سيتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيتا

راجا روي ورما پاران سيتا جي جلاوطني ۾ چٽيل عڪس.
سنسڪرت ۾ Sītā
اشريڪ لکشمي, ديوي, جو اوتار پانچ ڪنيا
ساٿي راما
ڀاء ڀيڻ ارميلا (ڀيڻُ)
ماندوي
شروتاڪيرتي (سئوٽَ)
ٻچو لاوا (رامائڻ)
ڪوشا
متن رامايانا ۽ رامايڻ جا ٻيا ڇايا يا ترجما
تھوار سيتا ناوامي, جانڪي جيانتي, وواهه پنچامي, ڏياري, دوشيهرا

سيتا (انگريزي ٻولي: Sita) مُکيا ناري ڪردار آهي ۽ هندو جنگ نامو، رامائڻ ۽ انجي ٻين نسخن جي مُکيا شخصيت آهي.هوءَ زمين جي ديوي ڌڻي، ڀوميءَ جي ڌيءُ ۽ ويديها جي بادشاهه جاناڪا ۽ ان جي زال، راڻي سُونينا جي هنج ورتل ڌيءُ طور بيان ڪئي وئي آهي.هن کي هڪ ننڍي ڀيڻ، اُرميلا ۽ مادي سَئوٽِ ماندوي ۽ شروتڪيرتي هئي.سيتا پنهنجي ارپنا، خود-ٻليدانُ هرج سهندڙ، همٿ ۽ سچائي جي لاءِ سُڃاتي ويندي آهي.

سيتا، سوايامورا ۾ پنهنجي جوڀن جواني ۾ ايوڌيا جي شهزادي رام کي پنهنجو وَر (مُڙس) طور چونڊيو، جنهن ۾ ڪُنوارين جي ميڙَ منجهان هڪ مقابلي ۾ بهترين- چُونڊ ڪندڙ ڪُنوار، جتي رام پنهنجي ويرتا ۽ وقار ۽ مارشل پاور ثابت ڪري ٿو ۽ شادي لاءِ سيتا جو سَڱُ گُهرندڙ ٻين ماڻهن کي شڪست ڏئي ٿو، سوايامورا کانپوءِ، سيتا پنهنجي وَر سان گڏجي ان جي بادشاهي ڏانهن وڃي ٿي، پر پوءِ هوءَ سندس جلاوطنيءَ ۾ پنهنجي ڏيرَ ڀاءُ لڪشمڻ سان گڏ پنهنجي مڙس سان گڏجي پنهنجي مُڙس ڏانهن وڃي ٿي.جلاوطني دوران، اُهي ٽئي ڄڻا ڊنڊاڪا ٻيلي (جهنگ) ۾ آباد رهن ٿا، جتان لنڪا جو راڪشس بادشاهه، راوڻ سيتا کي اغوا ڪري کڻي وڃي ٿو.کيس ان مهل تائين لنڪا ۾ اشوڪ واتيڪا ۾ قيد ڪيو ويو، جيستائين رام کيس بچائڻ لاءِ اچي ٿو، جيڪو سندس اغوا ڪندڙن کي ڪُهي ماري ڇڏي ٿو.جنگ کان پوءِ، جنگ نامو جي ڪجهه نسخن ۾، رام سيتا کان اگني پريڪشا (باهہ جي آزمائش) ڪرڻ جي گُهر ڪري ٿو، جنهن ۾ هوءَ رام کي قبول پوڻ کان اڳ پنهنجي پويترتا (پاڪيزگي) جي ثابتي ڏئي ٿي، جنهن لاءِ پهريون ڀيرو لڪشمڻ پنهنجي ڀاءُ رام تي ناراض ٿئي ٿو.

مهاڪهاڻي (جنگ نامو ايپيڪ) جي ڪجهہ نسخن ۾، باهہ-ديوتا اگني مايا سيتا پيدا ڪري ٿو، جيڪو سيتا جي جاءِ وٺي ٿو ۽ راوڻ پاران اغوا ٿي وڃي ٿو، جڏهن تہ اصلي سيتا باھ ۾ لِڪي ويندي آهي.اگني پريڪشا، مايا سيتا ۽ اصلي سيتا هڪ ڀيرو ٻيهر جاءِ مَٽائين ٿا.جڏهن تہ ڪُجھ لکتن ۾ چيل آهي تہ مايا سيتا اگني پريڪشا جي باهہ ۾ تباهه ٿي چڪي هُئي، ٻيون لکتون بيان ڪن ٿيون تہ سيتا ڪهڙي ريت بخشش ماڻي ٿي ۽ مهاڪٿا (جنگ نامو) جي هيروئين دراوپتي يا ديوي پدماوتي جي حيثيت ۾ ٻيهر جنم وٺي ٿي.ڪجهہ شاسترَ (ويدن، پراڻن) ۾ سيتا جي اڳيون جنم ويداوتي جو پڻ ذڪر ڪيل آهي، هڪ ناري جنهنکي راوڻ اغوا ڪري ستائڻ لڳي ٿو. سيتا پنهنجي پويترتا (پاڪائي) ثابت ڪرڻ کان پوءِ، رام ۽ سيتا ايوڌيا ڏانهن موٽي آيا، جتي ٻنهين کي راجا ۽ راڻي جو تاج (ڇَٽُ) پهرايو ويو.ڪُجھ مهينن کانپوءِ سيتا گرڀوتي (پيٽ سان ٿيڻ) ٿي ويندي آهي، جنهن تي هڪ ڌوٻي سيتا بابت پنهنجي زال سان غير سنجيدهہ تبصرو ڪري ٿو، جيڪا ڳالهہ ويسُ مٽائي رام ٻڌندو آهي.تنهنکانپوءِ سيتا کي رام پَري جلاوطني ڏانهن موڪليندو آهي.لڪشمڻ سيتا کي والميڪي آشرم جي ڀرسان جهنگ ۾ ڇڏي ايندو آهي.ڪيترا ئي سال گُذرڻ کانپوءِ، سيتا پنهنجي پويترتا جي ثابتي ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ جي ڳرڀَ (ڳَڀُ، پيٽَ) ۾ واپس موٽي اچي ٿي، ۽ پنهنجي ٻن پُٽن ڪوشا ۽ لاوا سميت انهن جي پيءُ ۽ پنهنجي مُڙس رام سان ٻيهر ملي ٿي.

تعارف[سنواريو]

سيتا رام، جنهن کي هندو ڀگوان مڃيندا آهن، ان جي زال مٿلا پوري (موجودهہ جنڪ پور واقع نيپال) جي راجا جنڪ جي ڌيءُ هُئي. رام چندر کي چوڏهن سال جو بن باس ڏنو ويو هيو ته رام چندر اهو قبوليو، تنهنڪري ان فيصلي ۾ رام جي زال سيتا پڻ سندس ساٿ ڏنو.

اغوا[سنواريو]

هڪ ڏينهن لنڪا جي راڪشس راجا، راوڻ انهيءَ جهنگ منجهان گُذرڻ ٿيو ۽ هن سيتا کي اغوا ڪري کڻي ويو. رام چندر ڀولڙن (باندرن) جي راجا سڪريو جي فوج جنهن جو سپهہ سالار هنومان هُيو، جنهن جي سهائتا سان لنڪا تي چڙهائي ڪيائين ۽ راوڻ کي ماري مات ڪيائين ۽ سيتا کي آزاد ڪرائي آندائين.

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]