لاکين جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ 9 هزار سال آڳاٽو شهر لاکين جو دڙو (Lakhueen-jo-daro) سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان تازو دريافت ٿيو آهي.[1] موهن جي دڙي جهڙو ئي سکر جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ هنڌ واري علائقي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻ، توڙي مقامي ماڻهن کي کوٽائي دوران هٿ آيل شين کان پوءِ لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شبعي جي تڏهو ڪي چيئرمين قاضي مختيار پاران سڀ کان پهريان ان سکر سائيٽ ايريا ۾ موجود لاکين جي دڙي تي کوٽائي وارو عمل سکر ۾ ڪيو، ائين لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي پاران لاکين جي دڙي جي 1988ع ۾ پهريون کوٺائي شروع ڪئي وئي ان کوٽائي مان لڌل شين مقامي ماڻهن جي ڳالهين کي اهميت ڏني ۽ پوءِ اهو معلوم ٿي ويو ته هي لاکين جو دڙو (In romanized Sindhi: Lakkhyun jo Darro)، موهن جي دڙي جي دور جو آهي ان بعد لاکين جي دڙو تي 1994ع فيڊرل آرڪيالاجي ۽ ميوزم شعبي جي ڊاڪٽر اشفاق جيڪو تازو رٽائرڊ ٿي ويو آهي ان پنهنجي ٽيم سان گڏ لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي ميڊم نيلوفر، پروفيسر غلام محي الدين سان گڏجي هڪ مهيني تائين لاکين جي دڙي جي کوٽائي ڪئي، ته اتان موهن جي دڙ ي مان مليل مهرون، تور ماپ جا وٽ، چاڪو مليا ۽ لاکين جي دڙي جي کوٽائي بعد نظر آيل تعمير جو آرڪيٽيڪچر موهن جي دڙي وار ومليو ۽ اوساري ۾ ڪتب آندل سرون به موهن جي دڙي جي کوٽائي به ڪتب آندل سرن جهڙيون مليون ۽ لاکين جي دڙي ۾ به موهن جي دڙي وانگر ناليون ڍڪيل مليون، هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي آهي.

ان کان پوءِ 1994ع 1996ع، 1998ع 2000ع ۾ 6 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ 2006ع ۾ لاکين جي دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي، جنهن بعد لطيف يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر ميڊم نيلوفر شيخ اها دعويٰ ڪئي هي ته لاکين جو دڙو موهن جي دڙي جي تهذيب رکندڙ ۽ ان جيترو ۽ اوائلي آهي، اهڙيون ڳالهيون منظر تي اچڻ کانپوءِ ۽ سنڌ جو وڏو وزير هن سائيٽ تي پهتو هيو، جنهن ميوزم ٺهرائڻ ۽ وڌيڪ کوٽائي ۽ تحقيق لاءِ 10 لک روپين جو اعلان ڪيو هو، وڏي وزير جي سائيٽ تي اچڻ ۽ اهڙي دلچسپي وٺن بعد بقول پروفيسر غلام محي الدين جي ته لطيف يونيورسٽي پاران لائين جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي لاءِ هڪ پرپوزل نما ان ڏانهن اماڻيو به وڏي وزير جي اعلان کي هڪ سال عرصي کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر اهي پيسا اڃان تائين رليز ٿي نه سگهيا آهن، نه ئي ميوزم ٺهي سگهيو آهي سنڌي قديم تهذيب جي اهڃاڻ هن لاکين جي دڙي جي سنڀار لاءِ نه ضلعي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت ايترو به نه ڪري سگهي آهي جو ٿيل کوٽائي جي سنڀار لاءِ ڪو هڪ چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي، اهڙي عدم دلچسپي سبب سائيٽ ايريا پاران لاکين جي دڙي واري ايراضي تي مشتمل ڏنل پلاٽ تي پلاٽ مالڪ پاران ڪارخانو ٺهرائڻ لاءِ بلڊنگ ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، هي ڪم تڏهن شروع ڪيو ويو جڏهن وفاقي حڪومت پاران ان لاکين جي دڙي کي قومي ورثو قرار ڏيندي ٻن مهينن جي لڳ ڀڳ عرصو گذري چڪو هو، ۽ ان حوالي سان لاکين جي دڙ ي کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آرڪائيز ايڪٽ تحت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو جنهن نوٽيفڪيشن ۾ سيريل نمبر 175 ، 176 ، 156 ، 163، 164 ۽ 208 ۾ پلاٽ نمبر 5 ، 7 ، 8، 9 10، 3 3 ۽ 34 لاکين جي دڙي ۾ قديم تهذيب وارا ڄاڻائيندي قومي ورثي ۾ شامل ڪيا ويا، اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ باوجود دڙي جي ٿيل کوٽائي واري هنڌ بلڊنگ ٺهڻ شروع ٿي ته ان علائقي جي يوسي ناظم پاران ضلعي ناظم کي اهڙي تعمير جو اطلاع فون تي توڙي لکت ۾ ڏنو ويو جنهن جو ضلعي ناظم پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو ، ۽ جڏهن اهو معامرو اخبارن ۾ آيو ته تڏهن وڏين ڪوششن بعد فلحال اهو تعمير جو ڪم عارضي بنيادن تي بند ٿي سگهيو آهي تعجب جي ڳالهه ته اها آهي جو لاکين جي دڙي واري هنڌ بلڊنگ تعمير ٿيڻ جون خبرون اچڻ باوجود وڏي وزير به ان تعمير جو نوٽيس نه ورتو جيڪو پاڻ سائيٽ تي اچي جائزو وٺي چڪو آهي ۽ انهي پاران هن سائيٽ جي بهتري لاءِ اعلان به ڪيا ويا، لاکين جي دڙي جي کوٽائي وارو ڪم ڪندڙ آرڪيالاجي شعبي جو پروفيسر غلام محي الدين جو چوڻ آهي ته لاکين جي دڙي واري سائيٽ موهن جي دڙي کان به ايراضي کان وڌي سگهي ٿي ڇو ته سايئٽ ايريا ڀر سان قائم قريشي ڳوٺ وٺ موجود دڙي جي جڏهن کوٽائي ڪئي وئي ته اتان به لاکين جي دڙي جي قديم تهذيب جا اهڃاڻ مليا آهن، قريشي ڳوٺ وٽان اگر کوٽائي ٿيندي ته لاکين جي دڙي جي ايراضي اتان کان شروع ٿي اولهه، اوڀر پاسن کان به لاکين جي دڙي جي تهذيب جا اهڃاڻ ملندا جن جي موجودگي جو اسان ابتدائي کوٽائي ڪري نشاندهي ڪري چڪا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته هي سائيٽ سنڌ جي تهذيبي ورثي واري سائيٽ آهي ان تي لڳاتار ڪم ٿيندو تڏهن هي سائيٽ موهن جي دڙي وانگر دنيا جي سياحن جو ڌيان ڇڪائي سگهندي، اگر دلچسپي نه ورتي وئي ته جيئن موهن جي دڙي جي ڪل ايراضي مان هن وقت تائين رڳو 6 1 سيڪڙو ايراضي جي کوٽائي ٿي سگهي آهي ائين هي سائيٽ به ابتدائي کوٽائي تائين ئي محدود ٿي ويندي جنهن سان سنڌ جي تاريخي ورثي کي ڳڻڻ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو، دنيا ۾ ته قومي ورثي کي بچائڻ ۽ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ تاريخي طور تي مهذب ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا خرچ ٿيندا رهن ٿا تاريخي ماڳن تي نت نئين تحقيق ٿئي ٿي ۽ انهن ماڳن کي ايترو ته خوبصورت بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جيئن اهي ماڳ دنيا جي نگاهن جو مرڪز ٿي سگهن جنهن ۾ ترقي يافته ملڪ اهڙي سوچ ۾ ڪامياب ٿيل آهن پر جڏهن اسان پنهنجي سنڌ جي ورثي ڏي نظر ڊوراڙيون ٿا ته اهي تاريخي ماڳ سرڪاري عدم دلچسپي، لاپرواهي ۽ بي ڌياني جي جيئري جاڳندي تصوير لڳن ٿا، نه رڳو ايترو پر ڪوٽڏجي جي قلعي مان 0 9 تاريخي توبون کڻي لاهور ميوزم ۾ رکيون وڃن ٿيون ۽ موهن جي دڙي مان هٿ آيل تاريخي ورثو چوري ٿي وڃي ٿو پر تڏهن به سرڪار ان سلسلي ۾ ڪا ڳڻڻ جوڳي دلچسپي نٿي وٺي توڙي جو اهي واقعا سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب کي ريٽڻ جي برابر آهن، لاکين جي دڙي جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي استادن پاران تحيقيق۽ کوٽائي ڪري ان مان موهن جي دڙي مان مليل تور ماپ جي وٽن جهيڙا تور ماپ جا وٽ توڙي ٻيا تهذيبي اهڃاڻ هٿ ڪيا آهن جن کي يونيورسٽي جي ميوزم ۾ رکيو ويو آهي ۽ ابتدائي طور تي انهن سايئٽ ايريا سکر جي ان سائيٽ جتي لاکين جو دڙو آهي کي قومي روثو ثابت ڪرائي ورتو آهي پر تنهن هوندي به سرڪار پاران دلچسپي نه وٺڻ واري معامري تي افسوس ڪري سگهجي ٿو، سرڪار کي لطيف يونيورسٽي ۾ کوٽائي بعد هٿ ڪيل لاکين جي دڙي جا مليل اهڃاڻ جيڪي يونيورسٽي ۾ رکيا ويا آهن، انهن اهڃاڻن کي دنيا جي سياحن توڙي ملڪي آرڪيالجسٽن کي ڏيکاري ان تهذيبي ورثي واري تاريخ رکندڙ لاکين جي دڙي جي کوٽائي واري ڪم کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.

تازو جنوري 2009ع ۾ ٿيل کوٽائي مان وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مهرڳڙهه جي زماني جو آهي. دنيا اندر ملندڙ سڀ کان قديم ٽن شهرن ۾ هيءُ شهر به شامل آهي. جڏهن ته هن کان اڳ هن دور جو هڪ شهر بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ فلسطين ۾ جريڪو (Jericho) شهر آهي. اهي ٻئي شهر به لاکين جي دڙي جا هم عصر آهن. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني ست هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قديم شهر آهي. هن وقت تائين دنيا اندر 12 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن عمر جو ڪوبه قديم ماڳ هٿ نه آيو آهي. هيءَ قديم ماڳ 9 تهن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺان 9 شهر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا وري ٻيهر اڏي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تهه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺين تهه جي آبادي پٿر دور سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته وچيون تهه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿين تهه جا آثار مشهور شهري تمدن موهن جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا پينٽ ٿيل مٽڪا، ڊزائن ٿيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائي دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. جڏهن ته هتان جي اهم دريافت شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هتان لکتن جا به نمونا مليا آهن. اهي لکتون تصويري رسم الخط ۾ آهن.[2] [3] [4] [5]

حوالا[سنواريو]

  1. Daily Dawn, Karachi, 13 January 2009
  2. روزاني ڪاوش، حيدرآباد، 14 جنوري 2009ع
  3. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  5. Lakhan-Jo-Daro - Wikipedia