چانهون جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چانهون جو دڙو (Chahoon jo darro or Chanhudaro or Chanhu jo daro) نواب شاهه ضلعي جي شهر سڪرنڊ جي ڳوٺ جمال ڪيرئي ڀرسان آهي. هيءُ شهر 1931ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرن ڳولي لڌو. جنهن جي کوٽائي 36-1935ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر ارنيسٽ مئڪي، ميوزم آف فائين آرٽس آمريڪا طرفان ڪرائي. جنهن بعد هن دڙي جي وڌيڪ ٻيو دفعو کوٽائي ڊاڪٽر اين جي مجمعدار ڪرائي. فرانسيسي ماهرن تازو 2015 ۽ 2016ع ۾ چانهون جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي. [1]

چانهون جو دڙو (Chanhoon jo darro) جا قديم آثار ٽن مختلف دڙن جي شڪل ۾ ورهايل آهن. جيڪي 50 فوٽ اوچا ۽ 29 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن. ماهرن هنن دڙن جون ٻن مختلف هنڌن تي کوٽايون ڪرايون. هڪ هنڌ 17 فوٽ ۽ ٻئي هنڌ 26 فوٽ اونهي کوٽائي ڪرائي وئي. جنهن بعد پاڻي نڪرڻ لڳو. جنهن ڪري وڌيڪ کوٽائي جو ڪم روڪيو ويو. جڏهن ته پاڻيءَ واري سطح کان هيٺ به آباديءَ جا آثار ملن ٿا. جيڪي پاڻي جي سطح اڀري اچڻ ڪري في الحال راز ۾ رهجي ويا. [2]

کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي هتي هڪ ٻئي هيٺان چئن آبادين جا آثار مليا آهن. جن مان هيٺين ٽن آبادين جو واسطو سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان آهي. جيڪا اڄ کان 5 هزار سال اڳ پنهنجي عروج تي هئي. جنهن جا هن کان اڳ نشان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان ملي چڪا آهن. جڏهن ته مٿين آبادي گهڻي پوءِ جي آهي. جيئن ته چانهون جو دڙو سنڌو سڀيتا جي ٻين شهرن وانگر ان وقت سنڌو درياهه جي اڀرندي شاخ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو. ان ڪري مختلف وقتن تي ٻوڏون اچڻ ڪري تباهه ۽ برباد ٿيندو رهيو. [3] پر پوءِ به ان جا رهواسي هن شهر کي وري وري اڏيندا ۽ آباد ڪندا رهيا. اهو سلسلو 3000 ق - م کان 1500 ق - م تائين جاري رهيو. پوءِ جڏهن تمام وڏين ٻوڏن هن شهر کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو ته ڪي صديون ته هي عظيم شهر ماڻهن جي نظرن مان لهي ويو. بعد ۾ 1350 ق - م ڌاري جهڪر ڪلچر سان واسطو رکندڙن وري ٻيهر هن شهر کي آباد ڪيو. [4] جن درياهي سطح کان مٿڀري جڳهه ڏسي اتي پنهنجا ديرا ڄمايا. اين جي مجمدار مٿئين تهه مان جهڪر ڪلچر جي ماڻهن جا هٿ جا ٺهيل باسڻ هٿ ڪيا آهن. جن جهڙا هن کان اڳ جهڪر جي قديم آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيا آهن. جهڪر ڪلچر جي ماڻهن جون رهائشي جايون، سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ دور کان الڳ نوعيت جون آهن. سندن رهائشي گهر مستطيل قسم جا آهن، جن جا فرش ڪچا ۽ ڀتيون پڻ آڏيون ابتيون آهن. [5] ان ڪري مٿئين تهه جو هيٺين ٽن تهن سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي. [6]

تازو فرانسيسي ماهرن 2015 ۽ 2016ع ۾ چانهون جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي. ماهرن جي ٽيم جي سربراهه اروري ڊائيڊر (Aurore Didier) ۽ قديم آثارن جي ماهر ڊال اورسو (D'allOrso) تازي تحقيق بعد ٻڌايو آهي ته هي شهر ڪرافٽس جو مرڪز هو. هتان هٿ جي هنر جا شاندار نمونا مليا آهن. ٿانون تي رنگين چٽسالي ٿيل آهي. هن شهر جي پهريون ڀيرو کوٽائي انڊين آرڪيالاجي جي ماهر اين جيمجمعدار 1930ع ڌاري ڪئي هئي. چانهون جي دڙي مان مليل قديم برتن ۽ ٻيا نوادرات ممبئي ۽ آمريڪا جي ميوزمن ۾ رکيل آهن. هن شهر جي هاڻي 80 سال گذرڻ بعد ٻيهر کوٽائي ڪئي وئي آهي. کوٽائي دوران تاريخي مڻڪا، ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن. فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر ميڊم اروڙا. ڊاڪٽر پاسڪل ، ڊاڪٽر ڊيوڊ ، مسٽر زيون جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان نه رڳو آڳاٽي تهذيب جا گهر ، گهٽيون ۽ ناليون ظاهر ٿيو آهن. پر ڪچن ۽ پڪين سرن جي اوساري واريون ڀتيون ظاهر ٿيون آهن. چانهون جو دڙو موهن جي دڙي جو هم اثر آهي. [7] [8] [9] [10]

  1. Sorly, H.T, “Sind Gazetteer” P-112
  2. Pithawala, “Historical Geography of Sind” P-34
  3. Pithawala, P-34
  4. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ مسلم فتح کان اڳ“ ص- 84
  5. .لئبرڪ، ص- 88
  6. صديقي، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص- 53
  7. Daily Dawn, January 23rd, 2016
  8. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  9. Chanhudaro - Wikipedia
  10. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر, ليکڪ: رڪ سنڌي