ايڪتا (فلم)
ڏيک
| ايڪتا | |
|---|---|
ايڪتا فلم جو هڪ منظر | |
| هدايتون | هومي واڊيا |
| رچنا | رام پنجواڻي |
| ليکڪ | کيئلداس فاني |
| ستارا | ڪريم بخش نظاماڻي ڪوشيلا بيگ مايا ديوي هري شو داساڻي چانڊو شو داساڻي گلشن صوفي |
| موسيقي | گلشن صوفي |
| مهورت | 1940 |
| ملڪ | برطانوي هندستان |
| ٻولي | سنڌي |
ايڪتا (انگريزي ٻولي: Ekta)، پهرين سنڌي فلم هئي،[1][2][3] جنهن جو هدايتڪار هومي واڊيا ۽ پروڊيوسر رام پنجواڻي هو. هي فلم 1934ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1940ع تي مڪمل ٿي ۽ بمبئيءَ مان 1945ع ڌاري رليز ٿي.[3] واڊيا اسٽوڊيوز، ممبئي پاران ٺاهيل هن فلم جو اداڪار ڪريم بخش نظاماڻي ۽ اداڪاره ڪوشيلا بيگ هئي.[4][5] هن فلم جو موضوع هندو ۽ مسلمانن جي اتحاد هو.[6] هي پهرين سنڌي فلم، پنهنجي همعصر فلمن جي نسبت تمام گھٽ وقت واري هئي.[7]
نمائش
[سنواريو]ايڪتا، جي نمائش ڪراچي جي مشهور سئنيما تاج محل ۾ دهلن شرناين جي گونجار ۾ ٿي هئي. نمائش واري تقريب ۾ سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو، جمشيد نسروانجي، جمشيد واڊيا۽ فلم پروڊيوس رام پنجواڻي مک مهمان هئا.[5]
ڪلام
[سنواريو]هن فلم ۾ ڪل ٻه ڪلام شامل هئا، جن جي شاعري کيئلداس فاني ڪئي.
| ترتيب | ڪلام | شاعري | آواز |
|---|---|---|---|
| 1 | مونکي ننڍڙي ڀيڻ کپي | کيئلداس فاني | گلشن صوفي ۽ ڪوشليا |
| 2 | ڀلو آهي ساري جهان کان | کيئلداس فاني | گلشن صوفي ۽ ڪوشليا |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "محمود مغل جي ڪتاب سنڌ ٽاڪيز جي مهورتي تقريب ۽…", SindhSalamat, حاصل ڪيل 10 جون 2020۔
- ↑ Salman, Peerzada (29 آگسٽ 2015), "Book launched to preserve half a century of Sindhi films", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 10 جون 2020۔
- 1 2 "سنڌي فلمون پسمنظر ۽ تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 30 سيپٽمبر 2021۔
- ↑ مغيري, عبدالمجيد (22 April 2018). "سنڌي فلمن جي سار ڪير لهندو!؟". روزاني عوامي آواز. https://awamiawaz.com/261573/. Retrieved 20 July 2018.
- 1 2 "ايڪتا", encyclopediasindhiana.org, Encyclopedia Sindhiana, حاصل ڪيل 20 July 2018۔
- ↑ Firoze Rangoonwalla (1975). 75 years of Indian cinema. Indian Book Co.. p. 130. https://books.google.com/books?id=swQwAAAAMAAJ. Retrieved 21 July 2018.
- ↑ Roshni, Nair (5 April 2015). "Will the lights go out on Sindhi cinema?". DNA India. http://www.dnaindia.com/lifestyle/report-will-the-lights-go-out-on-sindhi-cinema-2074693. Retrieved 21 July 2018.