ماءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ماءُ ۽ ٻار

ماءُ ٻارن کي جنم ڏيندڙ ۽ ان جي پالنا ڪندڙ ماديءَ کي چيو ويندو آھي. ٻار دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش حاصل ڪندو آھي.

ماءُ جو پيار[سنواريو]

سڪم جي ھڪ ماء ٻار سان گڏ

ماء جو پيار انساني ايجاد ناھي پر ھڪ حيواني ورثو آهي ۽ اھو جبلن کان به جھونو آهي.جيئن ارتقا دوران انسان کان اڳ جن حيوانن جي ڀاڱي ۾ پٺيءَ ۾ ڪرنگھو آيو تيئن ماء جو پيار به سندن ڀاڱي ۾ آيو جيڪو ان دؤر جي نشاني آھي.اھو بلڪل ساڳي شئي آھي جيڪو پکين چوپاين ۾ موجود آهي. ڀولڙي جي ماء پنھنجي ٻچي کي انساني ماء جھڙو نفيس پيار ڪري ٿي.جڏھن ڀولڙي جو ڪو ٻچو مري وڃي ٿو تڏھن ھوء ان جو ننڍڙو مئل جسم ڏينھن جا ڏينھن کنيو پئي ھلندي آھي، کائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، ۽ گھڻو وقت ماٺ ئي ماٺ، ڏک ۾ ڀري ويٺي ھوندي آھي.پکين جون مائرون اڪثر پنھنجي ٻچن کي بچائيندي پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏينديون آهن. بلڪہ ايئن ئي رڇن، شينھن، واڳن ۽ ڪيترن ئي حيواني جنسن جون ماديون ڪنديون آهن. [1] ايئن ڀلا ڇو آھي تہ ننڍڙن جي بچاءَ جي ھي جبلت گھڻي قدر مادي جانورن ۾ رکيل آهي، جيڪي عام طرح سڀني حيواني جنسن ۾ ڪمزور ھونديون آھن. ڪرنگھي وارن جانورن ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ نر سدائين مادين کان سگھارا ھوندا آھن، ۽ جسماني طرح ھن بچاء جي ڪم لاءِ پنھنجين مادين کان وڌيڪَ مناسب ۽ لائق ھوندا آھن. قدرت طرفان ھي ڪم نر جانورنجي حوالي ڇو نہ ڪيو ويو آهي؟ ڇا، ھيء جبلت مادي جانورن جي سيني ۾ رکي، جيڪي ان جي پوري ڪرڻ لاءِ ايتريون سگھاريون ناھن،ڪٿي قدرت کان ڪا غلطي تہ ڪانہ ٿي آهي؟ عام طور تي چيو ويندو آهي ته انساني ماء پنھنجي ٻار کي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ ٻار ماء جي جسم جو ھڪ حصو آهي.پر اھا بلڪل صحيح ناهي. ماڻھن م ماء جو پيار پيء جي پيار کان پختو ان ساڳي سبب ڪري آھي جنھن سبب ڪري ھڪ پکي جي ٻچي جي ماء يا ڪنھن رڇ جي ٻچي جي ماء پنھنجي ٻچي کي ان جي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿي. ماء ۾ پنھنجي ٻچي لاءِ پيار جي ابتدا زندگي جي انساني شڪل ٺھڻ کان اڳ جي دؤر مان ٿيل آهي۽ حيوانن جي انساني جنس کي اھو اتان کان ورثي ۾ مليو آهي. اوائلي وحشي حالت ۾ جتان ھي ھي جبلت شروع ٿي ماء ئي ٻار جي ڄمڻ مھل موقعي تي موجود رھندي ھئي۽ ان ڪري ماء ئي ٿي سگھي پئي جنھن جي سيني ۾ اھا جبلت ڪارائتي ثابت ٿي سگهي[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 67}
  2. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 68}