مواد ڏانھن هلو

ايڪتا (فلم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايڪتا

ايڪتا فلم جو هڪ منظر
هدايتون هومي واڊيا
رچنا رام پنجواڻي
ليکڪ کيئلداس فاني
ستارا ڪريم بخش نظاماڻي
ڪوشيلا بيگ
مايا ديوي
هري شو داساڻي
چانڊو شو داساڻي
گلشن صوفي
موسيقي گلشن صوفي
مهورت 1940
ملڪ برطانوي هندستان
ٻولي سنڌي

ايڪتا (انگريزي ٻولي: Ekta)، پهرين سنڌي فلم هئي،[1][2][3] جنهن جو هدايتڪار هومي واڊيا ۽ پروڊيوسر رام پنجواڻي هو. هي فلم 1934ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1940ع تي مڪمل ٿي ۽ بمبئيءَ مان 1945ع ڌاري رليز ٿي.[3] واڊيا اسٽوڊيوز، ممبئي پاران ٺاهيل هن فلم جو اداڪار ڪريم بخش نظاماڻي ۽ اداڪاره ڪوشيلا بيگ هئي.[4][5] هن فلم جو موضوع هندو ۽ مسلمانن جي اتحاد هو.[6] هي پهرين سنڌي فلم، پنهنجي همعصر فلمن جي نسبت تمام گھٽ وقت واري هئي.[7]

نمائش

[سنواريو]

ايڪتا، جي نمائش ڪراچي جي مشهور سئنيما تاج محل ۾ دهلن شرناين جي گونجار ۾ ٿي هئي. نمائش واري تقريب ۾ سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو، جمشيد نسروانجي، جمشيد واڊيا۽ فلم پروڊيوس رام پنجواڻي مک مهمان هئا.[5]

ڪلام

[سنواريو]

هن فلم ۾ ڪل ٻه ڪلام شامل هئا، جن جي شاعري کيئلداس فاني ڪئي.

ترتيبڪلامشاعريآواز
1مونکي ننڍڙي ڀيڻ کپيکيئلداس فانيگلشن صوفي ۽ ڪوشليا
2ڀلو آهي ساري جهان کانکيئلداس فانيگلشن صوفي ۽ ڪوشليا

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "محمود مغل جي ڪتاب سنڌ ٽاڪيز جي مهورتي تقريب ۽…". SindhSalamat. 2020-06-10 تي حاصل ڪيل.
  2. ↑ Salman, Peerzada (2015-08-29). "Book launched to preserve half a century of Sindhi films". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-06-10 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 "سنڌي فلمون پسمنظر ۽ تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2021-09-30 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ مغيري, عبدالمجيد (22 April 2018). "سنڌي فلمن جي سار ڪير لهندو!؟". روزاني عوامي آواز. 20 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 "ايڪتا". encyclopediasindhiana.org. Encyclopedia Sindhiana. 20 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ Firoze Rangoonwalla (1975). 75 years of Indian cinema. Indian Book Co. ص. 130. 21 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ Roshni, Nair (5 April 2015). "Will the lights go out on Sindhi cinema?". DNA India. 21 July 2018 تي حاصل ڪيل.