برٽش ميوزيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برٽش ميوزيم يا برطانوي عجائب گھر لنڊن جو شمار دنيا جي چند اھم ترين عجائب گھرن ۾ ٿيندو آھي۔ ھي انساني ثقافت ۽ تاريخ تي آھي۔ هن عجائب گھر جي ابتدا 1753ء ۾ ٿي۔

ھن ۾ ڏسڻ وارن جي لاء 1 ڪروڙ 30 لکُ شيون آھن جيڪي پوري براعظمن مان اڍگڏ ڪيو ويو ن آھن۔

1846 ۾ ھن ميوزيم ۾ ڪتابن جي طباعت جي متعلق عھدي تي مشھور برطانوي شاعر ڪووينٽري پيٽ مور 19 سال جي عمر ۾ ملازمت حاصل ڪئي ۔[1]

تفصيل[سنواريو]

لنڊن ۾ ادب، سائنس ۽ آرٽ جي قديم شين (نوادرات) جو قومي عجائب گهر، جيڪو 1759ع ۾ پارليامينٽ جي قانون مطابق قائم ڪيو ويو. هن ۾ سر رابرٽ بروس ڪاٽن (Robert Bruce Cotton) ۽ سر هئنس سلون (Hans Slone) جي ڪتب خاني هارلين لائبرري، جارج ٻئي ۽ جارج ٽئين جا شاهي ڪتب خانا آهن. هتي مصري سنگ سياهه جي هڪڙي سِر (حجر روزيٽا) ۽ ايلگن ماربل پڻ رکيل آهن. سر ائنٿني پائيزي (Anthony Panizi) هن ڪتب خاني جي فهرست ڇاپڻ شروع ڪئي. ٻيءَ عالمي جنگ دوران هن ميوزيم جا ڪافي نوادارات ويلز ۾ هڪ ڪوئلي جي کاڻ ۾ حفاظت لاءِ رکيا ويا هئا. برٽش ميوزيم لائبرريءَ ۾ برطانيا مان شايع ٿيندڙ هر ڪتاب جا نسخا رکيا ويندا آهن. هن وقت هن ۾ لکين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. هن ميوزيم ۾ سنڌ جي نوادرات ۽ دستاويزن جو سٺو ذخيرو آهي.[2] ميوزيم روزانو 10:00 ايم کان 5:00 تائين کليل آهي.[3]

نگار خانو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:برٽش ميوزيم

حوالا[سنواريو]

  1. Coventry_Patmore
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  3. "The British Museum in London". حاصل ڪيل 22 April 2023.