علي رضا سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علي رضا سولنگي( ڄم, 1982) ڳوٺ ٺٽ سولنگيءَ سان ناتو رکندڙ هڪ سنڌي ڊائريڪٽر اداڪار, اسڪرپٽ رائيٽر, ڪمپيئر, باڪسنگ کيڏاري ۽ ڪوچ, سماجي ورڪر ۽ سياستدان آھي, جو سنڌي, اردو ۽ پنجابي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ميراث ۽ فاصلون ڪي درميان سنڌي ۽ اردو چينلن تي آن ايئر ٿي چڪا آھن. جڏهن تہ سندس ڪيتريون ئي سنڌي فلمون رليز ٿيل آھن, جنهن مان هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم سر انجام ڏنو آھي. رضا پنهنجي تڪ تي آزاد اميدوار جي طور تي يوسي چيئرمين ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ چونڊ پڻ وڙھي چڪو آھي.[1]

علي رضا سولنگي
پيدائش نوشھروفيروز, سنڌ ، پاڪستان
ڌنڌو اداڪار, باڪسنگ ڪوچ,سماجي ورڪر
صنف فلم, ڊراما, اسٽيج
مُکيه ڪم نگهبان, شير سنڌ, ميراث, فاصلون ڪي درميان

ابتدائي عمر ۽ سکيا[سنواريو]

رضا جي پيدائش مئي 1982ع تي جمال الدين سولنگي جي گهر ۾ ڳوٺ سکيو سولنگي ۾ ٿي. جتان ننڍپڻ ۾ ٺٽ سولنگي لڏي آيو, جتان ابتدائي سکيا پرايائين. رضا ايترو وڏو ڊگري ھولڊر ناھي پر زندگيء جي مڙني شعبن ۾ مڃتا ماڻيندڙ ھڪ تخليقي ذھن جو مالڪ ثابت ٿيو آھي. مئٽرڪ غلام محمد پنھور ھاء اسڪول مان پاس ڪري سرڪاري جاب کي ترجيع ڏنائين. سرڪاري جاب دوران ئي هن پهريائين حيدرآباد منجهان فقير محمد بلوچ کان باڪسنگ جي سکيا ورتي جيڪو پاڪستان ڪلر هولڊر هيو. ان کان پوء ايشين ڪلر هولڊر محبوب پٺاڻ کان ڪوئٽہ منجھان باڪسنگ جي وڌيڪ سکيا ورتائين ۽ فني ڪيريئر پڻ جاري رکيائين. رضا باقائده طور فني ڪيريئر جي ابتدا 2000ع دوران ڪئي.

فني ڪيريئر[سنواريو]

رضا باقائده طور فني ڪيريئر جي ابتدا 2000ع دوران ڪئي. ان دوران هن لاهور, بهاولپور, آزاد ڪشمير, راولپنڊي ۽ جهلم جهڙن وڏن شھرن ۾ اداڪاريء جا جوهر ڏيکاريندو پئي آيو آھي. ۽ سنڌي, اردو توڙي پنجابي فلمن, ڊرامن ۽ اسٽيج شوز ۾ ننڍا وڏا ڪردار نڀائيندو پئي آيو آهي. کيس ڪردار ۾ گهڙي ڪري خوبصورتيء سان نڀائڻ جو فطرتي ڏانءُ آھي. جنهن ڪري کيس ماڻھو نالي سان گهٽ ڪردار سان وڌيڪ سڃاڻندا آھن. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ھيرو, ولن, سائيڊ, بزرگ توڙي مسخري جو ڪردار پئي نڀايو آھي.

نمايان ڪم[سنواريو]

سندس نمايان فلمن ۾ ٽٽل زنجير, بدلي جي باھ, نگهبان, سنڌباد, شير سنڌ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شامل آھن. جڏهن تہ ڊرامن ۾ ميراث(سنڌي) ۽ فاصلون ڪي درميان(اردو) سنڌي ۽ اردو چينلن تان آن ايئر ٿي چڪا آھن.

سياسي زندگي[سنواريو]

علي رضا سماج سڌاري جي ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو پئي رهندو آيو آھي. سندس چواڻي تہ خدمت سندس اولين ترجيع رهي آھي. 2022ع جي بلدياتي چونڊن ۾ يوسي سطح تي چيئرمين جي چونڊ لاء آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ھن يارهن سؤ ووٽ کنيا پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

هو چئن ڀائرن ۾ وڏو آھي ۽ چئن پٽن جو پيءُ پڻ آھي. هو هڪ خوش مزاج ماڻھو آھي ۽ پنهنجي گهرجا ڪم ڪار ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاءِ هو برياني ۽ ٻوڙ پاڻ رڌيندو آھي. کيس سنگيت سان گهڻو چاھ آھي. اداڪارن ۾ کيس نصير الدين شاھ, پاريش راول, جم ڪيري, مصطفي قريشي, محمد علي, شاهد, گلاب چانڊيو, منصور بلوچ, صلاح الدين تنيو, فريد نواز ۽ انور سولنگي پسند آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. "فلم “مولا جٽ” ۾ سنڌي نوجوان نامور اياز اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هيرو جي دوست جا فرض نڀايا". وائيس آف سنڌ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-03-25.