در محمد ڪمال سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور صحافي در محمد ڪمال ولد حاجي محمد عيسيٰ سولنگي، 8جولاءِ 1947ع تي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ، تعلقي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.

اوائلي تعليم[سنواريو]

ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، مئٽرڪ 1962ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان ڪيائين. بي اي 1972ع ۾ ڪيائين ۽ ايل. ايل. بي 1974ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد مان بي. يو. ايم. ايس جو سرٽيفڪيٽ 1969ع ۾ ورتائين، جنهن ۾ هن اولھ پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن ماڻي.

ملازمت ۽ صحافت[سنواريو]

در محمد ڪمال ملازمت جو آغاز 1963ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ حيدرآباد مان ڪيو. نورالدين مڊل اسڪول حيدرآباد جو هيڊ ماستر به ٿيو. ساڳئي عرصي ۾ صحافت جو آغاز ڪندي ’نواءِ سنڌ‘ اخبار سان وابسته رهيو. بعد ۾ ’الوحيد‘ جي ٻئي دؤر ۾ اخبار جو سبايڊيٽر ٿيو. 1974ع ۾ ’آفتاب‘ اخبار جو پهريون پرچو به هن ئي ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران ’اديون‘ رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. سيد سردار علي شاهه جي صدارت ۾ نڪرندڙ اخبار روزاني ’مهراڻ‘ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ روزاني ’خادم وطن‘ ۾ به ڪم ڪيائين. 1974ع ۾ روزاني ’عبرت‘ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. اپريل 1976ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو. 1979ع ۾ جڏهن مولانا وسيع مظهر ندوي حيدرآباد جو ميئر هو، تڏهن هي ڊيپوٽيشن تي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پي. آر. او مقرر ڪيو ويو. 1979ع ۾ واپس اطلاعات کاتي ۾ آيو. 1981ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين ۾ پي.آر. او مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران لاڙ بابت تحقيقي مضمونن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ’لاڙ جو لعل‘ اوارڊ حاصل ڪيائين. اهو مقابلو سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران شيخ محمد سومار جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفرميشن بدين مقرر ٿيو. 1989ع ۾ ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد جي اضافي چارج کيس ملي. 1990ع ۾ باقاعدي کيس انفرميشن حيدرآباد جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1995ع ۾ کيس انفرميشن آفيس ميرپور خاص بدلي ڪيو ويو. 1997ع ۾ ٻيهر حيدرآباد ۾ انفرميشن ڊائريڪٽر جو عهدو سنڀاليائين. 2001ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ جو پريس سيڪريٽري رهيو. 2003ع ۾ ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. ان کانپوءِ حيدرآباد بدلي ٿي آيو. 2007ع ۾ رٽائرمنٽ ورتائين.

ادبي خدمتون[سنواريو]

در محمد ڪمال ڪيتري عرصي کان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي تي به ڪم ڪري رهيو آهي. سندس لوڪ ادب سان خاص دلچسپي رهي آهي. هن جي ئي ڪوششن سان شاهه لطيف جي سالياني عرس تي 1995ع کان سگھڙن جي ڪچهريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. هن ’پنهنجو گهر‘ جي نالي سان ميوزم به ٺاهيو، جنهن ۾ گھريلو استعمال ۽ ثقافتي پس منظر جا سوين ائٽم موجود هئا. بعد ۾ اهو سمورو سامان سنڌ ميوزيم حيدرآباد کي ڏنائين. در محمد ڪمال ’سنڌي لوڪ ادب تنظيم‘ (سلات) جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيتريون سگهڙ ڪچهريون ڪرائي چڪو آهي ۽ سندس خدمتن جو اهو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي لکيل سندس لاتعداد مضمون روزاني عبرت، آفتاب ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل آهن، جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. هن 1983ع ۾ ’سولنگي تاريخ‘ نالي ڪتاب لکيو. ان کانسواءِ وٽس مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنل آهن.

موت[سنواريو]

در محمد ڪمال 27 فيبروري 2017ع تي ڳوٺ ٺٽ سولنگيءَ ۾ وفات ڪئي.