گچيرو
گچيري جو پراڻو شهر، سنڌ صوبي جي نواب شاهه ضلعي جي موجوده شهر ”موري“ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي، سنڌو درياهه جي”بچاءَ بند“ جي اندر، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي آباد آهي. موجوده گچير ٰي شهر جي اولهه ۾، انهيءَ قديم شهر جا کنڊرات ۽ واريءَ جا وڏا دڙا موجود آهن.[1] هن شهر تي ”گچيري“ جي نالي پوڻ جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ته هن شهر تي اهو نالو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙيءَ طرح سان پيو ۽ هونءَ ته سنڌ جي هميشه کان وٺي اها روايت پئي رهي آهي ته هر ڳوٺ، واهڻ، بستيءَ ۽ شهر جي مٿان نالو، اتان جي رهندڙ ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي پريي مڙس، قومي سردار يا ڪنهن موقعي يا واقعي پٽاندڙ پوندو آهي. انهن مڙني ڳالهين جو احوال ”گچيري“ جي سلسلي ۾ اڃان تحقيق طلب آهي. ان باري ۾ اسان کي تحقيق ڪندي، جيڪي مختلف احوال ۽ روايتون ملي سگهيون آهن، تن کي هت بيان ڪجي ٿو: هن شهر جو نالو ”گچيري“ پنهنجي سر هڪ علحدي نوعيت واري معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. شهر جي محل وقوع جو جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺبو، ته اهو چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ شهر سنڌو درياهه جي ڪچي واري ايراضيءَ ۾ آهي، انهيءَ ڪري هن شهر جو اصل نالو”ڪچيرو“ پيو هوندو، جو پوءِ اڳتي هلي”ڪ“ جو اکر ”گ“ ۾ تبديل ٿي ”گچيرو“ سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏبو اچي. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به هيءُ شهر ”ڪچيرو“ سڏبو هو. انهيءَ لاءِ اها ثابتي آهي ته انگريزن جي زماني جو، موچين جي پاڙي ۾، عام ڪچي رستي تي هڪ ڪتبو، مسجد جي ڀرسان لڳل آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ ”ڪچيرو“ (KACHERO) لکيل آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ شهر ٻنهي نالن سان به پيو سڏبو هو، پر پوءِ ”گچيرو“ ئي باقي اصل لاءِ قائم رهجي ويو. ”گچير ٰي“ شهر جي چوڌاري دشمن جي حملي کان بچاءَ لاءِ هڪ وڏي کاهي کوٽيل هئي، جا هن وقت به درياهه جي آبڪلانيءَ وقت پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي.انهن پراڻن کنڊرن جي مٿان هن وقت ”سيد عالم شاهه، جو مشهور قبرستان واقع آهي. اهي قديم آثار ۽ کنڊرات اٽڪل ستن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ آهن. مير محمد معصوم بکري“ هن طرح سان لکي ٿو ته: ”محمد بن قاسم، سيوستان (سيوهڻ) جو علائقو فتح ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي فوجي مشيرن سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ ”الور“ تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ ”برهمڻ آباد“ ي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، ليڪن محمد بن قاسم جو پنهنجو ارادو هو ته سڀ کان پهريائين راجا ڏاهر جي تخت گاهه ”اروڙ“ کي فتح ڪرڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ باقي ملڪ جو حصو فتح ڪجي. آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ”ٽلٽي“ جي سامهون درگاهه پار ڪري،تخت گاهه ”اروڙ“ ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن راجا ڏاهر اهو معلوم ڪري وڏو لشڪر سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليو. راجا ڏاهر جو لشڪر ”گچيري جي ڍنڍ“ جي ڪناري تي اچي لٿو. محمد بن قاسم پنهنجي فوجي سپهه سالار ”عبدالله بن علي ثقفي“ کي ”رفيان“ وٽ راجا جي فوجن جي مقابلي لاءِ گچيري جي ڍنڍ وٽ موڪليو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. راجا جي فوج جا ڪافي ماڻهو ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويا ۽ ڪافي جان بچائي ڀڄي ويا.“علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”تاريخ معصومي“ جي ”تعليقات“ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”اسان جو گمان آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ٽلٽيءَ جي سامهون سنڌ جو درياهه ٽپيو هوندو ته پوءِ ضرور انهيءَ جاءِ جي ويجهو ڇانوڻي هنئين هوندائين، جا اڄڪلهه ”گچيري“ جي نالي سان مشهور آهي". ”ميرڪ يوسف“،”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ تفصيل سان ڏنو آهي. ”لاکاٽ“ وارو پرڳڻو ”گچيري“ جو دنگئي هو. لاکاٽ پرڳڻي جي لاکن ۽ سميجن - انڙن جو پاڻ ۾ ڪافي اختلاف هو. ٻگهيا، سميجن - انڙن جا طرفدار هئا. اسان جيتري قدر ان دور جي تاريخي حالتن جو جائزو ورتو آهي ته ان دور ۾ لاکا به سنڌ جي ٻين قبيلن وانگر امن پسند هئا ۽ هتان جي مقامي ماڻهن جي خلاف ڪونه هئا. پر مغل گورنرن جي پاليسي لاکن ۽ سميجن - انڙن جي وچ ۾ ڪافي شڪ شبها ۽ اختلاف پيدا ڪري وڌا هئا. انهن باهمي اختلافن مان هنن پنهنجا سياسي مقصد پئي حاصل ڪيا. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ”گچيري“ جي ٻگهين، سميجن - انڙن جي طرفداري ڪري، مغل اهلڪارن کي سالياني ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مير ابو البقا، جو مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جو وڏو پٽ هو، سن 1017ھ ۾ پنهنجي پيءُ جي پاران ”سيوهڻ سرڪار“ جو نائب مقرر ٿي آيو. ”تذڪره اميرخاني“ ۾ ميرڪ يوسف جي حوالي سان اچي ٿو ته: ”مير ابوالبقا جي سميجن جي هڪ شاخ ٻگهين سان ويڙهه ٿي هئي. ٻگهين جي شورش کي بند ڪرڻ لاءِ سيوهڻ آيو. ان دؤر ۾ سيوهڻ صوبي ۾ درياهه جي اورئين ڀر ٽي پرڳڻا هئا: هڪ جوڻيجن جو، ٻيو خطو ۽ ٽيون لاکاٽ جو وغيره. جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ڪوريجا، پنهور ۽ شيخ آباد هئا ۽ سميجن جي قوم مان ٻگهيا گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا.“ مير ابوالبقا ٻگهين جي شورشن کي بند ڪرڻ ۽ باقاعدي ڍل وصول ڪرڻ جا تمام سخت اپاءَ ۽ قدم کنيا. ميرڪ يوسف امن پسند ٻگهين کي تاريخ ۾ بدنام ڪرڻ لاءِ الزام هڻندي چوي ٿو ته: ”ٻگهين جو سمورو قبيلو ڏوهاري هو. خون، ڦر ۽ ڌاڙا هڻڻ سندن رات ڏينهن جي ڪرت هئي. منجهانئن نه صرف رعيت ڏکويل هئي، بلڪه خود سرڪاري ماڻهو به آزاريل هئا. ماڻهن جو مال ۽ ملڪيت ته کائي کپائي ڇڏيندا هئا، پر سرڪاري اُجارو به هضم ڪري ويندا هئا. ”ميرڪ يوسف“ جي انهيءَ مٿين بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گچيري“ جا ٻگهيا، مغل حاڪم کي ڍل ۽ محصول نه ڏيڻ ڪري عتاب هيٺ آيا ۽ انهيءَ ڪري ئي ميرڪ يوسف مٿن خون ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وغيره جا الزام به مڙهي ڇڏيا. مير صاحب پنهنجي تاريخ ۾ وقت جي حڪومت کي مغل سلطنت جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪافي صلاحون ۽ رٿون به ڏيندو هليو آهي. ميرڪ يوسف ان دور جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو نقشو چٽيندي هن طرح لکي ٿو ته: ”سن 1001ھ - 1007ھ ڌاري مقصود بيگ ۽ بختيار بيگ هڪ ٻئي پٺيان سيوهڻ سرڪار جا حاڪم مقرر ٿي آيا. بختيار بيگ وڏو سرجوش سپاهي هو. هي ست ورهيه سيوهڻ جو حاڪم ٿي رهيو. هن جو زمانو خوشحالي وارو دور هو. پاڻ آخرين دور ۾ بيمار ٿي پيو. سندس حالت ڏاڍي نازڪ ٿي ويئي. هن جي پٽن عبدالرحمان ۽ بابا بيگ، پنهورن جي سردار کي سڏائي سيوهڻ جي قلعي ۾ بند ڪرايو، پر بهاءُالدين پنهور نالي هڪ سردار اڃان ٻاهر هو. انهيءَ وچ ۾ ربيع جي فصل ۾ لابارو پيو ۽ بختيار بيگ 8-1007ھ ۾ اکيون پوري ڇڏيون. اهو لابارو پيل فصل ”ڪوريا“ نالي هڪ هندوءَ شاهي درٻار مان ٺيڪي تي کڻي، ”جيسر“ نالي پنهنجي هڪ گماشتي جي حوالي ڪيو. انهيءَ وچ ۾ سميجن موقعو وٺي، پنهورن ۽ ڪوريجن کي زمينن تان هڪالي، پاڻ مالڪ بنجي ويٺا، هنن پنهورن ۽ ڪوريجن سان وڙهڻ لاءِ درياهه جي اورئين ڀر ”بکر“ جي راڄڌانيءَ ۾ ”لاکيرن“ جي ڳوٺ ۽ ”ڳاهن“ جي پرڳڻي ۾ ”بهڻن“ جي ڳوٺ ۾ اچي باهيون ڏنيون ۽ اها ساڳي ڪار ڪندا وڃي ”ڪانهري“ ۽ ”سامتاڻي“ کان نڪتا، جتي بهاءُالدين پنهور ويٺل هو. پنهور ۽ ڪوريجا پاڻ ۾ متحد ٿي، چئن پنجن هزارن جي فوج سان درياهه پار ڪري اچي جوڻيجن جي ڳوٺ ”ٻٻري“ ۾ گڏ ٿيا، جتي جيسر، هندو گماشتو به اچي ساڻن شامل ٿيو. ٻئي طرف سميجا - انڙ به اٽڪل پنجن ڇهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري اچي ”گچيري“ جي ڳوٺ ۾ ڪٺا ٿيا، جو پڻ ساڳئي پرڳڻي ۾ هو. آخر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ”گچيري“ وٽ سخت ويڙهه ٿي، جنهن ۾ جيسر، پنهورن ۽ ڪوريجن جي سوڀ ٿي.“. سيوهڻ سرڪار جي انهن مٿين سياسي حالتن جي ابتريءَ کي آڏو رکندي، ميرڪ يوسف، مغل شاهي درٻار ۾ انهن حالتن کي بهتر بنائڻ ۽ سازشين ۽ وڳوڙين کي سخت سزائون ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيوهڻ سرڪار جي حاڪم جي فوجي قوت کي وڌائڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ هيٺينءَ ريت مشورو ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڪوريجن ۽ پنهورن جي پاسي به سميجن جون جيڪي زمينون آهن، اهي ”جوڻيجن“ جي پرڳڻي ۾ داخل ڪري، مٿين ٻنهي قومن ۾ ورهائي ڏجن، پر انهن تي واجبي ڍل وجهڻي پوندي. انهيءَ احسان عيوض ماڻهو دل لائي ٻنيون آباد ڪندا. ”گچيري“ ۾ هڪ قلعو قائم ڪري، ان ۾ هڪ سئو سوار ۽ پنجاهه توبچي رکيا وڃن، جتي سيوهڻ جي جاگيردار پاران ٿاڻو هئڻ گهرجي. ميرڪ يوسف جي ان بيان مان اهو گمان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گچيري“ ۾ شايد اڳ ۾ ڪو اهڙو مضبوط قلعو ڪونه هو. جي هو به ته اهو ايترو مضبوط نه هو، جو فوجي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. انڪري مير صاحب صلاح ڏيندي، مٿيون بيان ڪيل رٿون ڏنيون آهن. ساڳئي وقت انهيءَ بيان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مغلن جي دور ۾ ””گچيري“ شهر جي فوجي ۽ سياسي اهميت ڪيتري قدر اهم هئي. مغلن جي صاحبيءَ جي سج غروب ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪلهوڙن (سن 1131ھ- 1719ع کان 1197-83-1782ع) جي حڪومت جو سج اڀريو. انهيءَ دور ۾ به هن شهر کي هر لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات ۾ پورا ٻه ورهيه جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ کانپوءِ سن 1113ھ ۾ سنڌ ڏانهن وريو. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي معتقد مريد ۽ بهادر سپاهي راڄي فقير ۽ ٻين فقيرن کان بيعيت وٺي، التماس خان بروهيءَ جي مدد سان اچيمنڇر ڍنڍ جي ڪناري تي ڇانوڻي هنيائين. جتان اڳتي وڌي ”سامتاڻي“ ۽ ”ڳاهان“ تي قبضو ڪيائين. ان کانپوءِ ميان صاحب پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد ڪلهوڙي کي لشڪر ساڻ ڏيئي ”مرکپور“ روانو ڪيو، جنهن آسانيءَ سان ان تي قبضو ڪري ”جمشيد گاهي“ تي پڻ قبضو حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ميان مير محمد اڳتي وڌي ”فتح پور“ جو قلعو پڻ فتح ڪيو. هوڏانهن ميان يار محمد ڪلهوڙي خود باقي ڇڙوڇڙ ٿيل سرائين جي لشڪر کي ڪٺو ڪري، ”گچيري“ کي پڻ قبضي ۾ آندو ۽ پنهورن جي گاديءَ واري هنڌ ”شڪارپور“ کي فتح ڪري، ان جو نالو ”خدا آباد“ رکي، پنهنجو تخت گاهه بنائي خود رهڻ لڳو . ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو مصنف مولانا غلام رسول مهر ان واقعي کي وري هنن لفظن ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ مان ميان صاحب کي نڪري وڃڻ ۾ گهٽ وڌ، ٻه سالن جو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي ۾ سرائي درويش، ميان صاحب وٽ اچڻ لڳا، انهن مان راڄو ليکي قابل ذڪر آهي. ميان صاحب انهن سڀني کان فرمانبرداريءَ جو ڀروسي جهڙو انجام ورتو، ۽ پوءِ قلات مان نڪري سنڌ جو رخ ڪيائين. التماس خان بروهي پنهنجي گروهه سان گڏ ساڻس همراهه هو. زيديءَ (بلوچستان) مان لنگهي، ميان صاحب منزلون ڪندو، منڇر ڍنڍ جي ڪناري سانوهه ۽ نئنگ پهتو، جي هٽڙي تعلقي ۾ آهن. قيصر خان پنهور کان سامتاڻي ڳوٺ ڦريائين ۽ ڳاها ۾ لڏو لاهي، پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد خان کي مختلف سرائين سان گڏ اڳتي موڪلي ڏنائين. جتي جتي سرائي رهندا هئا، سي ميان صاحب جي اچڻ جو احوال ٻڌي پنهنجي مهم ۾ مشغول ٿي ويا. اهڙيءَ طرح مرکپور ۽ گاهي جمشيد قبضي ۾ اچي ويا، ۽ فتح پور کي دشمنن جي قبضي مان آزاد ڪرايو ويو. پوءِ خود ميان صاحب به پنهنجي ساٿين سان اچي مليو. ..... ان کانپوءِ ميان گچيرو، شڪارپور (خدا آباد) کاري ۽ ڪنڊياري جا شهر آزاد ڪرايا“ . ڪلهوڙن پنهنجي دور حڪومت ۾ هن شهر جي فوجي اهميت ۽ ضرورتن کي محسوس ڪندي ”داد واهه“ جي ڪنڌيءَ تي ”گچيري“ شهر جي اوڀر ۾ هڪ پڪ - سرائون قلعو تعمير ڪرايو هو. هن ورت اهو قلعو ڊهي تباهه ٿي ويو آهي. ان جا ٿورا ڪي گهڻا نشان هن وقت ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. ممڪن آهي ته ميرڪ يوسف، ”گچيري“ جي جنهن قلعي ٺهرائڻ جي پنهنجي مغل حڪومت کي رٿ ڏني هئي، هي قلعو اهوئي هجي، جنهن کي ڪلهوڙا حڪمرانن پنهنجي دور ۾ ٻيهر نئين سر مرمت ڪرائي مضبوط ڪيو هجي. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپورن جي دور حڪومت (1197ھ/ 1783ع - 1259ھ -1843ع) ۾ هن شهر جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي سگهي. پر ايترو سو معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپورن جي دور ۾ هيءُ علائقو مير ٺاري خان جي جاگير ۾ هو. سنڌ جي ٽالپورن، سکن ۽ افغانن جي اوچتن حملن جي بچاءَ لاءِ گچيري شهر جي اتر ۾ ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ ڪچو قلعي نما ٺهرايو هو، جو هن وقت به سنڌو درياهه جي بچاءَ بند جي اندر اولهه ۾ صحيح ۽ سالم حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سن 1843ع ۾ سنڌ کي انگريزن فتح ڪيو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ هيءُ شهر وڏي اوج تي هو. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سچائي، صفائي ۽ صداقت جو روح پئي نظر آيو. ماڻهو سکيا ستابا هئا. ان پاڻي جام هو. نواب شاهه ضلعي ۾ هيءُ شهر زرعي لحاظ کان اهم ۽ مکيه هو. هتان جا هندو واپاري سنڌ ۽ ڏيسارون سان واپار ڪندا هئا. انگريزن جي دور ۾ هندن جي آبادي مسلمانن کان گهٽ هئي. فتح خان ٻگهيو ۽ محمد صالح ٻگهيو هن شهر جا وڏا زميندار ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو هئا. هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي هئي. منجهن ميٺ ۽ محبت جام هئي. شادي ۽ غميءَ ۾ هڪ ٻئي وٽ شريڪ ٿيندا هئا. شهر وڏيءَ رونق وارو هو. شهر جون گهٽيون وڏيون ۽ ڪشاديون هيون. سڄو ڏينهن واپار جي گهما گهمي لڳي پيئي هوندي هئي. هتان جا هندو خواهه مسلمان پڪا مذهبي هئا. گچير ي ۾ هڪ هندن جو مندر به هو، جتي هو آزاديءَ سان پنهنجا ڪريا ڪرم ڪندا هئا. هندن ۾ ”ڀڳت“ جو رواج تمام گهڻو هو. هر سال سياري جي آخر ۾ هتي شوَ جو ميلو لڳندو هو. موجودهه پرائمري سنڌي اسڪول جي ڏکڻ ۾ قديم زماني کان وڏو پپر جو هڪ وڻ آهي، جنهن جي هيٺان شوَ جي ميلي جو انتظام ڪيو ويندو هو. ان مندر جي هڪ ديوار اڃان صحيح ۽ سالم حالت ۾ بيٺي آهي. هاڻي انهيءَ پراڻي مندر وٽ ميان محمد صديق ٻگهيي جي اوطاق آهي. انهيءَ مندر جي اوڀر ۾ هندو ياترين لاءِ هڪ ڌرم شالا يا مسافر خانو ٺهيل هو، جو هن شهر جي هندو سيٺين ۽ ديوان ڪيولرام گڏجي ٺهرايو هو. ڌرم شالا جي ڀر ۾ کوهه پڻ کوٽايل آهي. هن وقت انهيءَ هنڌ ”يونين ڪائونسل“ جي عاليشان عمارت تعمير ڪيل آهي. مسلمانن جي محلن ۽ پاڙن ۾ مسجدون ٺهيل هيون، جن مان اڄ به ڪيتريون ئي اڃان تائين قائم بيٺيون آهن، هن شهر ۾ وڏا وڏا جيد عالم، بزرگ ۽ صاحب فن ماڻهو رهندا هئا. مسجدن جي ڀرسان مڪتب ۽ مدرسا هئا، جن ۾ ديني خواه دنيوي علمن ۽ فنن جو درس ڏنو ويندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ کان اڳ ۾ هن شهر جي مسلمانن جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ هندو پڻ مسلمانن سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس وٺندا هئا. پوئين زماني ۾ منشي ريوا چند ۽ نارائڻ سنگهه عربي ۽ فارسيءَ جا وڏا ڄاڻو ٿي گذريا آهن. گچيري ۾ پراڻي زماني کان وٺي ٻگهيا قوم ڪثرت سان آباد آهي، جنهن جو اسان مٿي تاريخي لحاظ کان ذڪر ڪري آيا آهيون. ان کان سواءِ هن شهر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون آباد آهن، جهڙوڪ: سهتا، سومرا، ميمڻ، ميربحر، ڪنڀر وغيره. هن وقت ميمڻ قوم جا ڪافي گهر لڏي پلاڻي موري شهر ۽ ان جي آسپاس وڃي ويٺا آهن. هتي ڪپڙي جي رنڱاوت جو ڪم ڏاڍو سٺو ٿيندو هو. رنڱاوت جي ڪم سان گڏوگڏ ڪپڙي جي اُڻت جو ڪم به گهڻو ٿيندو هو. اِيسٽ انڊيا ڪمپني پڻ رنڱيل ڪپڙي جي خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ گماشتو گچيري ۾ رهايو هو. هن وقت اهي سڀ هنر ماٺا ٿي ويا آهن. هن موجوده دور ۾ شهر جي آدم شماري اٽڪل ٻه هزار کن ٿيندي. شهر ۾ هڪ پرائمري سنڌي اسڪول، انگريزي هاءِ اسڪول ۽ نياڻين جي تعليم واسطي به اسڪول قائم آهي. شهر ۾ هڪ وڏي جامع مسجد، هڪ وڏي دڙي تي اڏيل آهي. شهر جي آباديءَ جي لحاظ کان نمازين لاءِ ڪافي آهي. مسجد شريف جي اڏاوت مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها پوئين دور جي فن تعمير جو نمونو آهي. هيءَ جامع مسجد ڏاڍي ڪشادي ۽ هوادار آهي.[1]