صحافي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نالو صحافي
عرفيت اخبار جو عيوضي، رپورٽر، اينڪرز پرسن
پيشي جو قسم
صحافت
مصروفيت جو دائرو
نيوز چينل، ڊاڪيومينٽري، اخبارون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن
مھارت خبرون گڏ ڪرڻ، انٽرويو وٺڻ ، لکڻ پڙهڻ، تجزيو پيش ڪرڻ، تبصرو ڪرڻ
گھربل لياقت
ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري
هڪ عورت صحافي مائيڪ پڪڙي ڪيمرا جي سامهون بيٺل آهي۔

صحافي:(انگريزي: Journalist) : صحافتي لکڻين جي ليکڪ کي صحافي چيو ويندو آهي. صحافيءَ لاءِ اديب هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي. صحافيءَ لاءِ مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي. صحافيءَ کي صحافت جي زبان لکڻ گهرجي، اديب کي ادب جي زبان ۾ لکڻو آهي. [1] صحافي هڪ اهڙي شخص کي چيو ويندو آهي جيڪو مختلف خبرون آڻيندو آهي مختلف ٽي وي چينلن ۽ اخبارڻ جي لاء ۽ در در گھمي ڦري مختلف تازيون ترين خبرون ڏيندا آهن انهن جي هن ڪم کي صحافت چيو ويندو آهي۔2005 تائين ته پاڪستان هن شعبي ۾ ايترو اڳتي نه هيو پر هاڻي پاڪستان هن شعبي ۾ انتهائي ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه 30 کان وڌيڪ پاڪستان جا نيوز چینلز آهن۔هڪ صحافي معاشري ۾ بیداري پیدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو۽ هڪ خبر کي اتي پهچائي ٿو جتي شايد عام انسان جي لاء ناممڪن هجي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي