هو جمالو
سنڌي مرد ھو جمالو تي رقص ڪندي | |
| مقامي نالو | هو جمالو |
|---|---|
| قسم | لوڪ ناچ |
| ابتدا | سنڌ |
| Genre | Folk music And Dance traditional |
|---|---|
| Asal | Wilayah Lar, Sindh, Pakistan |
| Language | Bahasa Sindhi |
| Form of performance | Reciprocal singing and group dancing |
| Accompaniment | Duhl (drum ketel) and applause |
| Function | Celebration, welcome, and expression of joy |
هو جمالو (انگريزي ٻولي: Ho Jamalo) سنڌ جو مشهور لوڪ گيت ۽ ان سان لاڳاپيل روايتي لوڪ ناچ آهي. هي گيت عام طور شادين، ميلن، جشنن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايو ويندو آهي. گيت ڳائڻ دوران ماڻهو ان جي مخصوص ڌن ۽ تال تي گڏجي ناچ ڪندا آهن، جنهن کي جمالو ناچ چيو وڃي ٿو. سنڌي لوڪ موسيقيءَ ۾ هو جمالو کي نمايان حيثيت حاصل آهي ۽ وقت سان گڏ اهو سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ جي مشهور اهڃاڻن مان هڪ بڻجي ويو آهي.[1]
نالو ۽ روايتون
[سنواريو]هو جمالو جي شروعات ۽ لفظ جمالو جي اصل بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. لوڪ روايتن موجب جمالو ڪنهن شخص جو نالو هو، جيڪو ڪنهن سبب پنهنجي گهر يا ساٿين کان پري هليو ويو هو ۽ سندس موٽي اچڻ تي خوشيءَ ۾ سندس نالي سان گيت ڳايو ويو. وقت گذرڻ سان اهو گيت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي هڪ مشهور لوڪ گيت بڻجي ويو.[2]
جمالي بابت روايتي بيتن ۽ مصرعن ۾ کيس بهادر، سگهارو ۽ قداور شخص ڪري پيش ڪيو ويو آهي. گيت جي مختلف روايتي صورتن ۾ جمالي جي جسماني سگهه ۽ بهادريءَ جي ساراهه ڪئي وئي آهي. جيئن هڪ مشهور مصرعي ۾ اچي ٿو:
جنهن جا پير پنج سير، هو جمالو!
لوڪ گيت هجڻ سبب هو جمالو جي ڪا هڪ مقرر ۽ قطعي صورت ناهي. مختلف وقتن ۽ علائقن ۾ ڳائڻ وارن ۽ شاعرن ان ۾ نوان مصرعا شامل ڪيا آهن. انهن مان سکر واري پل سان لاڳاپيل مشهور مصرعو بہ سنڌ ۾ عام ٿيو:
جيڪو سکر واري پل تي، هو جمالو!
ابتدا بابت روايتون
[سنواريو]هو جمالو جي ابتدا بابت مختلف محققن ۽ لوڪ ادب جي عالمن جدا جدا روايتون قلمبند ڪيون آهن. هڪ روايت ان واقعي کي ميرن جي دور سان ڳنڍي ٿي، پر گيت جي صحيح تاريخ ۽ ان جي پهرين ڳائيندڙ بابت قطعي تاريخي ثبوت موجود ناهن.[2]
سنڌي لوڪ ادب جي محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب جمالو آڳاٽي دور جو هڪ ڪوپو ۽ اڙٻنگ شخص هو، جيڪو گهر کان ٻاهر ويل هو. جڏهن هو واپس موٽيو تہ سندس آمد جي خوشيءَ ۾ سندس نالي سان گيت ڳايا ويا، جيڪي پوءِ مقبول ٿي لوڪ روايت جو حصو بڻجي ويا.[2]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي بيان موجب هو جمالو خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو ويندڙ لوڪ گيت آهي. هن گيت جي روايتي مضمونن ۾ جمالي جو پنهنجن کان جدا ٿيڻ، سندس وڇوڙي جو افسوس، سندس موٽي اچڻ، واپسيءَ جي خوشي ۽ سندس خوبين جي ساراهه شامل آهن.[2]
ڊاڪٽر بلوچ سان منسوب هڪ ٻي روايت موجب جمالو نالي هڪ شخص پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ڪجهه سال لاڙ ۾ رهيو، جتي هن جتن سان وقت گذاريو. جڏهن هو واپس پنهنجي ساٿين وٽ پهتو تہ سندس سڄڻن خوشيءَ ۾ ناچ ڪيو ۽ سندس نالي سان گيت ڳايا. اها روايت پوءِ سنڌي لوڪ ادب ۾ هو جمالو جي ابتدا سان لاڳاپيل مشهور روايتن مان هڪ بڻجي وئي.[2]
جمالو ناچ
[سنواريو]
هو جمالو رڳو ڳائڻ تائين محدود ناهي، پر ان سان هڪ مخصوص اجتماعي ناچ بہ وابسته آهي. عام طور ڳائڻ ۽ ساز وڄائڻ وارا وچ ۾ بيهندا آهن ۽ ناچ ڪندڙ انهن جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي گيت جي تال مطابق حرڪتون ڪندا آهن. تال تيز ٿيڻ سان رقص جي رفتار ۽ جوش بہ وڌندو آهي.
پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا جمالو ناچ جي روايتي طريقي بابت لکي ٿو تہ سازندن کي وچ ۾ بيهاري سندن چوڌاري گول دائرو ٺاهي اجتماعي صورت ۾ رقص ڪيو ويندو آهي. سندس بيان موجب ڳوٺاڻن سماجن ۾ هن ناچ جي روايت نسل در نسل منتقل ٿيندي رهي آهي ۽ هو جمالو جي تال شروع ٿيڻ سان ناچ ڪندڙ تال سان هم آهنگ حرڪتون شروع ڪندا آهن.[3]
ثقافتي اهميت
[سنواريو]هو جمالو سنڌ جي اجتماعي خوشيءَ سان ڳنڍيل لوڪ روايت آهي. شادين، ثقافتي پروگرامن، ميلن ۽ ٻين جشنن ۾ ان جو استعمال هن گيت کي سنڌي عوامي ثقافت جي نمايان علامتن مان هڪ بڻائي ٿو.[1][2]
لوڪ روايت هجڻ سبب هو جمالو وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رهيو آهي. مختلف دورن جي ڳائڻ وارن ۽ شاعرن مقامي واقعن، هنڌن ۽ شخصيتن بابت نوان مصرعا شامل ڪيا، جڏهن تہ بنيادي انداز ۾ هر مصرعي جي پڄاڻيءَ يا جواب ۾ هو جمالو جي ورجاءَ واري بناوٽ برقرار رهي. انهيءَ زندهه لوڪ روايت سبب گيت جون مختلف علائقائي ۽ جديد صورتون بہ رائج ٿيون آهن.[2]
هو جمالو جا ٻول
[سنواريو]هو جمالو هڪ زندهه لوڪ روايت هجڻ سبب ان جا ٻول وقت، علائقي، ڳائڻ واري ۽ موقعي مطابق مختلف صورتن ۾ ڳايا ويندا رهيا آهن. ڪيترين مشهور صورتن ۾ جمالي جي موٽڻ، سندس سونهن ۽ بهادريءَ جي ساراهه سان گڏ سنڌ، لاڙ، سکر ۽ ٻين هنڌن جا حوالا پڻ ملن ٿا.[2]
| # | ٻول |
|---|---|
| 1 | او منهنجو کٽي آيو خير سان... هو جمالو |
| 2 | او منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏانهن... هو جمالو |
| 3 | او منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو |
| 4 | او جيڪو کٽي ايندو خير سان... هو جمالو |
| 5 | او منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏانهن... هو جمالو |
| 6 | او جيڪو سکر واريءَ پل تي... هو جمالو |
| 7 | او جيڪو موري واريءَ پل تي... هو جمالو |
| 8 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 9 | او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو |
| 10 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 11 | او جنهن جا وار گهنڊي دار الا... هو جمالو |
| 12 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 13 | او هيءَ سنڌ سموري سون آ... هو جمالو |
| 14 | او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو |
| 15 | او هيءَ سنڌ ڀٽائيءَ گهوٽ جي... هو جمالو |
| 16 | او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو |
| 17 | او هيءَ سنڌڙي سهڻي لال جي... هو جمالو |
| 18 | او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو |
| 19 | اسان جو جمالو جتن سان... هو جمالو |
| 20 | او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو |
| 21 | او هيءَ سنڌ سموري سچ آ... هو جمالو |
| 22 | او منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو |
| 23 | اسان کي سنڌ تي ڏاڍو ناز آ... هو جمالو |
| 24 | سنڌين جو پٽڪو سورنهن وال آ... هو جمالو |
| 25 | او منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو |
| 26 | او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو |
| 27 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 28 | او هيءَ سنڌ سموري سون آ... هو جمالو |
| 29 | او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو |
| 30 | او هيءَ سنڌ ڀٽائيءَ گهوٽ جي... هو جمالو |
| 31 | او جنهن جون اکيون رب رکيون الا... هو جمالو |
| 32 | او هيءَ سنڌڙي سنهڙي لال جي... هو جمالو |
| 33 | او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو |
| 34 | او هيءَ سنڌ سموري سچ آ... هو جمالو |
| 35 | او هيءَ سنڌ سموري شاهه جي... هو جمالو |
| 36 | او هيءَ سنڌڙي سهڻي لال جي... هو جمالو |
| 37 | او جيڪو سکر واريءَ پل تي... هو جمالو |
| 38 | او جيڪو موري واريءَ پل تي... هو جمالو |
| 39 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 40 | او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو |
| 41 | او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 42 | او جنهن کي سونو ڪنگڻ هٿ ۾... هو جمالو |
| 43 | جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو |
| 44 | هو جمالو، هو هو جمالو... واهه واهه جمالو |
- وڌيڪ ڏسو: هو جمالو: سنڌي لوڪ گيت
ٻولن ۾ وقت سان تبديلي
[سنواريو]هو جمالو لوڪ گيت هجڻ سبب ان جون مصرعون ڪنهن هڪ مقرر متن تائين محدود نہ رهيون آهن. مختلف دورن ۾ ڳائڻ وارن، شاعرن ۽ عام ماڻهن ان ۾ نيون مصرعون شامل ڪيون آهن. ان ڪري جمالي جي واپسيءَ بابت پراڻين مصرعن سان گڏ جديد دور جي هنڌن، سماجي تبديلين ۽ سنڌي ثقافتي علامتن جا حوالا بہ شامل ٿيندا رهيا آهن.[2]
| موضوع | مشهور مصرعو |
|---|---|
| جمالي جي سڃاڻپ | منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو! |
| وڇوڙو | منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏانهن... هو جمالو! |
| خير سان واپسي | منهنجو کٽي آيو خير سان... هو جمالو! |
جمالي جي ڪيترين روايتي صورتن ۾ سندس جسماني سونهن، طاقت ۽ لباس يا زينت سان لاڳاپيل وصفون پڻ ڳايون وڃن ٿيون. انهن ۾ پيرن، اکين، وارن، هٿن، منڊي، لڪڻ، پڳ ۽ جتيءَ جا حوالا شامل آهن. ساڳئي وقت سکر واري پل جهڙيون مصرعون نسبتاً جديد سماجي ۽ تاريخي تبديليءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ ڏيکارين ٿيون تہ لوڪ گيت وقت سان گڏ نوان حوالا پاڻ ۾ جذب ڪندو رهيو آهي.[2]
منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو!
جنهن جا پير پنج سير الا، هو جمالو!
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، هو جمالو!
جيڪو لڙي آيو لاڙ مان، هو جمالو!
جنهن جون اکيون رب رکيون، هو جمالو!
جنهن جا وار گهنڊيدار الا، هو جمالو!
جنهن جا هٿ ميندي رتڙا، هو جمالو!
ناچ جو طريقو
[سنواريو]
جمالو ناچ عام طور اجتماعي صورت ۾ ڪيو ويندو آهي. ڳائڻ وارو يا سازندو وچ ۾ يا ناچ ڪندڙن جي هڪ پاسي بيهندو آهي، جڏهن تہ ناچ ڪندڙ گول دائرو يا ڪڏهن چورس ترتيب ٺاهي تال مطابق حرڪتون ڪندا آهن. مک ڳائڻ وارو گيت جي هڪ مصرع ڳائيندو آهي ۽ باقي ماڻهو گڏجي هو جمالو! چئي وراڻي ڏيندا آهن. هٿن جي تاڙين ۽ دهل جي تال کي هن ناچ ۾ اهم حيثيت حاصل آهي.[5]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو جمالو کي سنڌ جي سڀ کان مقبول لوڪ گيتن مان هڪ قرار ڏئي ٿو، جيڪو روايتي طور دهل جي تال تي گڏجي ڳايو ويندو آهي ۽ ان سان ساڳئي نالي وارو لوڪ ناچ ڪيو ويندو آهي. سندس تحقيق موجب گيت جي مک ڳائڻ واري ۽ جماعت جي وچ ۾ سوال ۽ جواب جهڙي بناوٽ هوندي آهي؛ مک ڳائڻ وارو مصرع ڳائيندو آهي ۽ جماعت هو جمالو جي وراڻي ڏيندي آهي.[5]
پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا جمالو ناچ جي روايتي ادائگيءَ کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سندس بيان جو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو:[3]
رقص جي شروعات ۾ ناچ ڪندڙ ٻہ قدم اڳتي کڻندا آهن ۽ ٿوري وقفي کان پوءِ ٻانهون آهستي لچڪائيندا آهن. پوءِ کاٻي پير سان حرڪت ڪندي سڀئي دائري جي وچ ڏانهن منهن ڪري جهڪندا، هٿ ڊگها ڪري تاڙي وڄائيندا ۽ وري سڌا ٿي هڪ قدم پوئتي کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح ناچ جو دائرو ڪڏهن سوڙهو ۽ ڪڏهن ويڪرو ٿيندو رهي ٿو. ناچ ڪندڙ مختلف طرفن ڏانهن رخ ڪري ساڳيون حرڪتون تال ۽ اجتماعي هم آهنگيءَ سان ورجائيندا آهن.[3]
جمالو ناچ جي هڪ نمايان خصوصيت ان جي اجتماعي هم آهنگي آهي. ناچ ڪندڙ هڪ ئي تال سان اڳتي ۽ پوئتي ٿين ٿا، دائري کي سوڙهو ۽ ويڪرو ڪن ٿا ۽ تاڙيون وڄائين ٿا. گيت ۽ ناچ جي رفتار آهستي آهستي وڌائي سگهجي ٿي، جنهن سان رقص ۾ جوش وڌندو وڃي ٿو.[5]
پاڪستان جي غير مادي ثقافتي ورثي جي قومي رجسٽر ۾ بہ هو جمالو کي سنڌ سان تعلق رکندڙ زباني روايت ۽ اظهار توڙي پرفارمنگ آرٽ طور درج ڪيو ويو آهي. رجسٽر موجب هي گيت ۽ ناچ خوشي ۽ فتح جي علامت بڻجي چڪو آهي ۽ سنڌي ثقافتي ۽ موسيقي پروگرامن جي پڄاڻيءَ تي بہ عام طور پيش ڪيو ويندو آهي.[6]
هو جمالو جي ابتدا بابت روايتون
[سنواريو]هو جمالو جي اصل بابت هڪ کان وڌيڪ لوڪ روايتون رائج آهن ۽ ڪنهن هڪ روايت کي قطعي تاريخي حقيقت طور ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي دستاويزي ثبوت موجود ناهن. سنڌي لوڪ ادب جي محققن جي بيانن ۽ پاڪستان جي غير مادي ثقافتي ورثي جي قومي رجسٽر ۾ وڌيڪ پراڻي ۽ مشهور روايت جمالي جي پنهنجن ساٿين کان وڇڙي لاڙ ۾ رهڻ ۽ پوءِ خير سان واپس موٽڻ سان لاڳاپيل ڄاڻائي وئي آهي.[5][6]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گڏ ڪيل لوڪ مواد موجب جمالو سنڌ جي مقبول لوڪ گيتن مان هڪ آهي ۽ ممڪن آهي تہ ان جي شروعات لاڙ مان ٿي هجي. گيت جي بنيادي ڪهاڻي هڪ نوجوان جمالو جي وڇوڙي ۽ آخرڪار گهر واپس اچڻ جي چوڌاري ڦري ٿي؛ سندس محبوبه يا ساٿي سندس واپسيءَ جي خوشيءَ جو اظهار گيت ذريعي ڪن ٿا.[5]
”جيڪو سکر واري پل تي“ واري روايت
[سنواريو]
هو جمالو جي مشهور مصرعن مان هڪ ”جيڪو سکر واري پل تي، هو جمالو“ آهي. هن مصرعي جي بنياد تي هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي هو جمالو جي شروعات کي سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي ٺهيل لينسڊائون پل سان ڳنڍي ٿي.
لينسڊائون پل 19هين صديءَ جي آخر ۾ تعمير ڪئي وئي ۽ 1889ع ۾ کولِي وئي. پل جي تعمير سان ريل گاڏين لاءِ سنڌو درياهه کي سکر ۽ روهڙيءَ وٽ سڌو پار ڪرڻ ممڪن ٿيو. ان کان اڳ ريلوي نظام کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين ۽ فيريءَ تي ڀاڙڻو پوندو هو.[7]
لوڪ روايت موجب نئين پل تي ريل هلائڻ بابت خوف پيدا ٿيو ۽ جمالو نالي هڪ قيدي پل تان ريل هلائڻ جي آڇ ڪئي. ڪهاڻيءَ جي مختلف صورتن ۾ کيس موت جي سزا مليل قيدي يا سکر جيل جو قيدي ڄاڻايو وڃي ٿو. روايت مطابق هن ريل کي سلامتيءَ سان پل تان پار ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ سندس ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ سندس زال يا مائٽن هو جمالو ڳايو.[8]
بهرحال، جديد لوڪ ادب جي تحقيق هن ڪهاڻيءَ کي تاريخي طور ثابت ٿيل واقعو نٿي سمجهي. سنڌي لوڪ ادب جي محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي موجب برطانوي دور جي دستاويزن ۾ اهڙي ڪنهن قيدي ريل ڊرائيور جمالي جو معتبر ثبوت نہ مليو آهي، جڏهن تہ نبي بخش بلوچ ۽ عبدالڪريم سنديلي جهڙن اهم لوڪ ادب جي محققن بہ هو جمالو جي بنيادي روايت کي لينسڊائون پل واري واقعي سان نہ ڳنڍيو آهي.[9]
ان کان علاوه، ڊاڪٽر بلوچ جي گڏ ڪيل روايتي صورت ۾ جمالي جي ڪهاڻي سندس لاڙ وڃڻ، جتن سان رهڻ ۽ واپس اچڻ سان لاڳاپيل آهي، جيڪا لينسڊائون پل جي 1889ع واري تعمير کان الڳ لوڪ روايت ڏانهن اشارو ڪري ٿي.[5] تنهن ڪري پل سان لاڳاپيل قصي کي هو جمالو جي بعد ۾ پيدا ٿيل مشهور روايت طور بيان ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي، نہ تہ گيت جي ثابت ٿيل تاريخي ابتدا طور.[9]
جمال بلوچ واري روايت
[سنواريو]هو جمالو جي ابتدا بابت هڪ ٻي روايت جمال يا جمال بلوچ نالي هڪ بهادر شخص سان لاڳاپيل آهي. هن روايت موجب اتر سنڌ جي ڪنهن علائقي تي دشمنن حملو ڪيو تہ جمال مقامي ماڻهن سان گڏ حملي آورن جو مقابلو ڪيو ۽ جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن هو فتح کان پوءِ خير سان ڳوٺ واپس پهتو تہ عورتن سندس استقبال ڪندي گيت ڳايو:
هو جمالو، کٽي آيو خير سان!
هيءَ روايت 2018ع ۾ Dawn ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ بہ بيان ڪئي وئي، جنهن ۾ جمالي کي هڪ اهڙي بهادر شخص طور پيش ڪيو ويو، جيڪو حملي آورن خلاف مقابلي کان پوءِ فتح حاصل ڪري واپس موٽيو هو.[10]
بهرحال، هن روايت ۾ بہ جمالي جي مڪمل نالي، قبيلي، رهائش واري هنڌ ۽ واقعي جي تاريخ بابت مختلف بيان ملن ٿا. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي موجب جمالي جي خانداني نالي ۽ سندس اصل ڳوٺ بابت لوڪ روايتون هڪجهڙيون ناهن؛ تنهن ڪري کيس بنا مضبوط تاريخي ماخذ جي ڪنهن هڪ مخصوص قبيلي يا هنڌ سان قطعي طور ڳنڍڻ مناسب ناهي.[9]
روايتن جو تقابلي جائزو
[سنواريو]| روايت | بنيادي ڪهاڻي | ماخذن ۾ حيثيت |
|---|---|---|
| لاڙ واري روايت | جمالو پنهنجن کان وڇڙي لاڙ ۾ وڃي ٿو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ واپس اچي ٿو؛ سندس واپسيءَ تي گيت ۽ ناچ سان خوشي ملهائي وڃي ٿي. | نبي بخش بلوچ جي لوڪ ادب واري تحقيق ۽ پاڪستان جي قومي غير مادي ثقافتي ورثي جي رجسٽر ۾ ذڪر ٿيل.[5][6] |
| فتح واري روايت | جمال يا جمالو دشمنن خلاف مقابلي ۾ ڪامياب ٿي خير سان واپس اچي ٿو ۽ سندس استقبال ۾ گيت ڳايو وڃي ٿو. | جديد لکڻين ۾ بيان ٿيل لوڪ روايت؛ تفصيلن بابت اتفاق ناهي.[10][9] |
| لينسڊائون پل واري روايت | هڪ قيدي جمالو نئين پل تان ريل هلائي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ۽ آزاد ٿيڻ تي سندس نالي سان گيت ڳايو وڃي ٿو. | مشهور جديد قصو، پر ان جي تصديق ڪندڙ معتبر برطانوي دور جو دستاويزي ثبوت نہ مليو آهي.[8][9] |
ان ڪري هو جمالو جي تاريخ بابت علمي لحاظ کان وڌيڪ محتاط نتيجو اهو آهي تہ گيت جي بنيادي روايت جمالي جي وڇوڙي، واپسي ۽ ان واپسيءَ تي خوشي يا فتح ملهائڻ سان تعلق رکي ٿي، جڏهن تہ وقت سان گڏ ان بنيادي لوڪ ڪهاڻيءَ سان مختلف علائقائي ۽ جديد قصا ڳنڍجندا ويا آهن.[5][6][9]
عمر میمڻ جي هوجمالو ڊاڪيومينٽري
[سنواريو]هو جمالو تي انگلينڊ ۾ رهندڙ عمر ميمڻ جي ٺاهيل هڪ وڊيو ڊاڪيومينٽري مشهور آهي. بي بي سي اردو جي هڪ رپورٽ مطابق هو جمالو لوڪ گيتن م پهريون گيت آهي جنهن تي دنيا جي 120 ملڪن جا ماڻهو ناچ ڪري چڪا آهن[11].
عمر ميمڻ جو عالمي هو جمالو منصوبو
[سنواريو]
هو جمالو کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ڪوششن مان هڪ سنڌي سفرناما ٺاهيندڙ عمر ميمڻ جو وڊيو منصوبو The World Sindhi Ho Jamalo آهي. برطانيا ۾ رهندڙ عمر ميمڻ ڪيترن سالن جي سفر دوران مختلف ملڪن جي ماڻهن کي هو جمالو جي ڌن تي ناچ ڪندي فلمبند ڪيو. سندس پنهنجي بيان موجب هن منصوبي لاءِ ڇهن کنڊن جي هڪ سؤ کان وڌيڪ ملڪن ۾ رڪارڊنگ ڪئي.[12]
بي بي سي اردو جي 2018ع جي رپورٽ ۾ هن منصوبي کي سنڌي لوڪ گيت کي عالمي ماڻهن تائين پهچائڻ جي هڪ منفرد ڪوشش طور پيش ڪيو ويو. رپورٽ موجب عمر ميمڻ پنهنجي سفرن دوران لڳ ڀڳ 120 ملڪن جي ماڻهن کي هو جمالو تي ناچ ڪندي رڪارڊ ڪيو. ميمڻ هو جمالو کي بنيادي طور جشن، خوشي ۽ گڏيل ثقافتي اظهار جو گيت قرار ڏنو.[13]
عمر ميمڻ جي منصوبي بابت هڪ علمي مطالعي ۾ پڻ ڄاڻايو ويو آهي تہ هن هو جمالو کي 120 ملڪن ۾ رڪارڊ ڪيو. ساڳئي مطالعي موجب منصوبي لاءِ استعمال ٿيل هڪ نئين موسيقي ترتيب ۾ سنڌي راڳين احمد مغل ۽ ثمينا ڪنول هو جمالو گڏجي ڳايو، جڏهن تہ موسيقيءَ جي نئين ترتيب شاهد ڀٽو ڏني.[14]
مطالعي مطابق عمر ميمڻ جي سفر دوران آرمينيا ۽ جارجيا سميت ڪجهه ملڪن جي ماڻهن هو جمالو جي تال کي پنهنجي مقامي لوڪ موسيقيءَ جي ڪجهه ڌنن سان مشابهت رکندڙ قرار ڏنو، جڏهن تہ آفريڪي ملڪن ۾ بہ ماڻهن ان تال تي آسانيءَ سان رقص ڪيو. محققن هن مثال کي هو جمالو جي اهڙي موسيقيائي بناوٽ سان ڳنڍيو آهي، جيڪا مختلف ثقافتي ماحولن ۾ بہ رقص لاءِ موزون محسوس ٿئي ٿي.[14]
| خاصيت | تفصيل |
|---|---|
| منصوبي سان لاڳاپيل شخص | عمر ميمڻ |
| موضوع | هو جمالو ۽ سنڌي ثقافت جو عالمي تعارف |
| جاگرافيائي دائرو | ڇهه کنڊ؛ هڪ سؤ کان وڌيڪ ملڪن ۾ فلمبندي[12] |
| 120 ملڪن واري رپورٽ | بي بي سي اردو ۽ هڪ علمي مطالعي ۾ 120 ملڪن جو ذڪر[13][14] |
| گيت جا راڳي | احمد مغل ۽ ثمينا ڪنول[12][14] |
| موسيقي ترتيب | شاهد ڀٽو[12] |
پنجابي لُڊي ۽ ”جمالو“
[سنواريو]پنجاب جي لوڪ ناچن ۾ لُڊي هڪ مشهور اجتماعي ناچ آهي، جيڪو روايتي طور خوشي ۽ ڪاميابيءَ جي موقعن سان وابسته رهيو آهي. لُڊي دوران ناچ ڪندڙ تال سان هٿن، ٻانهن ۽ جسم جون حرڪتون ڪندا آهن، جڏهن تہ دهل جي تال رقص جي رفتار کي سنڀاليندي آهي.[15]
هو جمالو سان مشابهت پيدا ڪندڙ هڪ مشهور پنجابي ورجاءُ ”لُڊي اے جمالو پاؤ، لُڊي اے جمالو“ پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان کي سنڌي هو جمالو جي اصل يا ساڳئي گيت جي سڌي پنجابي صورت قرار ڏيڻ بدران پنجابي لُڊي ناچ سان وابسته هڪ مشهور نعري يا مصرعي طور بيان ڪرڻ وڌيڪ درست آهي. پنجابي لوڪ ناچ بابت هڪ تحقيقي ماخذ موجب لُڊي بنيادي طور ساز ۽ ناچ تي ٻڌل صنف آهي ۽ رقص دوران ”لُڊي اے جمالو پاؤ“ جهڙا لفظ زباني طور چيا ويندا آهن، جيتوڻيڪ لُڊي لاءِ ڪنهن هڪ مقرر گيت جو هجڻ ضروري ناهي.[15]
| خصوصيت | سنڌي هو جمالو | پنجابي لُڊي |
|---|---|---|
| بنيادي نوعيت | لوڪ گيت ۽ ان سان لاڳاپيل اجتماعي ناچ | بنيادي طور لوڪ ناچ |
| ثقافتي خطو | سنڌ | پنجاب |
| مرڪزي ورجاءُ | هو جمالو | لُڊي اے جمالو پاؤ جهڙا نعرا |
| موقعا | شاديون، جشن، ثقافتي تقريبون ۽ خوشيءَ جا موقعا | شاديون، جشن، فتح ۽ خوشيءَ جا موقعا |
| تال | دهل ۽ ٻين سازن سان گڏ تيز ٿيندڙ گڏيل تال | دهل تي ٻڌل، رفتار سان تيز ٿيندڙ تال[15] |
”لُڊي اے جمالو“ جي جديد صورت
[سنواريو]”لُڊي اے جمالو پاؤ“ واري ورجاءَ کي جديد پنجابي موسيقي ۽ شاديءَ جي پروگرامن ۾ مختلف نون ٻولن سان بہ پيش ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري ان جي موجوده مشهور ڊگهي متن کي قديم يا مقرر پنجابي لوڪ گيت جا اصل ٻول قرار ڏيڻ مناسب ناهي؛ مختلف فنڪارن ۽ پيشڪشن ۾ ان جا شعر تبديل ٿيندا رهيا آهن.
ان جو مشهور ورجاءُ هن ريت آهي:
لُڈی اے جمالو پاؤ، لُڈی اے جمالو
لُڈی اے جمالو پاؤ، لُڈی اے جمالو
سنڌي هو جمالو ۽ پنجابي لُڊي ٻنهي ۾ جمالو لفظ، اجتماعي رقص، تيز تال ۽ خوشيءَ واري ماحول جي مشابهت نظر اچي ٿي، پر موجود ماخذ انهن ٻنهي روايتن جي هڪ ئي تاريخي اصل کي ثابت نٿا ڪن. هو جمالو سنڌي لوڪ گيت جي حيثيت سان پنهنجي الڳ تاريخي روايت رکي ٿو، جڏهن تہ لُڊي پنجاب جو هڪ الڳ لوڪ ناچ آهي.[14][15]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 قاضي مقصود احمد. "هو جمالو، سنڌ جو لوڪ گيت". سنڌ سلامت. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 June 2021 تي محفوظ ڪيل.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 "جمالو". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. اصل نسخو مان 13 June 2021 تي محفوظ ڪيل.
- 1 2 3 حاجي محمد اسماعيل آغا (May 1995). "سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو" (sd ۾). نئين زندگي.
- ↑ مختيار احمد ملاح. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 Baloch, N. A. (2014). Folklore of Sindh: Anthology of Prefaces (انگريزي ۾). Sindhi Language Authority. ص. 118.
- 1 2 3 4 "A National Register of the Intangible Cultural Heritage of Pakistan" (PDF) (انگريزي ۾). Government of Pakistan. ص. 17. 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Lansdowne Bridge, Sukkur". Endowment Fund Trust for Preservation of the Heritage of Sindh (انگريزي ۾). 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 رحيمداد خان مولائي شيدائي (1992). تاريخ سکر (1 ڇاپو). سنڌي ادبي بورڊ.
- 1 2 3 4 5 6 Jamro, Kamal (23 September 2018). "Ho Jamalo". Dawn (انگريزي ۾). 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Mazari, Elim ud Din (16 September 2018). "Ho Jamalo". Dawn (انگريزي ۾). 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ {www.bbc.com › urdu › e...Web results'هو جمالو ایک جشن اور خوشی کا اظہار ہے' - BBC News اردو}
- 1 2 3 4 Omar's Travels. "World Sindhi Ho Jamalo". Vimeo (انگريزي ۾). 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "'هو جمالو ایک جشن اور خوشی کا اظہار ہے'". BBC News اردو (اردو ۾). BBC. 4 December 2018. 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 "Oral Approach and Lyrical Change in Ho Jamalo" (en ۾). Global Language Review VI (III). 2021. doi:. https://www.glrjournal.com/article/oral-approach-and-lyrical-change-in-ho-jamalo. Retrieved 30 August 2026.
- 1 2 3 4 "پنجاب دے لوک ناچ". Research and Virtual Education Library (پنجابي ۾). 30 August 2026 تي حاصل ڪيل.