ٺٽ سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٺٽ سولنگي (پراڻو نالو، ٺٺ ھوتچندتعلقو ڀريا ضلعو نوشھرو فيروز ۾ مرڪزي سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي. ٺٺ ھوتچند جي نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ آھي. ھن ڳوٺ جي ٻڌجڻ جي تاريخ ١٨ صديءََ آھي.[1]

ٺاروشاھ ۽ ٺٽ سولنگي وچ ۾ مفاصلو ٩ ڪلومٽر آھي.[2]

تاريخي پس منظر[سنواريو]

ٺٽ ڪنهن واھ يا درياء جي ڪپ واري ننڍڙي مياڻ، جتي مهاڻن جا ٿورڙا گهر آباد هوندا آھن ۽ اتي هو مڇي ماريندا ۽ وڪرو ڪندا آھن۔ان هنڌ تي پتڻ به هوندو آھي، اھڙي ماڳ کي ٺٽ سڏبو آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ ٺٽ جي نالي سان سڏبا آھن جهڙوڪ ٺٽ ولي محمد، ٺٽ مالهڻو، ٺٽ ڳوراهو،ٺٽ ڀوڄراڄ ۽ ٺٽ ھوتچند وغيره نمايان آھن۔ ٺٽ کان وڏي ٺٽي ٿيندي آھي.

پراڻي نوابشاھ ضلعي مان جڏهن درياھ رخ مٽايو تڏهن تعلقي نوشھري(هاڻوڪي ضلعي) ۾ ٺٽ نالي سان ٽي وسنديون آباد هيون۔ ٺٽ ھوتچند، ٺٽ دليپوٽا ۽ ٺٽ ڳوراهو۔ ٺٽ هوتچند ۽ ٺٽ دليپوٽا جا هندو”بهراڻا“ کڻي درياھ تي ايندا هئا۔ هندوستان جي نوجوان سنڌي شاعر لتا ٽھلاڻيء جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا هئا۔

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غلام حيدر مهجور ڳوٺاڻن جي مڪمل صلاح سان هن ڳوٺ جو نالو ٺٺ ھوتچند منجھان مٽائي ٺٽ سولنگي رکيو ۽ هن ڳوٺ کي قانوني طور تي رجسٽرڊ ڪرايو۔ تقريبن ٢ هزار ماڻھن تي مشتمل هن ڳوٺ جي پکيڙ ٢٧ ايڪڙ آھي[حوالو گھربل]

ھوتچند جنھن جي نالي سان ٺٺ هوتچند ڳوٺ آھي، اھو انڊين نيشنل ڪانگريس جو سرگرم رڪن ۽ سنڌي لوڪ سڀا (سنڌ اسمبليءََ) جو ميمبر پڻ ھيو۔


١٩٢٢ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ٺاروشاه شھر واري هري پور اسٽيشن تي ترسيو ته سندس استقبال ڪرڻ وارو هوتچند هيو.[3]

پاڪستان ٺھڻ وقت هن شھر تي هڪ وڏو ڌاڙو لڳو۔۽ سڄو شھر آسپاس جي ڦورو مسلمانن تباه ڪري ڇڏيو۔ريلوي اسٽيشن جو پڻ نالو پڻ تبديل ڪري دليپوٽا ريلوي اسٽيشن رکيو ويو[حوالو گھربل]

تباه ٿيڻ کان پوء ٢٧ ستاويهن ايڪڙن تي مشتمل هن ڳوٺ تي آسپاس جي زميندارن وچ تي هڪ وڏي طاقت جي ڇڪتاڻ شروع ٿي۔جنهن ھڪ زميندار جي موت تي دنگ ڪيو.

ٺٺ ھوتچند ڳوٺ جا معروف ماڻھو[سنواريو]

  • سڀئي ٺٽائي ڏاڏي ڏاتر ڏني ماڇيء کي پنهنجو ڏاڏو تسليم ڪندا آھن۔ڇاڪاڻ ته اصولي طور تي ٺٽ جي زمين تي پهريون پير رکڻ وارو سولنگي اهو ئي ڏاڏو ڏاتر ڏنو هيو۔جيڪو انگريزن جي دور جو مشھور باغي ۽ بهادر انسان هو،جنهن ڪيترن ڏهاڪن تائين انگريز سرڪار جو ننڊون حرام رکيون۔

هوتچند جيئن ته ان وقت جو امير ترين زميندار هو تنهنڪري کيس آسپاس جي مسلمانن جون ڌمڪيون اينديون رهنديون هيون ڇاڪاڻ ته علھدگيء جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي ۽ انگريز سرڪار پنهنجا ٽپڙ هند سنڌ ما ويڙھي رهي هئي۔انڪري پنهنجي حفاظت لاء ھوتچند ڏاڏي ڏاتر ڏني کي ڳولي لڌو،جنهن جي بهادريء جي هاڪ هن جي ڪنن تائين پهتي هوندي۔

  • مشھور ڏور بيت جو ماهر سگهڙ ،هڏن جوڙڻ جو ماهر ٻاڌو ۽ پيري غلام محمد سولنگي هن ڳوٺ جو هيو۔جنهن حيدرآباد جي نارا جيل ۾ انگريزن جي دور جي پنجاب جي مشھور ڌاڙيل چراغ باليء کي پٽيون پڙھايون۔
  • مشھور سوشلسٽ صحافي،دانشور ۽ سماجي خدمتگار سائين محمد خان سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو،جنهن ضياء جي آمريت واري دور ۾ ڪامريڊ نذير عباسي،فاضل راهو ۽ ٻين ڪميونسٽ ساٿين سان ٽارچر سيلن جون سختيون سٺيون پر پنهنجي لڪش تان نه ڀٽڪيو۔
  • پيپلز پارٽي جو اڳوڻو کاهوڙي ۽ ڪامريڊ ۽ سنڌ پنجاب جو مشھور فروٽن جو واپاري مسڪينن جو هڏ ڏوکي سيٺ دادن سولنگي به هن ڳوٺ ڄائو هو۔جنهن جي باري ۾ اڃا تائين به ماڻھو چوندا آھن ته دادن ڪير سڏائي۔
  • مشهور گيت منهن ڇپرن لوڙھن ۽ گهر گهر ۾ گوليون ۽ سچ وڏو ڏوهاري آھي سلسلي جو خالق صحافي ،شاعر ،دانشور ۽ تجزيي نگار منظور سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو۔
  • اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر،صحافي ۽ سگهڙ ۽ لاڙ جي لال جو لقب ماڻيندڙ درمحمد ڪمال پڻ ھن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو۔
  • تاريخدان،شاعر،صحافي ،سنگيتڪار،رٽايرڊ استاد ۽ اڳوڻو سياستدان غلام حيدر مهجور  سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو۔
  • جڳ مشهور سنڌي راڳي ماستر چندر جي وڏي ڀيڻ جو گهر پڻ ھن ڳوٺ ۾ هيو، مقامي ماڻھن موجب ماستر چندر جو ٻالڪپڻ به هن ئي ڳوٺ ۾ رانديون رهائيندي گذريو۔بعد ۾ هو پنهنجي ماء پيء سا گڏ ٺاروشاھ لڏي ويو۔
  • مشھور سنڌي اديب گوبند مالهيءََ جو ڳانڍاپو پڻ ھن ڳوٺ سان هيو ڇاڪاڻ ته سندس رشتيدار هن ڳوٺ ۾ رهيا ٿي.
  • هندوستان جي نوجوان شاعر لتا ٽھلاڻيء جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا رهاڪو هئا۔

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب  ”منهنجي ٺٽ منهنجو ٺٺ“ ليکڪ گلبهار پپن سولنگي
  2. ڪتاب ”ٺاروشاھ ٩ ڪلوميٽر“ ليکڪ پروفيسر علي رضا قاضي
  3. “ڪتاب، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ