنگن جو دور ختم ٿيو، ماڻهن جي صحت ۽ زندگي محفوظ ٿي ۽ عورتن ۽ مردن جو انگ ذري گهٽ هڪ جيترو ٿيو تڏهن هڪ شاديءَ جو رواج پيو، اهو رواج ٻارن لاءِ فائدي وارو هو ڇاڪاڻ جو هاڻي کين ماءُ ۽ پيءُ جي گڏيل محبت ملي ۽ ڪٽنب ننڍو ٿيو ته هنن کي کائڻ لاءِ وڌيڪ مليو. اهو رواج مرد لاءِ به سٺو هو جو هو پنهنجي جائداد کي متحد رکي ٿي سگهيو ۽ ساڳئي وقت آزاد به هو ته هو لڪ ڇپ ۾ پنهنجون جنسي خواهشون پوريون ڪري ۽ سماج جي رواج ۽ پنهنجي طاقت وسيلي زال کي وفادار رکي ۽ سندس جائداد سندس اصلي اولاد کي ملي. هڪ شاديءَ جورواج عورت لاءِ به فائدي وارو هو. ان سان حسد جو مسئلو به ختم ٿي ويو جنهن گهڻين زالن جي ڪري گهر کي پاڳل خانو بڻائي ڇڏيو هو. هڪ شاديءَ سان عورت ۽ مرد کي جنسي برابري ملي.[1]

شادي ۽ ھم معنيَ لفظن جو مطلب[سنواريو]

”وهانءُ“ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”وواهه“ جنهن ۾ ”وِ“ معنيٰ وشيش ريت يا چڱيءَ طرح ۽ ”وهه“ معنيٰ ملائڻ يا وٺي وڃڻ. وهانءُ اهو آهي جنهن ۾ گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چڱيءَ ريت يعني ساٺن سوڻن سان وٺي وڃي ٿو. انهن ساٺن سوڻن ۾ جيڪا مکيه ڳالهه آهي، سا ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي. ”پرڻو“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڦيراڏيڻ“. سنسڪرت ۾ ”پَر“ معنيٰ چوڌاري، ۽ ”نيه“ معنيٰ ”نيڻ يا وٺي وڃڻ“. وهانءُ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي، پوءِ هڪٻئي جو هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي)، يگيه جي اَگنيءَ جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا هئا. جيستائين گهوٽ ۽ ڪنوار ڦيرا نٿا ڏين تيستائين وهانءُ جائز نٿو ليکجي. جنهن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار پلئه ٻڌي، ۽ ”پاني گرهن“ ڪري يعني هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي) ست ڦيرا ڏنا، تنهن وقت ئي چئبو ته وهانءُ ٿي چڪو. اِنهيءَ ”سپت ٻڌيءَ“ يعني ستن ڦيرن جي نهايت مکيه رسم هئڻ سبب ”پرڻو“ معنيٰ ٿي ”وهانءُ“[2] وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ميڙيندا آهن. انهيءَ کي ”لائون“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”نمن“ يعني نماڻن (مٿا نماڻن). انهيءَ سبب ”لائون لهڻ“ معنيٰ ”پرڻجڻ“. جڏهن چئون ته فلاڻن جون هڪٻئي سان لائون آهن، تڏهن ان جي معنيٰ ته پاڻ ۾ ججهي پريت اٿن (گهوٽ ۽ ڪنوار جهڙي). اهڙيءَ ريت لفظن جي بنيادن ۾ ڪيترائي آڳاٽا احوال سمايل آهن، جنهنڪري ٻولين جو اونهو اڀياس نهايت ڪارائتو آهي.[2]

سنڌ ۾ شادي جي رسم[سنواريو]

هوڏي گهوٽيتن ڏي نظر ڪبي ته بس ڄڻ هڻ هڻان جي منهن ۾ هوندا خوشيءَ کان ڪپڙڻ ۾ نه پيا ماپيندا. زالن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي! ڄانڃين مانڃين جي ٽهل ٽڪور جدا، ڏاج پوت جدا ...... پر ته به پير زمين تي نه پيو لڳندن. تان جو شاديءَ ۾ اچي هڪ ڏينهن رهندو. شاديءَ کان هڪ رات اڳ ڪنواريتن ۾ ڪنوار کي ڳجهڙي ميندي لائينديون آهن، ۽ گهوٽيتا گهوٽ کي. ان مهل زالون لاڏو چونديون آهن پوءِ ورندي ڏينهن شام جو وري ٻڪي ٿيندي آهي. ٻڪيءَ لاءِ زالون جنڊ، اکري مهري، تڏو ۽ ڇڄ ڳاڙهن رنگن سان چٽينديون آهن. ڳاڙها چٽ درن ۽ گندين تي به ڪڍنديون آهن. گهوٽ جا مائٽ، ڀائر ڀيڻون، ماءُ پيءُ ڳاڙها ڳانا ٻڌندا آهن ۽ ڪنوار ۽ گهوٽ لاءِ اهڙا ڳانا ٺاهي رکنديون آهن پوءِ زالون اهو چٽيل تڏو اڱڻ ۾ وڇائينديون آهن،ان جي وچ ۾ جنڊ رکي جنڊ جي هٿئي ۾ ڳاڙهي سٽ سان يارهن جوڙا کارڪن جا ٻڌنديون آهن،. پوءِ ست سهاڳڻيون اَن کڻي ان چٽيل اکري مهريءَ ۾ ڇڙهينديون. اَن ڇڙهي ڇنڊي ستئي سهاڳڻيون اهو اَن جنڊ ۾ ڏرينديون. جنڊ کي تڪڙن تڪڙن گهمرن ڏيڻ سان اهي ٻڌل کارڪون ڪرنديون، سي کڻي ڪنوارن کي کارائينديون آهن، ته سندن ڦل اٻهرا ٿين. بس ٻڪي پوري ٿي ته مبارڪون مباڪون ٿي وينديون. پوءِ زالون گڏ ويهنديون ۽ گهوٽيتون ڏاج ڳڻائينديون. تيسين اچي نما شام ۽ اچي گهوٽ کي سهرن ٻڌڻ جو وقت ٿيندو. گهر ۾ گهوٽ جي موڙن لاءِ اڳ ۾ ئي کنهبو ٻانڌڻون، ڳانو، لونگي ۽ موڙ تيار ٿيا پيا هوندا آهن. پوءِ گهوٽ دهلن ڌمالن سان عزيزن ۽ قريبن سان ايندو گهر. کٽ هنڌ اڳ ۾ ئي وڇايل هوندا، ان تي گهوٽ کي ويهاريندا آهن، پوءِ گهوٽ جو پيءُ يا مرشد يا ڪو وڏو هوندو آهي ته اهو گهوٽ کي دستار ٻڌائيندو آهي. ان جي مٿان ٻٽ (کهنبو ٻانڌڻون) ڍڪائي مٿان موڙ ٻڌندا اٿس. پوءِ ڳانو ٻانهن ۾ ٻڌنديون اٿس. پوءِ عزيز اقارب گهور ڏيندا آهن. اها موڙن جي گهور حجامڻ کڻندي آهي. موڙن ٻڌڻ مهل گهڻو ڪري زالون لاڏو ڳائينديون آهن. موڙن ٻڌڻ مهل گهوٽ کي هڪ مڙهيل ڳوٿري، جنهن ۾ مصري، سوپاريون، ڦوٽا ۽ لونگ پيل هوندا آهن، سا به ڏيندا آهن ۽ انهي وقت ڪو گهوٽ جي ساهرن مان گهوٽ جو اهنر ڪندا آهن. شادي پوري ٿيڻ تائين گهوٽ جي جان جي حفاظت جي جوابداري اهنر تي هوندي آهي اهنر هر وقت هر سوڻ تي گهوٽ سان گڏ هوندو آهي، گهوٽ کي موڙ ٻڌڻ کان پوءِ اهنر کي هڪ اجرڪ يا لونگي، ان سان گڏ سوپاريون ۽ ڦوٽن واري ڳوٿري ۽ رومال به ڏيندا آهن، جو رومال ۽ ڳوٿري ذري گهٽ گهوٽ جي رومال ۽ ڳوٿري جهڙو ئي شاندار ٿيندو آهي. اهنر کي گهوٽ جي حفاظت لاءِ ترار يا خنجر هٿ ۾ هميشه رهندو آهي. پوءِ گهوٽ جون مائيٽياڻيون به گهورون گهورينديون آهن. ۽ گهوٽ سرگس لاءِ ويندو آهي. ٻاهر اڳ ۾ ئي گهوڙو سازيل تيار بيٺو هوندو آهي. ڳائڻان، ناچو، دهل شرنايون سڀ تيار هوندا آهن. گهوٽ جو ڀاءُ يا چاچو يا ڪو ٻيو ويجهو عزيز، سونا يا روپا ڦل، پئسا، آنا جيڪي پڄي سگهن سي گهوٽ جي مٿان اڇليندو هلندو آهي. ائين گهوٽ اچي سرگس واري گهوڙي تي چڙهيندو ان مهل گهڻو ڪري زالون ڳيچ ڳائينديون آهن. پوءِ سر گشت اڳتي هلندو جي ڪنوار گهر جي گهر ۾ هوندي ته گهوٽ کي مسيت جو يا ڪنهن ڀر واري وليءَ جي روضي جو ديدار ڪرائي واپس آڻيندا، جي ڪنوار ڪجهه پري هوندي ته اوڏانهن ويندا. رستي ۾ سڄي واٽ ڳائڻ وڄائڻ هل هو چر يا پئسا اکا اُڇلائڻ جي ڌم لڳي پئي هوندي اهي تان جو گهوٽ اچي ڪنواريتن ۾ لهندو. ڄڃ کي ماني مڙي کارائي پوءِ سوَڻ شروع ڪندا آهن، جي ويندي صبح تائين هلندا آهن. ساهري گهر اچڻ سان پهرين پهرين گهوٽ کي مينديءِ جو سوَڻ ڪندا آهن، سو هيئن جو ڪنواريتي گهران زالون ڀڳل ميندي ڍَڪي ٺاهي ڳائينديون وڄائينديون کڻي اينديون گهوٽ وٽ. ان مينديءَ مان گهوٽ جا عزيز گهوٽ کي ٿوري ٿوري ميندي واري سان لائيندا. پوءِ وري باقي ميندي زالون ڳائينديون کڻي وينديون وڃي ڪنوار کي لائينديون. ان مينديءَ جي سوَڻ تي زالون لاڏو ڳائينديون آهن. ائين ميندي جو سوَڻ پورو ٿيندو. وري ڪجهه دير سهي ساهراڻي گهران ڪُٽي ٺهي ايندي. اها ڪٽي به انهيءَ شان مانَ سان ايندي، جيئن ميندي آئي هئي. ان ڪٽيءَ جي سوَڻ مهل زالون لاڏو چونديون آهن. ان کان پوءِ، جهلي ايندي گهوٽ تي. ڪجهه وقت ته ترسي. گهوٽ دُهلن سان ايندو ساهري گهر ۾ کاري جي سوَڻ تي. گهوٽ سان اهنر به گڏ هوندو هي. کاري جو سوَڻ زالون هيئن ڪنديون آهن جو اڱڻ ۾ هڪ کارو اونڌو ڪري رکنديون آهن. ان کاري جي هيٺيان ٺڪر جو ڏيئو ٻاري ڇڏينديون. آهن. پوءِ ان کاري تي گهوٽ کي ويهارينديون آهن. پوءِ مهريءَ جو مٿو ملائي اُن کير ۽ تيل مان ٻوڙي گهوٽ جي مٿي، ڪلهن ، هٿن ۽ گوڏن تي واري واري سان لائينديون به وينديون آهن ۽ هيئن به ڳائينديون وينديون آهن: انهيءَ کاري جي سوَڻ کان پوءِ گهوٽ ۽ اهنر ٻئي دهلن سان وري ايندا ٻاهر ساهراڻي اوطاق تي. ائين کاري جو سوڻ پورو ٿيندو. وري ڪجهه وقت ترسي گهوٽ ۽ اهنر دهلن سان ايندا ڍڪڻ جي سوَن تي. زالون ڇا ڪنديون آهن جو ٻه ڏيئا اڱڻ ۾ جدا جدا ٻاري انهن جي چوڌاري ننڍڙا ڪَچا ڪَچا ڀتر رکي، انهن جي مٿان ڪورا ڍڪڻ ڏئي ڇڏينديون آهن . گهوٽ ۽ اهنر ايندو ته پهرين گهوٽ کي چونديون ته تون هڪ ئي لت سان ڍڪڻ ڀڃ. گهوٽ کي اهو ڍڪڻ هڪ ئي لت سان ڀڃڻو آهي. جڏهن گهوٽ ڍڪڻ ڀڃيندو، تڏهن وري ڪنوار جي طرفان ٻيو ڍڪڻ اهنر ڀڃيندو. ائين اهو ڍڪڻ وارو سوَڻ پورو ٿيندو ۽ وري گهوٽ ۽ اهنر دهلن شرناين سان ٻاهر ايندا آهن. ڪجهه وقت رکي وري زالون گهڙولڙي ڀرڻ وينديون آهن. سو هيئن جو ڪنوار جي ڀيڻ ۽ گهوٽ جي ڀيڻ دَهلن ڌمرن سان ٻه گهڙولڙيون کڻي اهنر ساڻ ڪري وينديون تڙ تي، زالون ڳائينديون هلنديون. پوءِ ٻئي گهڙولڙيون ڀري اينديون، انهن جي مٿان اهنر ترار يا خنجر ساڻ ٻه ڪَنڊيءَ جون سايون ٽاريون وڍي رکندو آهي. ان گهوڙولڙي ڀرڻ مهل گهڻو ڪري زالون راڳ چونديون آهن. آسر جو جڏهن زالون اها گهڙولڙي ڳائينديون آهن، تڏهن هڪ ته اسر جو وقت ٻيو وائي، ٽيون سر مٺو، بس ٻڌڻ وارن جا سريڙ کڙا ٿيو وڃن. ڪي زالون وري چونديون آهن. پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ان مان وضو ڪندا آهن، ٻهراڙين ۾ ته انهن گهڙين سان گهوٽ وهجندا به آهن، پوءِ ساهراڻان ڪپڙا، مليل ڪپڙا منڊيءَ سوڌا پائيندا آهن، پوءِ نڪاح پڙهبو آهي جنهن ۾ڪنوار جي رضامندي لاءِ ٻه شاهد موڪليندا آهن، جي وڃي پڇي ايندا آهن ته فلاڻون پٽ فلاڻي جو توکي هيتري ڪي هيتري حق مهر تي قبول آهي. ائين ٽي دفعا پڇي جڏهن ڪنوار هاڪار ڪندي آهي، تڏهن ايندا ٻاهر. پوءِ مُلو مقرر ڪيل مهر تي نڪاح پڙهندو. نڪاح پڙهجڻ کان پوءِ مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، پوءِ نڪاح جون کارڪون ورهائيندا، پوءِ گهوٽ عزيزن سان دهلن شرناين سان ايندو ڪنواريتي گهر سيج تي لائن لاءِ گهر جي دروازي وٽ گهوٽ جي ڀيڻ بيٺي هوندي اها گهوٽ جي پير جي چيچ ۾ ۽ هٿ اڀو ڪرائي ان تي چيچ ۾ ست تندون ڪچي سٽ جون ڏائيندي. پوءِ گهوٽ کي چوندي ته اڃا هٿ اڀو ڪري، ڇن ۽ گهوٽ ائين ڪري اهي تندون ٽوڙيندو. پوءِ جيئن گهوٽ جاءِ ۾“ اندر ايندو، تيئن سندس ڀيڻ کيس مٿي تي پلوُ ڏيندي ۽ وٺي اچي سيج تي ويهارينديس ، جتي ڪنوار اڳ ۾ ئي گونگهٽ ڪڍيو ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي هوندي آهي. جيڏي مهل گهوٽ لائن لاءِ سيج تي ايندو آهي، تيڏي مهل راڳ چوندون آهن. ڪنوار کي وري سندس ڀيڻ پلوُ ڏيو ويٺي هوندي آهي. پوءِ گهوٽ ڪنوار جي ٻُٽ جي پلو تي ٻه رڪعتون نماز شڪرانه پڙهندو آهي، پوءِ ڪنوار جي سامهون ٿي ويهندو لائن لاءِ. پوءِ گهوٽ جي ڀيڻ ڇا ڪندي، جو ڪنوار جي ٻُٽ ۽ گهوٽ جي لونگيءَ جا پلوَ ٻڌي ڇڏيندي آهي جا پوءِ لاڳ ملڻ تي ڇوڙيندي آهي. لاڳ ۾ ڪو- ڪي ڳهه باسين ڪي مينهن يا ڍڳي يا جيڪو سري سگهي. نماز پڙهڻ مهل راڳ چونديون آهن. پوءِ گهوٽ جو مرشد يا پيءُ يا ڪو وڏو پهرين لاؤن ڏيندو، يعني ڪنوار ۽ گهوٽ جا مٿا ٻه دفعا پاڻ ۾ ملائيندو، ان کان پوءِ ٻيا عزيز به واري واري سان ائينائين لاؤن ڏيندا ويندا. ان مهل زالون هي راڳ چونديون آهن. ائين لائن پوري ٿيڻ کان پوءِ باقي زالون سوڻ ڪنديون آهن. مرد ٻاهر ويندا آهن. لائن کان پوءِ پهرين گل چونڊائيندا آهن. سي هيئن جو ڪپهه جي پوڻي کڻي، ان جا ذرا ذرا ڪندا ڪنوار جي مٿي تي ڇڏيندا ويندا، ۽ گهوٽ کي چوندا ته جلد چونڊ. ائين اها ڪپهه گهوٽ چونڊيندو ويندو. وري ساڳيءَ طرح سان ڪنوار کان به ائين گل چونڊائينديون آهن. اُن مهل راڳ چونديون آهن: انهيءَ سوڻ کان پوءِ تر مئائيندا آهن، سي هيئن جو ڪنهن ٿالهه ۾ کنڊ، چانور، ۽ کارڪون ملائي آڻي گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ رکندا، پوءِ چوندا ته گهوٽ ٻڪ ڀري ڪنوار جي ٻڪ ۾ڏئي ۽ ڪنوار ٻڪ ڀري گهوٽ جي ٻڪ ۾ڏئي. پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ائين ڪندا آهن. ان مهل گهڻو ڪري زالون بنان سر جي هيئن چونديون آهن: جيترا تر مئيندو. اوترا پٽ ڄڻيندو. ائين هر هر پيون چونديون. پوءِ وري کارڪ ڇڏرائينديون. سو هيئن جو ڪنوار کي مٺ ۾ کارڪ ڏيئي چونديون زُور سان جهل‘ ۽ گهوٽ کي چونديون ته ’هاڻ ڇڏاءِ.‘ ان مهل ڪنوار ڊپ مان کارڪ کي زور سان جهليندي آهي، ۽ گهوٽ جو ڦڪائيءَ کان زور ڪونه لڳندو آهي، پر آخر ڇڪتاڻ ۾ ڪنوار ويچاري کڻي هٿ ڍرو ڪندي آهي، ۽گهوٽ کارڪ ڇڏائي ويندو آهي. پوءِ قرآن ۾ منهن ڏيکاريندا آهن. سو هيئن؛ جو ڪنوار جي گوڏن تي کليل قرآن شر يف رکندا آهن. ڪنوار کي به چوندا آهن ته ’ قرآن ۾ ڏس ‘؛ ۽ گهوٽ کي به. پوءِ وري آرسيءَ ۾ منهن ڏيکاريندا آهن. اهو به ساڳيو انهيءَ نموني ۾. قرآن جي بدران ڪنوار جي گوڏن تي آرسي رکندا آهن. ڪنوار آرسيءَ ۾ ڏسندي آهي ۽ گهوٽ به ائين ايترين تڪليفن کان پوءِ، گهوٽ مس مس ڪنوار جو منهن ڏسندو آهي، سوبه آرسيءَ ۾. پر جي اتفاق سان گهوٽ مٿي ڏٺو ته ٺڪا ٿي وينديس ساليءَ جي چماٽ.[3] پوءِ وري گهوٽ ڪنوار کي وڃڻو هڻندو آهي. پوءِ گهوٽ ڪنوار لاءِ بسريون اينديون آهن، جي ٻئي گڏجي کائيندا آهن.

ان مهل ڪنوار کي مٿي تي ٻُٽ هوندي آهي. تمام سنهڙي ڪپڙي جي اَنگي ۽ هيٺ پڙو جنهن ۾ ڪچين تندن جو اڳٺ پيل هوندي آهي. ائين انهن سوڻن سان مائٽ پنهنجي اولاد کي شرعي زنجيرن سان ٻڌيو ڇڏين. ورندي رات گهڻو ڪري نيکيٽيءَ جي رات ٿيندي آهي جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي، ان رات ڪنوار جون مائٽياڻيون ڪنوار کان موڪلائڻ اينديون آهن. پوءِ در تي اڳيان گهوٽ پٺيان ڪنوار بيهندي آهي. ڪنوار جي ٻٽ ۽ گهوٽ جي لونگيءَ جا پلو ٻڌل هوندا آهن. پوءِ ڪنوار کي به ٻريل بتيون هٿن ۾ ڏيندا ۽ مٿي تي ڪپڙين جو ٻيلهڙو کير سان ڀريل ڏيندا. پوءِ اندر آڻيندا آهن. گهوٽ جي اچڻ تي وري لاؤن به اينديون ۽ لائن کان پوءِ وارا سڀ سوڻ وري ٿيندا آهي. پوءِ گهوٽ جي ڀيڻ لاڳ وٺي پلو ڇوڙيندي آهي. اتي جي ڪنوار ڏاڏي پوٽي هوندي آهي ته گهوٽ سندس پير ڌئاريندو آهي. وري ٽئي ڏينهن ڪنوار جي هٿن کي ڦوٽڻ واس ڏئي کير ۾ وجهندا آهن. ڏڌ کي گهمرا ڏياريندا آهن ۽ ان مئائيندا آهن. ان کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار گڏجي ڪنوار جي گهر ستاواڙي تي ويندا آهن اتي رات به رهي واپس پنهنجي گهر ايندا آهن. اهي آهن سنڌ جي مسلمان قومن جي شاديءَ جا سوڻ. جي ٿوري گهٽ وڌائيءَ سلن سڀني قومن ۾ رائج آهن. انهن سوڻن کي غور سان ڏسبو ته هو هڪ سوڻ ۾ محبت جي هڪ زبر دست تلقين لڪل آهي.[4]

نابالغ ٻارن جي شادي جو رواج[سنواريو]

رگ ويد ۾ اهڙي ڪا تُڪ آهي ئي ڪانه، جنهن مان سمجهجي ته انهيءَ زماني ۾ ننڍپڻ ۾ شاديءَ ڪرڻ جو رواج هو. جيڪي حقيقتون ڄاڻايل آهن، تن مان پاڻ ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن بالغ ٿينديون هيون، تڏهن پرڻبيون هيون. منڊل ڏهين جي سُوڪت 85 ۾ چيل آهي ته ”ٻيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڏي نه وڃ، جا اڃا پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهي، ۽ پرڻجڻ جون سڀ علامتون منجهس آهن“. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مرض ۾ مبتلا هوندي هئي، جنهنڪري پرڻجڻ کان خارج هوندي هئي، يا سڄي عمر ڪنوارو رهڻ چاهيندي هئي، ته پيڪي گهر گذاريندي پَريا پئجي ويندا هئس. ٻال وواهه جو رواج سُوترن واري زماني ۾، يعني ويدن کانپوءِ جي زماني ۾ عام ٿيڻ لڳو، ۽ ننڍپڻ جي وهانءَ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، سي پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا[5]

قديم ھندستان ۾ شاديءَ جو رواج[سنواريو]

رگ ويد جي منڊل ڏهين (27، 12) مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ڇوڪريون پرڻبيون هيون، سي پنهنجي لاءِ گهوٽ پاڻ چونڊينديون هيون – ”وَرُ“ معنيٰ ”گهوٽ“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”چونڊيل“. ”سويمور“ معنيٰ پنهنجي چونڊ پاڻ ڪرڻ. ڇوڪريون پنهنجي لاءِ عام طرح اُهو ”ور“ (گهوٽ) چونڊينديون هيون، جنهن تي دل ٿيندي هين، يعني اڪثر پريم وواهه ٿيندو هو (منڊل اٺون، 62، 4)، جو ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته پرڻي جي خوشيءَ جو بنياد ئي پريم تي ٻڌل آهي (منڊل ڏهون، 27. 12). رگ ويد واري زماني ۾ذات پاتم جو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن جي جنهن سان دل لڳندي هئي، سو تنهن سان پرڻبو هو؛ رڳو سگوتر ۽ سپنڊ وهانءَ جي منع هئي (صفحو 175)، پاڻ کان گهٽ گهر کڻڻ ڪو ڪونه پسند ڪندو هو. ڪنهن وٽ ڌن مال ججهو هوندو هو، پر نه هوندا هئس لڇڻ ۽ نه سهڻي شڪل شبيهه، ته اهڙي کي ٻانهن ڏيڻ ڪو ڪونه چاهيندو هو. ڪي ته ڌن کي ڏسي مائٽيون ڪندا هئا. عام رواج هيءُ هو ته ڪنهن وٽ کڻي ڌن گهڻو نه هوندو هو؛ پر علم ۽ لڇڻ هوندا هئس، ته اهو پسند پوندو هو. ساڳيءَ طرح ڪا ڇوڪري غريب مائٽن جي ڌيءَ هوندي هئي، پر سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي هئي ته اها پسند پوندي هئي، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”لڌي کان لڇڻ وڌيڪ“. انڌيون ڪاڻيون۽ ٽيڏيون مشڪل اگهامنديون هيون، پر جيڪڏهن ڪو ساڻن پرڻبو هو، ته انهيءَ ڳالهه تان ڪوبه اعتراض ڪونه اٿاريندو هو (رگ ويد، منڊل 23، 11).[5] ميلن ۽ محفلن ۾، يا ٻين هنڌ، جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، جيڪڏهن هڪٻئي سان دل لڳي ويندي هين، ته اول پاڻ ۾ پڪون پچائيندا هئا، ۽ پوءِ گهوٽ جي سنگتين يا مٽن مائٽن مان ڪو ڪنواريتن سان وڃي مائٽي چوريندو هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين. (سوڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻيءَ ”سؤريا“ جو وهانءُ سوم (چندرما) سان ٿي ٿيو، ته سوم جي پاران اشوني ڪمار ديوتائن وڃي مائٽي چوري هئي. انهيءَ ڳالهه مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته گهوٽيتن مان ڪا پهر ڪنواريتن سان مائٽي چوريندي هئي. پوءِ جي ساهت، خاص ڪري سمريتن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهوٽيتيءَ پهر مان ٻه ودوان وڃي ڪنوار ڏسي ايندا هئا. ٻنهي ڌرين کي جيڪڏهن مائٽي پسند ايندي هئي، ۽ ڪنواريتا جيڪڏهن اڃان پنهنجي من ۾ ٺهراءُ ڪندا هئا ته پنهنجي نياڻي فلاڻي سان پرڻائجي، ته چئبو ته پنهنجي من ڪري پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. انهيءَ کي سڏيندا هئا ”منسادت“ (Mansadata) يعني من ڪري ڏنل (Mentally given). اهڙي منشا من ۾ڌارڻ کانپوءِ، مائٽيءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪن براهمڻن جي روبرو اول سيڻ پاڻ ۾ گڏبا هئا، اُن وقت ڪنوار جو پيءُ پنهنجي من جي منشا ظاهر ڪرڻ لاءِ گهوٽ پيءُ کي چوندو هو ته ”پنهنجي پٽ لاءِ منهنجي ڪنواري ڪنيا وٺو، جا مَنَ ڪري کيس ڏني ويئي آهي: هينئر به ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو.“ گهوٽ پيءُ پوءِ ڇوڪري ڏسي، خاطري ڪري، ڪنوار پيءُ کي چوندو هو ته ”توهان جي ڪنواري ڪنيا مان پنهنجي پٽ لاءِ قبول ڪريان ٿو، جا مَنَ ڪري کيس اڳي ئي ڏني ويئي آهي: توهين منهنجو پٽ ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو. ڪنوار پيءُ پوءِ ڇوڪرو ڏسي خاطري ڪندو هو. جيڪڏهن ڇوڪرو پسند ايندو هوس ته پنهنجي ڪنيا دان ڪرڻ جي ڳالهه پنهنجي زبان سان کولي چوندو هو، اهو سڏبو هو ”واڳدان“ (واڪدان) يعني وچن دان. ڪنوار پيءُ براهمڻ جي روبرو پنهنجي ”واچادت“ (Vachadatta) يعني وچن ڪري يا زباني ڏنل (Verbally given) مطلب ته پهريائين من ڪري ڪنيادان ٿيل هو، ۽ هاڻ زبان سان وچن ڏيئي ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. اوڏيءَ مهل حاضر براهمڻن مان پان ورهائيندا هئا. هن وقت مصري کائيندا هئا. ڪنيادان جي ٽين منزل سڏبي هئي ”ڌارادت“ (Stream – given i.e. actually given) Dharadatta يعني جڏهن تت وهندي نياڻي ڏيندا هئا. هي سڀ ڳالهيون سمرتي ڪارن ڄاڻايون آهن. سمرتيون جيتوڻيڪ گهڻو پوءِ جون لکيل آهن، ته به منجهن ڳالهيون ويدڪ زماني جون آهن[6] وهانءَ جي پڪ ٿيندي هئي ته وهانءَ لاءِ مهورت ڪڍائيندا هئا. وهانءَ جي ڏينهن گهوٽ اُچا سٺا ڪپڙا ۽ جڙت جڙيل سونا زيور پائي (منڊل پنجون، 6، 4) ۽ سرهاڻيون مکي، پنهنجن مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين جي ڄڃ وٺي، ڪنواريتي گهر ويندو هو. ڪنواريتا گهوٽيتن جو آءُ آدر ججهو ڪندا هئا، کين اُچا اُچا طعام کارائيندا هئا ۽ پوءِ وهانءَ جي رسم ادا ڪندا هئا.[2] قديم زماني ۾ وهانءَ جي رسم رسمات اها ساڳي هئي، جا هينئر آهي. وهانءُ مهل جيڪي منتر براهمڻ اُچارين ٿا، سي گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان ڪي اکر به اکر رگ ويد مان ورتل آهن؛ تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته هاڻوڪي ويڏيءَ جو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هليو اچي. انهيءَ قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو هندستان جي ٻين هنڌن جي هندن وانگر پرڻي جون رسمون بلڪل پوريءَ ريت بجا آڻيندا پيا اچن. هڪ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته آڳاٽن ماڻهن جي مادري زبان سنسڪرت هوندي هئي، جنهن ۾ اڄ تائين ويڏي پڙهڻ ۾ اچي ٿي. اڳي وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان ڪي پرتگيائون يا قول قرار ڪندا هئا. خود ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کان ڪي انجام وٺندو هو، جهڙوڪ ”ڌرم ۽ ارٿ (ڌن دولت) جي پراپتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج وغيره“. اڄ ڪالهه اسان جا ماڻهو اڪثر سنسڪرت ڄاڻن ئي ڪونه، تنهنڪري وهانءُ ڪرائيندڙ براهمڻ گهوٽ ۽ ڪنوار جي پاران سوال جواب پاڻ ڪندو ويندو آهي ۽ سمجهندو به رڳو پاڻ آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار ماٺ ڪيو ويٺا آهن.ڄاڃين مان ڪي اوڏيءَ مهل کاني پيني ۾ مشغول هوندا اهن، جنهنڪري ڪيترن هنڌ ڏسبو آهي ته جنهن سانت سان هيءُ شڀ ڪارج ٿيڻ گهرجي، سا سانت هوندي ڪانهي، ۽ اٽلندو کيچل لڳي پيئي هوندي آهي. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته ساٺ سوڻ وغيره اهي ئي ساڳيا هليا اچن. اها ڳالهه خود ”وهانءَ“ ۽ ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي، جي لفظ اڄ تائين عام طرح ڪم پيا اچن.[2] سنڌو ماٿر جي رهاڪن جو نمونو ئي نرالو هو. هو وهانءَ کي هڪ ”“سنڪار“ (Sacrament) ڪري ليکيندا هئا. هندن هندن جي شاسترن پٽاندر هرهڪ سنڪار ڪرڻ ۾هل ”سراڌ“ ڪرڻ گهرجي. وهانءَ مهل ”سراڌ“ ۽ ”ترڪڻ سُڌي“ (Trikarana Suddhi) اهي ٻه مکيه ڳالهيون هونديون هيون. ”سراڌ“ آهي ”سرڌا“ (سچي سرڌا) ۽ ”ترڪرڻ سڌيءَ“ ۾ من، وات ۽ هٿ اهي ٽيئي شڌيا پوتر رکڻا آهن. مطلب ته من ۾ ڪو خراب خيال ڪم نه ڪجي. انهيءَ لاءِ اول ”سنگلف“ وٺندا هئا. ”سنگلف“ۡ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سنڪلپ“، ۽ اصل معنيٰ اٿس ”دل جو ارادو“ يا پڪو ٺهراءُ“. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ چانور، پاڻي، گل ۽ ڏکڻا جهليندا هئا، ۽ اها ڏکڻا پنهنجي ڪُل جي پروهت کي ڏيئي، پنهنجو پڪو پرڻ ظاهر ڪندا هئا ته ”اسين مَنين، وچنين ۽ ڪرمين شڌ (پوتر يا صاف) رهنداسين“. انهيءَ سنڪلپ جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ٻانهن ۾ اڄ تائين ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌندا آهن. رکڙي ٻڌڻ جو اهو مطلب آهي ته ديوتائون سندن رکيا (سنڀال) ڪن ته هو من، وچن ۽ ڪرم ۾ شڌ رهي، پنهنجي وچن جي پالنا ڪن. وهانءَ جي رسمن پوري ٿيڻ کانپوءِ اها رکڙي ڇوڙيندا آهن، جنهن جي معنيٰ ته جيڪو سنڪلپ ڪيو ويو هو، سو پورو ٿيو. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ ”اڪشت“ (اڻ ڇَڙيل چانور) جهليندا هئا. ”اڪشت“ جو اُچار پوءِ ڦري ”اَڇُٽ“ ٿيو، تنهنڪري هينئر ”اَڇُٽ“ لفظ ”سنڪلپ“ (سنگلف) جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو.[2] ڪنوار ساهري گهر ويندي هئي ته گهوٽ سان پلئه ٻڌي هون هوم ڪندي هئي. انهن مان وڏو يا مکيه هوم ”پرڌان آهوتي“ سڏبو هو. هر ڪو گهوٽ ائين سمجهندو هو ته ”جوءِ آهي ديوتائن جي ڏنل ڏات“، تنهنڪري انهن ديوتائن جي اُستتي ڪندو هو، جن وٽان اها ڏات ملندي هيس. پرڌان آهوتيءَ يا مکيه هوم ڪرڻ مهل گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چوندو هو ته ”پهريائين سوم ديوتا توکي ماڻيو ٿي، پوءِ گنڌرون ۽ انهن کانپوءِ اگن ديوتا توکي ماڻيو ٿي، ۽ هاڻ مان انسان ذات مان پيدا ٿيل تنهنجو پتي ٿيو آهيان، ته تو مان سنتان (اولاد) پيدا ڪريان“. هرڪو گهوٽ فقط سوم ديوتا، گنڌرون ۽ اگن ديوتا جي هن ريت اُستتي ڇو ڪندو هو، ۽ هي مٿيان لفظ ڇو چوندو هو، ۽ اُنهن جي معنيٰ ڪهڙي آهي، سي ڳالهيون سڀڪو ماڻهو پاڻ مرادو سمجهي ڪين سگهندو، تنهنڪري ٽيڪا ڪارڻ (تشريح ڪندڙن) جيڪي لکيو آهي، سو مختصر طرح ٻڌائجي ٿو ته هيءَ مکيه ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي. سوم هڪ نشيدار ٻوٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي رس پيڻ سان آڳاٽن آرين جو تن تازو ٿيندو هو – سوم رس ۾ اهو گڻ پيدا ڪندڙ به ”سوم“ ديوتا سڏبو هو. ان کي پوڄيندا هئا ۽ ائين وسهندا هئا ته ساري ونسپتي يا نباتات (Vegetable Kingdom) جي مٿان اهو ديوتا آهي. جيئن سلو وڌي وڻ ٿئي ٿو، تيئن سوم ديوتا جي ڪريا سان انسان جو جسم به وڌي ٿو ۽ بدن تي وار ڄمن ٿا، جيئن سج جو تَو تي وڻ ٽڻ وغيره اُسرن ٿا، تيئن سوم ديوتا جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا جي بدن تي وار پيدا ٿين ٿا. ائين ڄڻ ته سوم ديوتا اول اها ڪنيا ماڻي ٿو*. ڪنيا جي جسم کي وڌيڪ سوڀيا، گنڌرون (Good Goblines) جي ڪرپا سان ٿئي ٿي. کيس ڏڪ ڄمن ٿا ۽ منجهس جوانيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. ائين گنڌرو ڄڻ ته اها ڪنيا ماڻي کيس اُسرائين ٿا، ۽ پوءِ کيس اگن ديوتا جي حوالي ڪن ٿا. ”اگن“ لفظ جي معنيٰ آهي باهه، ۽ انهيءَ عناصر يا تت جو ديوتا به ڪري ٿو، جنهنڪري کيس هر مهيني زناني اچي ٿي. جنهن ڇوڪريءَ کي اڃا زناني نٿي اچي، سا ”گؤري“ سڏجي ٿي، پر جنهن وقت اچڻ شروع ٿئيس ٿي. تنهن وقت ”روهڻي“ سڏجي ٿي. ائين ڄڻ ته اگن دفيوتا گوري کي ماڻي کيس روهڻي ڪري ٿو. هوءَ پوءِ پڪي زال ٿئي ٿي، ته گهوٽ سان پرڻجي ٻارن ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي.[7] انهيءَ سبب جوءِ آهي انهن ديوتائن جي ڏنل ڏات.هاڻ چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته جن ديوتائن جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا اُسري ڦوهه جوانيءَ ۾ اچي ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي، تن ديوتائن جي اُستتي ڪرڻ گهوٽ پنهنجو فرض سمجهندو هو، ۽ اهو وڏو هوم انهيءَ لاءِ ئي ڪندو هو. ويدن ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪيڏيءَ ڄمار جي ڇوڪري پرڻائڻ گهرجي، پر ايترو چٽيءَ ريت چيل آهي ته جڏهن اگن ديوتا کيس ماڻي ٿو، يعني جڏهن کيس زناني اچي ٿي، تنهن کانپوءِ هُوءَ پرڻجڻ جي لائق ٿئي ٿي. مطلب ته ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائڻ سو آهي گويا گُڏا ۽ گُڏيون پرڻائڻ. تنهنڪري ٻال وواهه جي رسم، جنهن پوءِ زور ورتو، سا ويدن جي برخلاف سمجهڻ گهرجي. پرڌان هوم جا جيڪي منتر آهن، تن مان به ائين ظاهر آهي ته ڇوڪري تڏهن پرڻبي هئي جڏهن بالغ هوندي هئي[2]

شادي جي رسم جو زوال[سنواريو]

اسان جي انفراديت پسند زماني ۾ شاديءَ جو هڪ بلڪل ٻيو نظريو پيدا ٿيو آهي جنهن کي ”آزاد محبت“ جو وڻندڙ نالو ڏنو ٿو وڃي. ان نظريي مطابق جيڪڏهن واعدا ٽوڙڻ لاءِ ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ واعدا ڪجن ئي ڇو. جيڪڏهن شاديءَ جو انجام طلاق آهي ته پوءِ اسان رڳو رسمي شادي ڇو ڪيون. جيڪڏهن شادي محبت جي ڪري آهي ته پوءِ محبت جو موت طلاق لاءِ جائز سبب آهي، عاشق ۽ محبوب کي ذاتي ديانت ۽ اعتماد جي بنياد تي هڪ ٿيڻ گهرجي. پر جڏهن محبت ختم ٿي وڃي ته پوءِ کين زندگي ۽ جوانيءَ خاطر نئون محبوب ڳولهڻ گهرجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page21.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 6.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 6.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  5. 5.0 5.1 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  6. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page21.html}سانچو:Brilaspati says: "The Samriti of Manu stands high as embodying the teachings of the Vedas." Quoted by R. Raghu Natha Rao The Aryan Marriage. P. 115.[مئل ڳنڍڻو]}
  7. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page21.html}{{When hair has appeared (on the pubes) Soma enjoys (protects) a maiden: the Gandharva enjoys (protects) her when the breasts are developed, and Agni when she had the menstrual discharge". Sjt. Sastri: Marriage after Pubertry, p.6.}}[مئل ڳنڍڻو]}