خانبهادر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خانبھادر ميڊل
پاران عطا ڪيل برٽش انڊين حڪومت جي طرفان وائسراءِ يا گورنر جنرل ڏيندو هو.
قسم سول ڊيڪوريشن
اهليت مسلم ڪامن ويلٿ ميمبر
عطا براءِ عوامي خدمت
موجوده حالت ميڊل 1947 کانپوءِ ڏيڻ بند ڪيو ويو
شماريات
آخري ڀيرو 1947
درجو
برابر راء بھادر (ھندن لاءِ)
ڪمتر (اڳيون) خان صاحب

'خانبھادر --Khan Bahadur جي معني بھادر خان بھادر اڳواڻ آهي اھو لقب برطانوي انڊين حڪومت طرفان عزت ۽ احترام خاطر انڊيا جي مسلمان شھرين کي ڏنو ويندو ھو. ان کان ھڪ درجو گھٽ وارو لقب خانصاحب ھيو. ھندن کي وري خانبھادر جي برابر راء بھادر جو ميڊل ڏنو ويندو ھو ۽ان کان ھڪ درجو گھٽ راء صاحبھيو. [1]ھڪ خيال مطابق ھن خطاب جي ابتدا مغلن ڪئي ھئي ۽ انگريزن پڻ ان کي اختيار ڪيو.پر انگريزن ان جي ابتدا 1912 ۾ ڪئي. ھن خطاب جھڙا ٻيا خطاب سردار بھادر ،ديوان بھادر، رائو بھادر,سردار صاحب آھن.[2]

تاريخ[سنواريو]

برطانيا جي بادشاھ جارج پنجين جي 12 ڊسمبر 1911 ۾ دھليءَ ۾ درٻار لڳي جنھن ۾ ھن خان بھادر جي خطاب جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو جيڪو عزت ۽ مرتبي جو نشان ھيو.ان اعزاز لاءِ حقدارن جي چونڊ لاءِ ٽن قسمن جي درجن جا ماڻهو ھئا ھڪڙا عام شھري جيڪي وفادار ثابت ٿين، ٻيا فوج ۽ سول کاتن ۾ وائسراءِ جا ڪميشنڊ آفيسر جيڪي وفاداريءَ ۽ بھادري جا ڪم ڪري ڏيکارين ۽ ٽيان اھڙا ماڻھو جيڪي عوامي خدمتن جا ڪارناما ڪندڙ ھئا.ان انعام ڏيڻ جي عملي شروعات جنوري 1912 ۾ ٿي ۽ 1947 تائين جاري رھيو اھڙي طرح ان جو مدو 35 تائين رھيو [3]

ميڊل جو نمونو[سنواريو]

خان بھادر جو ميڊل ھڪ ڇھ ڪنڊو چمڪندڙ ستارو ھيو جنھن جي مٿئين ڪنڊ تي شاھي تاج جڙيل ھو. ميڊل جي وچ ۾ بادشاھ جي مورت ھئي. ان مورت جا ٽي مختلف رخن جا قسم ھيا .1912 کان 1933 تائين بادشاھ جارج پنجين جو منھن ساڄي طرف رکيو ويو، 1933 کان 1936 تائين ساڳي بادشاھ جي مورت جو منھن کاٻي طرف رکيو ويو.1936 کان 1947 تائين بادشاھ جارج ڇھين جي مورت لڳائي وئي جنھن جو منھن ساڄي طرف رکيو ويو.ميڊل جي پٺئين پاسي ميڊل حاصل ڪندڙ جو نالو اڪريل ھوندو ھو. [4]

ٻين خطابن سان ڀيٽ[سنواريو]

برٽش انڊيا ۾ ان وقت ٻين ميڊلن ۽ خطابن ۾ قيصر ھند (Qaiser I Hind) ۽ امپيريل سروس ميڊل(ISM) شامل ھئا.امپيرل سروس ميڊل شھرين ۽ صوبائي ملازمن کي تمام ڊگھي عرصي تائين وفاداريءَ جي عيوض ڏنو ويندو ھو ۽ ان ۾ فوجي ملازم شامل نہ ھوندا ھيا. انجي برعڪس خان بھادر جي اعزاز ۾ فوجي بہ شامل ھيا ۽ اھڙا شھري ۽ فوجي بہ شامل ھيا جيڪي فوج ۾ يا سول سروس ۾ اعزاز ملڻ کان اڳ ملازمت پوري ڪري چڪا ھجن. قيصر ھند جي خطاب ۾ بہ ٽي درجن وارا ماڻهو چونڊ ۾ ايندا ھئا پر فرق اھو ھو تہ ان۾ يورپي بہ شامل ھيا پر خان بھادر جو خطاب برٽش انڊين مسلمانن تائين محدود ھيو.[5]

ڊيڪوريشن[سنواريو]

ھي خطاب ڊيڪوريشن خاطر ميڊل حاصل ڪندڙ پنھنجي نالي جي اڳيان لڳائيندو ھيو پر جيڪڏهن خطاب حاصل ڪندڙ جي ڪا سرڪاري رينڪ نالي اڳيان ھوندي ھئي تہ پوءِ لازم ھيو تہ پھرين رينڪ پوء ھي خطاب پوء نالو ايندو ھو جيئن صوبيدار ميجر خان بھادر محمد خان. جيڪڏهن ھن ميڊل حاصل ڪندڙ کي نائيٽھوڊ (Knighthood) جو خطاب ملندو ھو تہ پوء خان بھادر جو خطاب لازمي طور تي نالي تان ھٽائڻو پوندو هو[6]

خطاب حاصل ڪندڙ شخصيتون[سنواريو]

»31 ڊسمبر 1895 ۾ بلوچستان جي مڪران جو مير محمد حسن گچڪي
»1899 ۾ غلام حيدر خان، چيف آف شيرواني ٽرائيب
»جون 1912 ۾ بنگال جي ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، نادر خان کي پوليس جي کاتي ۾ سندس خدمتن جي عيوض ڏنو ويو.[7]
»جنوري 1914 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز جي لکنؤ واري پبلڪ ورڪس کاتي جي سپروائيزر ۽ رورڪي يونيورسٽيءَ جي گولڊ ميڊلسٽ سول انجينئر محمد ھيرا کي خدمتن جي عيوض ڏنو ويو.[8]
»1914 ۾ عبدالله ال عبدالله القينائي
»1918 ۾ شاھجھان، نواب آف دير.
»1919 ۾ عالم خان شيرواني، ۽ اراڪل جو سلطان عبدالرحمان علي راجا
»1920 ۾ رانا طالع محمد خان کي خدمتن جي عيوض<be> »1921 ۾ روھيل کنڊ جي قطب الدين کي
»1922 ۾ بلوچستان جي لوڻي قبيلي جي سردار نواب خان لوڻي.
» جنوري 1925 ۾ پنجاب جي سول سرجن سيد نذير حسين کي.
»1925 ۾ عدن ۾ عرب معاملن جي مشير محمد سليم علي کي ۽ عرب معاملن جي عدن واري بيٺڪ جي علي ابراهيم لقمان کي مليو.
1925 ۾ ڪشمير جي گورنر آغا سيد حسين ک جيڪو پوء ڪشمير جي راجا ھري سنگھ مسلمان وزير پڻ رھيو. »1928 ۾ الحاج غلام محمد خان پٽ نورنگ خان لکي مروت. ھن بنو جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان معزرت ڪئي ان ڪري کيس سند بنو يا ايڊورڊ آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ميجر پارٽن ميسينجر جي ھٿ موڪلي ھئي
»4 فيبروري 1928 ۾ شيخ احمد عبدالحق جي خانقاھ درگاه ردائولي شريف جي سجاده نشين شاھ حيات احمد کي مليو.
»1929 ۾ ڪليف اللہ، جسٽس پارٽي جي بانين مان ھڪ جيڪو پدوڪوٽائي رياست جو ديوان بہ ھيو.
»17 جنوري 1929 ۾ ميجر جنرل ۽ الوار رياست جي ڪمانڊر ان چيف فتح نصيب خان کي مليو.[9]
»1934 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز جي شھر فيض آباد جي تعلقيداري جي مدد معاش خاندان جي سيد عبدالحسن کي مليو جيڪو ڊسٽرڪٽ سيٽلمينٽ آفيسر ۽ پوءِ يونائيٽيڊ پراونسز جي ڪورٽ آف وارڊ جو صدر رھيو.
»1937 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز جي بريلي شھر جي ڀرسان روھل کنڊ جي قاضي نصيرالدين حيدر کي مليو.
»1940 بھار جي پٽنہ واري سيد محمد امير نقوي کي مليو.
»1943 ۾ رائو قربان علي خان
»1945 ۾ مولوي محمد رفيق

حوالا[سنواريو]

  1. Second Supplement to Who's Who in India. Lucknow Newul Kishore Press. 1914
  2. {The Journal of the Orders and Medals Society of America__The Indian Title Badge 1911 to 1947__Jim Carlisle__www.omsa.org}
  3. {The Journal of the Orders and Medals Society of America__The Indian Title Badge 1911 to 1947__Jim Carlisle__www.omsa.org}
  4. {The Journal of the Orders and Medals Society of America__The Indian Title Badge 1911 to 1947__Jim Carlisle__www.omsa.org}
  5. {The Journal of the Orders and Medals Society of America__The Indian Title Badge 1911 to 1947__Jim Carlisle__www.omsa.org}
  6. {The Journal of the Orders and Medals Society of America__The Indian Title Badge 1911 to 1947__Jim Carlisle__www.omsa.org}
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named autogenerated1
  8. Second Supplement of Who's Who in India brought up to 1914 http://www.ebooksread.com/authors-eng/takashi-masuda/second-supplement-to-whos-who-in-india-microform--brought-up-to-1914-hci/page-4-second-supplement-to-whos-who-in-india-microform--brought-up-to-1914-hci.shtml آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.; and https://archive.org/details/secondsupplement00luckrich A contribution by Library of University of California ; and Honor Roll at University of Roorkee, India
  9. Various (15 March 2007). Alwar State List of Leading Officials, Nobles and Personages. Potter Press. pp. 4. ISBN 1-4067-3137-4. https://books.google.com/books?id=UM-HUdTLTWAC&lpg=RA1-PT9&dq=%22Hashim%20Ali%20Khan%22%2C%20Hyderabad&pg=RA1-PT8.