قديم يونان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

قديم يونان


اھڙيءَ ريت يونان جي غلامي ۽ جمھوريت جي دور جي تاريخي رڪارڊ ۾ آھن ھومر جي دور جي طبقاتي ڍانچي کاب وڏو الڳ ھو. ساحلي علائقن ۾ ھر طرف تجارتي شھر ڦٽي پيا ھئا. ھي سڀ شھر پھريون پھريون زمين جي مالڪن جي ننڍن ننڍن حڪمران طبقن جي اثر ھيٺ ھئا جن سياسي حقن تي قبضو قائم ڪيو. اسين سمجھي سگھون ٿا ته زمين جا مالڪ ئي شھرن جي مرڪزي قلم لکندڙن تي حقيقي قابض رھيا ھوندا. جئين جئين تجارت ارتقا ڪئي ھوندي زمين جا اگھ آسمان تي چڙھي ويا ھوندا. ۽ زمين جي مالڪن پنھنجي پيداواري حيثيت سان منديءَ تي قابو ڪرڻ جي قابل رھيا ھوندا. پڪ سان انھن پنھنجي مٿانھين حيثيت کي چؤڌاري رھڻ وارين غريب شھرين جي وچ اوڌر ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ھوندو. ۽ گھڻن کي قرض جي بار ھيٺئون دٻيو ويو ھوندو. (ھونئن ھي مسئلو اڃان تحقيق جوڳو آھي، انڪري ڳوٺاڻا ماڻھو پنھنجي زمينن کي گروي رکندا ھئا يا ته پنھنجو پاڻ کي). جئين جئين تجارت جو ارتقا ٿيو، تاجر ۽ دستڪار طبقه اھميت پڪڙيندا ويا، ۽ ان سان گڏوگڏ غريب ھارين جي سياسي حقن جي لاءِ جدوجھد به مٿي چڙھي. جڏھن ھڪ دفعو طبقاتي معاشرن پنھنجا پير ڄمايا، ته انھن آباديءَ جي وڏي حصي ۾ ويڙھ ۽ جنگ ذريعي پير ڦھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا. ھر ڪوئي ان تاڪ ۾ ھو تي وڌيڪ پيداوار جو ڪوئي حصو جھپٽي سگھي. يونان ۽ روم جون سڀ شھري رياستون انھيءَ ئي ھڪ اصول ھيٺ قائم ھيون. جملي شھري رياست (يوناني زبان ۾ پوليس) (polis) ھر ٻي شھري رياست خلاف گڏ ھئي، پر پاڻ انتشار جو شڪار. ھڪ پاسي ته طبقاتي لڪيرن انھن ۾ پھاڙ وجھي ڇڏيا ۽ ٻئي پاسي شھري ۽ غلام ھئڻ جي. پھريون پھر ته غريب شھرين کي (جن کي روم ۾ پلي بيئڻ چيو ويندو ھو) ھر قسم جي سياسي حقن کان محروم رکيو ويو ھو. انھن جي جدوجھد سياسي ھئي،مطلب ته رياست جي فيصله سازيءَ ۾ اظھاررائي جي حصول جي. فوجي بقا به ھڪ لازمي امر ھو، جنھن سبب رياست رعايا جي فوج سان گڏ تعاون جي محتاج ھئي. دولتمند زمين جي مالڪن جي طبقي کي غريب شھرين جي ضرورت ھئي ته ھُو انھن خاطر وڙھن. انھيءَ سبب مٿين طبقي جي ھڪ نمائندي سولون 594ع قبل مسيح ۾ ايٿينز ۾ (اسان جي بھترين ڄاڻ مطابق) زمين کي پلي بيئنز (ھيٺين طبقي) ۾ واقعتاً ورھايو ويو. ايٿينز ۾ جيڪي ان وقت جو سڀ کان وڏو تجارتي مرڪز ھو، جنھن ۾ وڏي پيماني تي تاجر ۽ دستڪار جمع ٿي چڪا ھئا، آخرڪار ننڍي طبقي جق ماڻھو پورن جمھوري حقن حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويا. غريب ماڻھن جي عام خدمت ڪرڻ جو معاوضو ڏنو ويندو ھو، ۽ لڳ ڀڳ 5000 شھري اسيمبليءَ ۾ پاليسين تي باقاعدگيءَ سان بحث ڪندا ھئا. جمھوريت جي لاءِ ڪئي ويندڙ جدوجھد ڪيترن ئي مرحلن کان ٿي ڪري گذري ھئي. پھريون پھريون ته ھڪ شھر کان ٻئي شھر ۾ قائم ڪجھ سيري حڪومتن کي آمرن پٽي اڇلايو. انھن ماڻھن ۾ اسان کي بعد ۾ اچڻ وارن انھن مطلق العنان بادشاھن سان حيرت ڀري مشابھت ملندي آھي، جن جاگيردار اشرافيه ۽ اڀرندڙ تاجر سرمائيدار طبقي جي وچ ۾ توازن قائم ڪيو. سڀني مطلق العنان حڪمرانن وانگر انھن سياسي طاقتن تي قابض ٿيڻ جي لاءِ طبقاتي ڪشمڪش ۾ دير پيدا ڪرڻ جو گڻ استعمال ڪيو. جھڙيءَ ريت انگلستان جي ٽيوڊر بادشاھن سان ٿيو ھو. جنھن سياسي استحڪام جو ذمو انھن ورتو ھو، ان سبب دولتمند طبقي کي وڌيڪ طاقتور ھئڻ جو موقعو مليو. پر ھي دولمند جيڪو انھن بادشاھن جو مضبوط ترين سھارو ھئا، انھن جا ئي دشمن ٿي ويا. ڇو ته اُھي ھن بي مھار شطرمرغ سياسي طاقت جي ذريعي قابضيت جو دور ختم ٿي ويو. پر ايٿيني جمھوريت (شھرين جي لاءِ جمھوريت) جي بنياد غير شھري طبقي يعني غلامن جي استحصال تي قائم ھئي جيڪا ھر طرح جي سياسي حقن کان محروم ھئا. ايٿيني جمھوريت حقيقت ۾ حڪمران طبقي جي مفادن کي استحصال ٿيل غلام طبقي جي مقابلي ۾ طاقت ڏيڻ ۽ جنگ جي حالت ۾ حڪمران طبقي جي مفادن جي دفاع ڪرڻ جو ھڪ ميڪنزم ھو. پوليس ھڪ اھڙو ادارو ھو جنھن کي لڳاتار جنگي صورتحال کان نبرڻ لاءِ ٺاھيو ويو ھو. شھر جي طاقت انھن آزاد ھارين تي مشتمل ھئي، جيڪي پاڻ کي مسلح ڪرڻ جي قابل ھئا (ھوپ ليٽس). ايٿينز ۾ جڏھن غريب شھرين پنھنجي شھر خاطر ايرانين سان وڙھي ڪري سلاميس جي جنگ کٽي ورتي ته ان کان پوءِ جمھوريت جي ڪاميابي لازمي ٿي وئي. بيشڪ اُھي ماڻھو ايترا غريب ھئا جو پاڻ کي مسلح نه ڪري سگھندا ھئا،پر انھن ايٿيني بحريه جي لاءِ کِھوي مھيا ڪيا. اھڙيءَ ريت توسيع پسندي ۽ غلام پڪڙڻ جي لاءِ غريب ۽ امير شھرين جي وچ ۾ ھڪ غير مقرر مفاداتي اتحد قائم ٿي ويو. جيستائين شھرين جو تعلق آھي ته بعد ۾ ايندڙ رومن غلاماڻي سماج جي مقابلي ۾ يوناني غلاماڻي پيداوار جي خاصيت نسبتاً ”جمھوري“ ھئي. ايستائين جو غريب کان غريب شھري به زمين يا ڪم واري جاءِ ۾ پنھنجي مدد لاءِ ھڪ اڌ غلام رکي سگھندو ھو. جنھن کي ھُو ”غلام گروھن“ ۾ ڪم ڪرائڻ جي لاءِ ڪرائي تي به ڏئي سگھندو ھو. ائين غريب شھرين مان وڌيڪ پيداوار نچوڙي ويندي ھئي، ڇو ته امير ماڻھن وٽ محنت جي پھنچ الڳ سان موجود ھئي. يونان جون اُھي رياستون جٿي جمھوريت نه ھلي سگھي ھُو سمنڊ کان ڪجھ پري اندريان علائقا ھئا، جٿي زمين تي مشتمل جئداد، تجارتي دولت کان قدرتي طور تي وڌيڪ اھم ھئي. ڇوته محنت ان قابل ٿي چڪي ھئي ته ان مان واڌو پيداوار ڦٻائي وڃي. انھيءَ سبب تي غلام داريءَ جو وجود برقراقر ھو. ھيءَ واڌو پيداوار، حڪمران طبقي طرفان ڦٻائي ويندي ھئي جيڪو پيداوار جي ذريعن جو مالڪ ھو. جيڪڏھن ان صورتحال کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ غلام پاڻ پيداوار جو ذريعو ھئا. رياست حڪمران طبقي جي رياست ھئي. سماج جو سڄي جو سڄو ڍانچو ئي غلاماڻي محنت جي بلبوتي تي بيٺل ھو. فنونِ لطيفه، ثقافت ۽ فلسفي جا سڀ معجزا رڳو ان جي ئي بلبوتي تي ممڪن ٿيا ته ھڪ طبقي محنت ڪندي پنھنجو استحصال ڪرايو جنھن جي ڪري مالڪن کي ڪم کان فرصت نصيب ٿي. غلاماڻي سماج جي حرڪت پاڻ ان جي اندر موجود ھئي. ان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار وڌ کان وڌ غلامن جي حصول تي ھو. جيترا وڌيڪ غلام اوتي ئي وڌيڪ بي اجرت محنت. جٿي جٿي پيداوار جي بنيادي بيھڪ غلامن تي ھئي. اتي محنت ڪرڻ کي ھڪ غلاماڻي ۽ ڪمينو ڪم سمجھڻ شروع ڪيو ويو. (ڪمي، ڪمين، ڪمينو سڀ لفظ ڪم ڪرڻ واري کي ذليل ظاھر ڪندا آھن. مترجم) جنھن جو نتيجو ھي نڪتو ته آزاد ماڻھوءَ لاءِ محنت ڪرڻ شرمناڪ ڳالھ بڻجي وئي انڪري ھن طريقي جي پيداوار کان جان ڇڏائڻ لازمي ٿي ويو. جڏھن ته ٻئي پاسي غلامي وڌيڪ ترقي يافته پيداوار جي راه ۾ ھڪ رنڊڪ ھئي جيڪا فوري طور تي ان جي خاتمي جو مطالبو ڪري رھي ھئي. ان تضاد غلاميءَ تي ڀاڙيندڙ سڄيءَ جي سڄيءَ پيداوار ۽ آباديءَ کي ھڪ پنھنجي نشي ۾ جڪڙي رکيو ھو. گھڻين ئي صورتن ۾ ھن ڳالھ جو ھڪ ھي حل سامھون آيو ته ختم ٿيندڙ معاشرن کي ٻين طاقتورن زبردستيءَ ھيٺئون ڪري ڇڏيو. (جئين يونان کي مقدونيه وارن، ۽ بعد ۾ روم وارن). جيستائين قبضو ڪندڙ اھي رھيا جنھن جي پنھنجي بنياد غلاماڻي سماج تي ھئي اُن وقت تائين تبديليءَ جو مطلب مرڪز جي تبديليءَ کان سواءِ ڪجھ نه ھو. ۽ مٿين سطح تي ھي عمل ان وقت تائين دھرايو ويندو رھيو جيستائين آخرڪار انھن ماڻھن (رومن) قبضو نه ڪيو. جنھن غلاميءَ کي پيداوار جي ھڪ ٻئي بنتر سان تبديل نه ڪري ڇڏيو. (اينگلز جي اينٽي ڊيورنگ جي لاءِ تعارفي لکڻي). ان تشريح جي وڌيڪ تفھيم خاطر اسان کي روم جا حالات ڏسڻا پوندا. جٿي غلام داري آخري دمن تي ھئي ۽ مغربي يورپي سماج آخرڪار ھن بند گھٽيءَ مان نڪرڻ جي ھڪ راھ ڳولھي ڪڍي ھئي. جنھن ۾ ھُو ٽڪر ھڻي رھيو ھو.