يار محمد ڪلهوڙو

ميان يار محمد ڪلهوڙو انگريزي (Yar Muhammad Kalhoro) سنڌ ۾ ڪلھوڙن جو دور جو پهريون ليکيو ويندڙ حڪمران، پنهنجي ڀاءُ ميان دين محمد ڪلهوڙو کان پوءِ 1701ع ۾ ميانوال تحريڪ ۽ ڪلهوڙا خاندان جي ورثي جو گادي نشين ٿيو. اٽڪل 1799ع ۾ ان وقت جي ملتان جي گورنر معزالدين ڪلهوڙن جي مرڪزي ڳوٺ ڳاڙهيءَ تي حملو ڪيو. گاج ندي ڪناري تي وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ ٻنهي پاسي جا جنرل ماريا ويا.[1] ميان دين محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ ملتان جيل ۾ ماريو ويو. ميان يار محمد ڪلهوڙو زيدي رستي قلات بلوچستان هليو ويو.[2] ڪجهه عرصي کانپوءِ اٽڪل 1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو بلوچستان کان واپس منڇر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ سانوه (موجوده ساوڙو، جوهي تعلقو) کان ٿيندي قيصر پنهور کان ڳوٺ سامتاڻي کسي, ڳوٺ ڳاها ( هاڻ جوهي تعلقو) ۾ ويهي ميانوال تحريڪ کي سرگرم ڪيائين شڪارپور پنهورڪِي (هاڻ خدا آباد)، مرکپور ( هاڻ دادو شهر جو محلو) ۽ فتحپور جا ڳوٺ قبضي ۾ آندائين. جھوڪ شريف جي جنگ کان پوءِ مغل سلطنت جي پرواني ۽ خدايار خان جي لقب ملڻ بعد شڪارپور پنهورڪِي جو نالو خدا آباد رکي ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائين.[3] هن اٽڪل 1701ع کان 1719ع تائين حڪومت ڪئي.[4]
دين محمد جو ڀاءُ ميان يار محمد سمجهداريءَ سان مغل درٻار ۾ حاضر ٿيو. کيس وڏي همدردي سان قبول ڪيو ويو ۽ جاگير عطا ڪئي وئي. ان سان گڏ کيس “خدايار خان” (يعني خدا جو دوست) جو لقب پڻ ڏنو ويو. هي واقعو سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري پيش آيو[5].
حوالا
[سنواريو]- ↑ مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. 2004ع
- ↑ رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌيڪااڪيڊيمي ڪراچي، 2008ع
- ↑ عزيز ڪنگراڻي، ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. 2009ع
- ↑ Destruction in the name of preservation[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ THE KALHORA DYNASTY AND ITS OVERTHROW BY THE TALPUR CHIEFS OF SIND. BY A. B. ADVANI, M.A., LL. B. (Read on 20th May, 1934) Journal of Sindh Historical Society, Vol 1, Part 2, 1934