کوٽائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مشين ذريعي کوٽائي


کوٽائي(Excavation)

عمارتي بنياد جي کوٽائي[سنواريو]

عمارت جي بنياد لاءِ چرين جي ڊيگھ، ويڪر ۽ اوچائي، نقشي جي نشاندھيءَ (Layout)، مٽيءَ ۽ زمين جي قسم تي دارومدار رکي ٿي. ڇاڪاڻ تھ مختلف قسم جي زمين جي برداشت جي قوت مختلف ٿئي ٿي. انھن ڳالھين جي مدنظر ڊزائن ڪرڻ بعد، نقشن جي تياري مڪمل ڪري اھي نقشا سر زمين تي ڪم ھلائڻ لاءِ، ٺيڪيدار ۽ واسطيدار عملي کي مھيا ڪيا ويندا آھن.

  1. جن جو سائيٽ (Site) يعني سر زمين تي موجود ھئڻ ھميشه ضروري سمجھيو ويندو آھي. تاھم، کوٽائيءَ بابت خاص طور سرڪاري ڪمن واسطي ھيٺين ڳالھين جو خيال رکڻ ضروري آھي.
  2. بنيادي چريون (Foundation trenches) نقشي ۾ ڄاڻايل ماپ مطابق ھئڻ گھرجن. چرين جا پاسا، جيڪڏھن زمين اجازت ڏئي، مطلب تھ زمين ڪشادي ھجي تھ ڪوشش ڪري عمودي رکجن نھ تھ ٻيءَ صورت ۾ انھن کي گھربل لاھاندي (Slope) ڏجي پر جيڪڏھن لاھاندي ڏيڻ سان بھ مٽي نھ بيھي ۽ ڪري پوي تھ تختا ڏجن. کوٽيل مٽيءَ کي کڏن جي پاسن کان گھٽ ۾ گھٽ ٻھ فوٽ (2 Ft) پري اڇلجي.
  3. جيڪڏھن ڪو ٺيڪيدار پنھنجي مرضيءَ سان سندس سھوليت خاطر، نقشي ۾ ڏيکاريل ڊيگھھ، ويڪر ۽ اوچائيءَ کان وڌيڪ چريون (Trenches) کوٽي تھ انھيءَ کي پنھنجي خرچ تي، وڌيل مقدار ڀرڻو آھي ۽ کيس کوٽائيءَ جي ماپ نقشي مطابق ڏيڻي آھي.
  4. بنيادي چرين (Foundation Trenches) جو ترو پاڻيءَ جي ھلڪي ڇڻڪار بعد ڌمڪ سان دٻائي پختو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ تمام نرم زمين جا حصا ھجن، جي ڌمڪ جي ھڻڻ سان بھ نھ دٻجي سگھن تھ نگھبان ڄاڻو ماڻھوءَ جھڙوڪ ڄاڻو مالڪ، انجنيئر يا اسسٽنٽ انجنيئر وغيره جي مشوري مطابق انھن کي گھربل مال (Material) سان پختو ۽ مضبوط ڪرائجي. ھن طريقي کي سوائل اسٽيبلائيزيشن (Soil Stabilization) سڏجي ٿو.
  5. اگر نقشي ۾ ڄاڻايل گھرائيءَ تائين کڏون کوٽائڻ دوران پاڻي نڪري اچي تھ انھيءَ جو اطلاع ذميوار انجنيئر يا اسسٽنٽ انجنيئر کي ڏجي ۽ بنياد جي ڪانڪريٽ يا روڙي (Concrete) وجھڻ کان اڳ ان پاڻيءَ کي پمپن (pumps) ذريعي ڪڍرائڻ تمام ضروري آھي.
  6. بنيادن جي کوٽائي پوري ٿيڻ بعد متعلقھ اسسٽنٽ انجنيئر يا انجنيئر کي اطلاع ڏجي جيئن سموري کوٽائي چڱيءَ طرح جانچي ڏسن جيڪڏھن بنياد جي ڊيگھھ ۽ ويڪر ۾ ڪا خامي ھوندي تھ انھيءَ جو اثر سموري عمارت تي پوندو. انھيءَ سبب ڪري بنياد جي کوٽائيءَ جي چڱي طرح جانچ پڙتال ڪرڻ بعد ذميوار انجنيئر جي ھدايت تي ٻئي ڪم لاءِ اڳتي وڌجي. مٽيءَ جي کوٽائيءَ جي ماپ ڪعب فوٽن يا ڪعب ميٽرن ۾ ڪئي ويندي آھي. پاسن جي سلاميءَ (جيڪڏھن انجنيئر طرفان ڪو خاص آرڊر يا حڪم نھ ڏنو وڃي) جي ماپ نھ ڏني وڃي، قيمت (Rate) جي اندر 5 فوٽن جي اڇل (5 Ft. lift) ۽ 1000 فوٽن جو مفاصلو (100 Ft. Lead) شامل آھن.
  7. کوٽيل چرين يا کاھين (Trenches) اندر ڪيل اوساري يا ٻئي ڪم جھڙوڪ، سيمينٽ ڪانڪريٽ وغيره، جي ٻنھي پاسن ۾ رھيل خالن کي ٺيڪيدار کي پنھنجي خرچ تي وڌيڪ کوٽيل فالتو مٽيءَ (Surplus Earth) سان ڀرڻو ۽ ڌمڪ سان ان کي مضبوط ڪرڻو آھي. انھيءَ لاءِ ڪابھ عليحده ادائگي يا اجورو (Payment) نھ ڏيڻو آھي.
  8. مٿي ڄاڻايل ڀرائي الڳ الڳ 6 انچن جي تھن جي صورت ۾ ۽ ھر ھڪ تھھ کي پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ جي زور سان چڱيءَ طرح ڄمائي مضبوط ڪرڻ گھرجي.
  9. کوٽيل چرين مان نڪتل زيادھھ مٽي جيڪڏھن فرش ھيٺان استعمال ڪرڻ جي لائق ھجي تھ انھيءَ کي پڻ ڇھن ڇھن انچن جي تھن جي صورت ۾ پکيڙي پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ جي زور سان چڱيءَ طرح ڄمائي گھربل ليول تائين ڀرجي. جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال نھ ڪبو تھ فرش تيار ٿيڻ بعد اھا ڍري ۽ ابورکي مٽي (Loose Earth) ٽائيم گذرڻ سان آھستي آھستي وھڻ لڳندي جنھن جي نتيجي ۾ سمورا ٺھيل فرش پڻ جھڪڻ لڳندا جنھن سبب فرش تي ڪيل سمورو ڪم ۽ خرچ بيڪار ويندو.
  10. چرين مان نڪتل موزون ۽ زياده مٽي فرشن ھيٺان ڀرڻ بعد جيڪڏھن اڃان بھ وڌيڪ ڀرائيءَ جي ضرورت پوي تھ اھو ڀراءُ واريءَ (Pit sand or River sand) سان ڪيو وڃي ۽ خاص طرح سان ڪلراٺي مٽيءَ جي ڀراءَ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تھ عمارت ۽ ھر ڪنھن تعمير لاءِ ڪلر ڪينسر جي مرض وانگر آھي.
  11. سرڪاري ڪمن واسطي کوٽائيءَ دوران جيڪڏھن ڪنھن بھ قسم جا سڪا، سون، چاندي، قديم زماني جا يادگار، آڳاٽا نقش، عجائبات ۽ خزانا وغيره نڪرن تھ اھا حڪومت جي ملڪيت آھي ۽ حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو