سوره النساء

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قرآن جي سورة نمبر: 4
مدني
سورہ النساء
عورت
درجابندي مڪي/ مدني
سيپارا سيپارو 4,5,6
رڪوعن جو تعداد 24
آيتن جو تعداد 176
لفظن جو تعداد 3712
اکرن جو تعداد 15937

سوره النساء (انگريزي: Al Nisa ) قرآن شريف جي چوٿين سورة آھي جيڪا مدني آھي. ان ۾ 24 رڪوعون ۽ 176 آيتون آهن. النساء جي معنيَ عورت آهي. ھن سورة ۾ عورتن جي حقن متعلق ذڪر ھجڻ جي ڪري اھو نالو رکيو ويو.

موضوع ۽ نزول جو وقت[سنواريو]

ھن سورة جي نازل ٿيڻ جو دؤر سن 3 ھجري جي آخر کان 5 ھجري جي شروع تائين وارو دؤر آھي[1]. اھو طئي ڪرڻ مشڪل آھي ڪنھن مقام کان ڪنھن مقام تائين آيتون ھڪ تسلسل واري خطاب ۾ نازل ٿيون ۽ انھن جو نازل ٿيڻ جو ٺيڪ زمانو ڪھڙو آھي. پر ڪجهه حڪم ، واقعا ۽ اشارا اھڙا آھن جن مان آيتن جي نازل ٿيڻ جون تاريخون اسان کي روايتن مان معلوم ٿين ٿيون جنھن مان سورة جي خطابن جي سرسري حدبندي ڪري سگھجي ٿي[1]. احد جي جنگ ۾ 70 اصحابي شھيد ٿيا ھيا ۽ ان جنگ کان پوءِ وراثت جي تقسيم ۽ يتيمن جي حقن بابت ھدايتون نازل ٿيون ھيون. مديني جي ننڍڙي وسندي ان حادثي جي ڪري گھرن ۾ اھي سوال پيدا ڪيا ھيا تہ شھيدن جي ميراث کي تقسيم ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڇڏيل يتيم ٻارن جو تحفظ ڪيو وڃي. ان ڪري اھو قياس ڪري سگھجي ٿو ته سورة جون شروعاتي 4 رڪوعون ۽ پنجين رڪوع جون پھريون ٽي آيتون ان زماني ۾ نازل ٿيون[1]. روايتن ۾ ھن سورة واري صلواة خوف جو ذڪر غزوه ذات الرقاع سان منصوب ڪيو ويو آهي جيڪا سن 4 ھجري ۾ واقع ٿي ھئي ان ڪري قياس ڪيو وڃي ٿو تہ رڪوع 15 وارو خطاب سن دؤر جو آھي[1]. مديني مان بنو نضير جي نيڪالي ربيع الاول 4 ھجري ۾ ٿي ھئي تنھن ڪري گمان آهي تہ ھن سورة ۾ يھودين کي تنبيهه ڪرڻ واري آيت (ايمان آڻيو ان کان اڳ جو اسان چھرا بگاڙي پوئتي ڦيرائي ڇڏيون) سن دؤر جي نازل ٿيل آهي[1]. پاڻي نہ ملڻ ڪري تيمم جي اجازت سن 5 ھجري ۾ واقع ٿيندڙ غزوه بني المصطلق جي وقت ملي ھئي تنھن ڪري رڪوع نمبر 7 جو نزول وارو دؤر اھو ساڳيو آهي [1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :316,317