مواد ڏانھن هلو

ميان غلام شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ميان غلام شاهه کان چوريل)
غلام شاھ ڪلهوڙو
ميان
سنڌ جو حاڪم
شاھي گھراڻو ڪلھوڙا گھراڻو
پيءُ ميان نورمحمد ڪلھوڙو
ماءُ مائي گلان
لاڏاڻو 2 آگسٽ، 1772
حيدرآباد
تدفين حيدرآباد، پاڪستان
مذھب اسلام

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو (Miyaan Ghulaam Shah Kalhorro) ڪلهوڙا خاندان جو آخري جليل القدر حڪمران هو. ڪن ماڻهن کيس پنهنجي خاندان جو سڀني کان وڏو حاڪم سڏيو آهي. بنا ڪنهن شڪ جي سندس ڪي ڪارناما وڏي قدر لائق ۽ حيرت انگيز آهن. مثلاً، ملڪ نيڪالي ملڻ کان پوءِ ٻيهر حڪومت هٿ ڪيائين، ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندي ئي ماڻهن کي امن امان جي سک ۽ شانتيءَ سان مالامال ڪيائين، ۽ انهيءَ ڪاري سڀئي ماڻهو سندس ڳڻ ڳائڻ لڳا. افغانستان کي باقاعدي خراج جي رقم ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ هن سنڌ پرڳڻي جي ترقي، سنڌي عوام جي خوشحالي، نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو، ۽ ان سان گڏ ڪڇ () تي ٻہ سوڀاريون ڪاهون ڪيائين ۽ پرڳڻي ۾ اها حالت پيدا ڪئي، جا نادر جي حملي کان اڳ موجود هئي. هي سڀ هڪ وڏي شخصيت جا ڪارناما هئا، پر صحيح ائين آهي تہ هن خاندان ۾ ميان يار محمد اخلاق ۽ فضيلت ۾ بهترين شخص هو؛ ٻئي درجي تي ميان نور محمد خان، ۽ ٽئين درجي تي ميان غلام شاه هو. ميان صاحب جيتوڻيڪ لکي پڙهي نه ڄاڻندو هو، پر پوءِ به ملڪي انتظام رکڻ جون صلاحيتون منجهس جيڪي موجود هيون، اهي جڏهن عمليءَ طرح ميدان ۾ آيون، تڏهن وڏا وڏا عالم سندس عظمت اڳيان هيچ رهجي ويا.

ميان صاحب جي خاص فوجي دستي ۾ ٻارهن هزار سوار ۽ پيادل شامل هئا. هن کي گهوڙن جو حد کان وڌيڪ شوق هوندو هو. هڪ چڱي گهوڙي جي خريداريءَ ۾ وڌ کان وڌ رقم ڏيئي بہ ضرور خريد ڪندو هو.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي والده

[سنواريو]

مشهور آهي ته ميان صاحب جي والده جو نالو مائي گُلان هو، جا شروع ۾ سدا سهاڳڻي هئي، ۽ پوءِ ميان نور محمد خان ساڻس نڪاح ڪيو. هڪ آکاڻي مشهور آهي ته مائي گلان کي ناچ ۾ وڏو ڪمال حاصل هو، ۽ هر جمعي رات تي شاهه عبداللطيف وٽ ناچ ڪندي هئي. هڪ ڀيري شاهه صاحب ايترو خوش ٿيو، جو چيائين ته ’جيڪي گهرڻو هجيئي، سو گهُرا!‘ مائيءَ عرض ڪيو ته ’هڪ پٽ جي گهرجائو آهيان‘. شاهه صاحب دعا ڪئي. مائي گلان جو نڪاح ميان نور محمد خان سان ٿيو ۽ منجهانئس ميان غلام شاهه نالي پٽ ڄائو.

چون ٿا ته شاهه صاحب، ميان غلام شاهه جي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سندس عظمت جي باري ۾ هنن لفظن ۾ پيشنگوئي ڪئي هئي:

”گلان مان گل پيدا ٿيو، ڪي ٽڙيو، ڪي ٽڙندو“. هيءُ واقعا ۽ پيشنگوئي صحيح هجن يا نه، پر ميان صاحب جي عظمت جي باري ۾ تاريخ جا صفحا ضرور شاهد آهن.

افغانستان کي ڏن ڀرڻ

[سنواريو]

پَڪ سان ڄاڻ نه آهي ته ميان صاحب ڪابل کي ساليانو ڏن ڪيترو موڪليندو هو. انگريزن جي واپاري ڪوٺيءَ جي ڪاغذن مان ڄاڻ ملي ٿي ته باقاعدگيءَ سان ڏن ادا نه ڪيو ويندو هو. جڏهن ڏن جي حوالي سان گهرجن زور پوندو هئو، تڏهن ميان صاحب رقم موڪلي ڏيندو هو. افغاني درٻار کان گهڻو ڪري اوني ڪپڙي جي فرمائش ٿيندي هئي؛ ميان صاحب خريد ڪري ڏياري موڪليندو هو، ۽ اها رقم خراج جي حساب ۾ جمع ڪئي ويندي هئي. ڪن روايتن مان ڄاڻ پوي ٿي ته ميان صاحب خراج جي رقم گهٽائي يارهن لکن تي آندي هئي.[1]

1768ع جي حالتن ۾ ۾ بيان ڪيل آهي ته افغانستان جي طرفان ايلچي آيا، جن ظاهر ڪيو آهي ته ’اسين دهليءَ طرف وڃي رهيا آهيون، هڪ هزار ماڻهو افغاني فوج سان گڏي ڏيو ۽ خراج جي رقم جو پڻ اڌ ڏيو.‘. ميان صاحب ست لک رپيا ادا ڪيا، ۽ هڪ هزار ماڻهو فوج سان گڏي ڏنا.

آجپي جي اُڃ

[سنواريو]

حالاتون اهڙيون پيدا ٿي چڪيون هيون جو ميان صاحب جي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان اڳ سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ پوريءَ طرح جڪڙجي چڪي هئي ۽ ميان صاحب کي مجبورن اها صورت قبول ڪرڻي پيئي. انگريزي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن جي شهادتن مان ملي ٿي ته ميان صاحب هر وقت انهن زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ آتو رهندو هو. ميان صاحب انگريزن کان ٻه هوشيار توبچي گهريا، تڏهن انهيءَ سلسلي ۾ انگريزي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن بمبئيءَ خط لکيو ته ميان کي جيڪڏهن توبچي ملي ويا ۽ هن ڪڇ فتح ڪري ورتو ته وڏو طاقتور حڪمران بنجي ويندو: ” هو هڪدم علاميءَ جا زنجير ٽوڙي ڇڏيندو؛ ڏن جي ادائگي بند ڪري ڇڏيندو؛ پٺاڻن کان پوري آزادي حاصل ڪري وٺندو ۽ پوءِ کين سنڌ جي سرزمين تي پير رکڻ جي به اجازت نه ڏيندو ..... انهيءَ ڪري اسان جي اوني ڪپڙي جي واپار کي سخت ڌڪ لڳندو. غلام شاهه سنڌ جي مڪمل آجپي لاءِ هر موقعي مان لاڀ وٺڻ لاءِ جاکوڙ ۾ رهي ٿو. پٺاڻن ۽ اتر طرف جي ٻين واپارين سان اسان جي (انگريزن جي) واپاري لاڳاپن جي جيڪا اڳ مخالفت ڪئي ويئي هئي، ان جو سبب به اهو ئي هو. هو سنڌ ۾ افغانن جي اچڻ کي نهايت خراب ڄاڻي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هي ماڻهو ملڪ ۾ جاسوسن جي حيثيت رکن ٿا ۽ سندس سرگرمين جون خبرون مٿي پهچائين ٿا.“ [2] .

”فتحنامي“ جو بيان

[سنواريو]

ميان صاحب جي باري ۾ مير عظيم الدين ٺٽويءَ جو بيان ٻڌو:

غلام شاه آن سرورِ خوش خطاب،

ڪہ از مسڪنت بود حالش خراب، (غلام شاهه جو حال مفلسيءَ سبب نهايت خراب هو.)

چو نشست بر مسند خسروري،

شد از قوتِ بخت حڪمش قوي. (جڏهن حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، تڏهن نصيحت جي ياوريءَ سان هن جي حڪومت جو بنياد مضبوط ٿي ويو.)

چو حڪم آمد از احڪم الحاڪمين،

زمين آسمان، آسمان شد زمين. (حاڪمن جي حاڪم ]خدا[ جو حڪم آيو، ته زمين آسمان بنجي وئي ۽ آسمان زمين بنجي ويو: مطلب هي آهي ته محمد مرادياب خان قيد ٿي ويو ۽ غلام شاهه کي حڪومت جي گادي ملي ويئي.)

نستي نہ چو مردان دلير، ستادي بدميدان چو غرنده شير. (بهادرن وانگر تخت تي ويهندو، ۽ گجندڙ شينهن وانگر ميدان ۾ بيهندو هو.)

بہ مردانگي در جهان سرفراز، بہ همت بلندي مسافر نواز. (مردانگيءَ سبب دنيا ۾ عزت وارو هو، وڏيءَ همت سان مسافرن کي نوازيندو هو.)

جفاڪار و بيرحم و ظالم نود، همين عيب بودش ڪہ عالم نبود. (هو جفاڪار ۽ بيرحم ۽ ظالم نه هو، هن ۾ فقط هيءُ عيب هو جو عالم نه هو.)

بهر رنگ عشرت سر تازه احت، وليڪن بہ هر امر انداره داشت. (هو عيش عشرت جي هر رنگ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو هو، پر هر ڪم اندازي سان ڪندو هو.) [3]

هڪ اکين ڏٺي شاهدي

[سنواريو]

هڪ اکين ڏٺي شهادت مان ظاهر آهي ته ”ميان غلام شاهه عباسي جهاندديده، آزمودگار، سخي ۽ مسافر نواز هو. هو بهادري ۽ جوانمرديءَ جي تصوير هو. هن ڪيتريون ئي جنگيون ڏٺيون. سندس ڀاڳ ۾ ڪوبه شڪ نٿو ٿي سگهي. گهوڙن کي داڻو ۽ گاهه پنهنجين اکين اڳيان ڏيارائيندو هو. جنهن شخص کي جوانمرد ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ دلير ڏسندو هو، هڪدم پاڻ وٽ ملازم رکندو هو. هر ٻاهرئين ملڪ سان واپاري ۽ مسافر سنڌ ۾ ايندا هئا، ميان انهن جي سار سڀال ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. جواهرن، قيمتي ڪپڙن ۽ گهوڙن وڪڻڻ وارا ايندا هئا ته وڌي قيمت ڏيئي کانئن خريد ڪندو هو. ملڪي ماڻهو توڙي مسافر سندس دور حڪومت ۾ نهايت خوش ۽ راضي هئا.“ [4]

هيگ جو بيان

[سنواريو]

هيگ ميان غلام شاهه جي متعلق لکيو آهي ته هو ڪلهوڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل، همت وارو ۽ چست هو؛ انهيءَ کان سواءِ خاندان ۽ قبيلي جي خود داري، عزم ۽ جنگي جوهر منجهس وڏي پيماني جا موجود هئا.... حيرت جي پختگيءَ ۽ ملڪي ڪاروبار جي صلاحيت جي اعتبار هو کان خاندان جو آخري نمائندو هو. ڪلهوڙن جي بدانتظاميءَ ۽ بيرحميءَ مان به کيس چڱو حصو مليو هو. هن جو مضبوط هٿ ساري ملڪ ۾ محسوس ٿيندو هو. هن جڏهن وفات ڪئي، تڏهن حاڪم جي قوت گهٽجي ويئي ۽ سنڌ جو علائقو نئين سر بدانتظاميءَ جي خوفناڪ طوفان ۾ غرق ٿي ويو.[5]

ڪلهوڙن جي بدانتظامي ۽ بيرحمي

[سنواريو]

ڪلهوڙن جي بدانتظاميءَ ۽ بيرحميءَ متعلق هيگ جيڪي لکيو آهي، تنهن جي مستند تاريخي واقعن مان ڪابه شهادت نٿي ملي. عبدالمجيد جوکيي جو بيان. منهنجو هيءُ تاريخي مسودو مڪمل ٿي ڇپجڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته عبدالمجيد جوکيي جي ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“ جو قلمي نسخو مليو. ان مان ميان غلام شاهه جي باري ۾ ڪي نيون ڳالهيون معلوم ٿيون مثلاً: ميان جي سخاوت ۽ قدرشناسيءَ سبب هر هنڌ ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا. ميان سنڌ جي سرحد جي سڀني زميندارن کي پنهنجو فرمانبردار بنايو- مثلا، ديرن جا بلوچ، سيتپور جو قاضي نور محمد، پوڇ ڪاڇي، ڄام راڻو، ڄام بجار جوکيو ۽ ملڪ عزت خان نومڙيو، وغيره. معمولي ماڻهن کي نوازشن سان وڏي بخشيائين، مثلاً- محمد صديق ويس ۽ محراب جتوئي.[6]

افغانستان کان گهوڙن جو هڪ سوداگر آيو. هن رڳو هڪ گهوڙي جي قيمت سٺ هزار رپيا ٻڌائي ۽ چيو ته ’انهيءَ ملهه کان گهٽ نه ڏيندس.‘ ميان سوچيو ته جيڪڏهن اهو گهوڙو آءٌ خريد نه ڪندس ته منهنجي جوانمرديءَ ۽ ناموس جي گهٽتائي ٿيندي ۽ سوداگر سمجهندو ته ايتريءَ عزت ۽ دٻدٻي جي باوجود هڪ گهوڙو به خريد ڪري نه سگهيو. سو، پنهنجي گهوڙن جي سيسن جي سردار مرزا فولاد کي حڪم ڏنائين ته گهوڙي کي طبيل ۾ ٻڌي، سٺ هزار رپيا خزاني مان سوداگر جي حوالي ڪر؛ ۽ جڏهن سوداگر وڃڻ لڳو، تڏهن کيس انعام پڻ ڏنائين.[7]

راجا ليکي ۽ مير بهرام. منور، خوش چشم ۽ دولت افزون ميان جا خاص ناظر هئا. هڪ دفعي کانئن پڇائين ته راجا ليکي ۽ ميربهرام اسان جا خاص معزز سردار آهن، انهن مان اوهان جي خيال ۾ اسان جا خاص معزز سردار آهن، انهن مان اوهان جي خيال ۾ اسان جو وڌيڪ خيرخواهه ڪهڙو آهي؟‘ منور، جو ٻين ناظرن ۾ سڀني کان وڏو هو، تنهن مير بهرام کي راجا ليکيءَ تي ترجيح ڏني. ميان فوراً ئي هڪ خدمتگار کي موڪلي راجا ليکيءَ کي گهرايو. هو جڏهن آيو، تڏهن کيس چيائين ته ’رڍون ۽ ٻڪريون پشم لاءِ خريديون وينديون آهن، نه چارڻ لاءِ: مان سمجهان ٿو ته مير بهرام منهنجا چيل ڪم پوريءَ طرح سرانجام نٿو ڪري، انهيءَ ڪري بيفائدو سندس پرورش ڇو ڪئي وڃي؟‘ راجا جواب ڏنو ته ’منهنجو به اهو ئي خيال آهي.‘ ميان اهو ٻڌي راجا کي اجازت ڏني ۽ ميربهرام کي پاڻ وٽ گهرايو؛ ۽ ان کي چيائين ته ’راجا هر وقت فتني انگيزي ۽ شرارت ۾ لڳو رهي ٿو: منهنجي دل چوي ٿي ته کيس شرارت جي سزا ڏني وڃي.‘ مير فوراً ئي عرض ڪيو ته ’اي حڪومت جا مالڪ راجا کي ڪيئن اهڙي همت ٿي سگهي ٿي، جو حڪومت جي مالڪ جي خلاف کئوننس ڪري! اهو سڀني سرائين ۾ خيرخواهيءَ ۾ وڌيڪ آهي. هو حڪمران خاندان سان بدخواهي نٿو ڪري سگهي. ان جي سرفرازي مناسب آهي‘.

ميان هي جواب ٻڌي نهايت خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته مير کي خلعت ڏني وڃي. مير عرض ڪيو ته اي حاڪم، خيرخواهه لاءِ مناسب ائين ٿيندو ته سڀاڻي صبح جو پهريائين راجا کي خلعت عطا ڪئي وڃي، ۽ پوءِ بندي کي سرفراز فرمايو وڃي؛ اهو ٻڌي ميان صاحب گاڏيءَ تي آڱر رکي چيو ته ’ڏٺئه‘ اسان جي اميرن ۾ نيڪ نيتي ۽ ملڪي تدبير ۾ بهرام جهڙو ڪوبه ڪونه آهي! [8][9]

لاڏاڻو

[سنواريو]
ميان صاحب جي آخري آرامگاھ

ميان غلام شاهه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪرڻ بعد، مستند روايت مطابق، 3 جمادي الاول 1182ھ مطابق (2 آگسٽ 1772ع) جو وفات ڪئي. هن روايت ۾ وفات جو ڏينهن ’پنج شنبه‘ (خميس) ٻڌايو ويو آهي، ليڪن ان ۾ دقت هيءَ آهي ته 3 جمادي الاول خميس جو ڏينهن نه هو. سومر يا اڱاري جو ڏينهن هو. روايت جي نقل يا ڪتابت ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي سگهي ٿي ته ڏينهن جي غلطي نه ٿئي ها، ۽ نه تاريخ جي. انهيءَ بناء تي قياس هي چوي ٿو ته وفات 3 تاريخ جي بجاءِ 13 تاريخ جمادي الاول مطابق 12 آگسٽ هجڻ گهرجي، ۽ اهوئي ڏينهن خميس جو هو. هيگ لکيو آهي ته ’ميان صاحب پهرين آگسٽ جو وفات ڪئي‘؛ مگر اهو ڏينهن آچر جو هو. هڪ ٻي روايت آهي ته جمادي الاول جي پهرين تاريخ لقوي ۽ فالج جي مرض مٿس حملو ڪيو، ۽ ٻيءَ تاريخ جو فوت ٿي ويو. يعني پهرين آگسٽ 1772ع. عبدالمجيد جوکئي لکيو آهي ته ”ميان ڪڏهن ڪڏهن بهادريءَ جي جوش ۾ اچي چوندو هو، ’مان احمد شاهه جي شهر، يعني قنڌار کي فتح ڪندس؛ سڀني اميرن کي تيار رهڻ گهرجي.‘ اوچتو ئي فالج جي مرض حملو ڪيو، ۽ ڳالهائڻ کان به معذور ٿي ويو. ميان سرفراز کي خبر پهچائي ويئي. پٽ، عزيز، سياستدان، ۽ طبيب گڏ ٿي ويا. گهڻوئي علاج ڪيو ويو، ليڪن ڪابه دوا فائديمند ثابت نه ٿي ۽ جان وڃي حق جي حوالي ٿي.[10] [11][12][13]

حوالا

[سنواريو]
  1. ”جرنل، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، بابت ڊسمبر 1938ع، ص 72
  2. ”جرنل، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، ص 72
  3. فتحنامو“، ص 54-55
  4. ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“
  5. ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 121
  6. ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 5
  7. ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 6
  8. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي سيرت، ان بابت تاثرات ۽ آزاديءَ جي تڙپ، ترتيب؛ جوکيو شفيق
  9. ”تاريخ ڪلهوڙا واستقرار حڪومت ٽالپران“، ص 7-9
  10. ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 121
  11. ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 10-11
  12. ڪتاب؛ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، حصو ڇهون (جلد-2)، ليکڪ:غلام الرسول ”مهر“
  13. روزآني سوڀ، سنڊي ميگزين Sindhi daily Sobh, Sunday Magazine, 23 November, 2014