ڀرائي ستي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀرائي ستي 16 صديءَ جي هڪ ناري گوريلا ڪردار آھي، جيڪا مغلن جي فوج سان جهڙپن ۾ قتل ٿي. تمام گهٽ معلومات جي آڌار تي هن جي نالي پٺيان هڪ ڦٽل شهر ڀرائيءَ جو دڙو منسوب ٿيل آھي. جيئن تَ هن دڙي جي اڃا کوٽائي ناهي ٿي تنهنڪري ڀرائي بابت بِ تمام گھٽ ڄاڻ پلئه پوي ٿي. ڪجهه محققن جي اها راءِ آھي تَ اها سهتا ذات جي ڪا ناري هئي جا هڪ مغل جنگي دستي سان پنهنجي ويڙھي جي ماڻھن جو بچاءُ ڪندي ماري وئي.[1]

پسمنظر[سنواريو]

سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي شروعاتي دور يعني سورهين صدي جي پڇاڙي ۾ سڄي سنڌ جيان هتان جي مقامي ماڻهن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. ساهتي پرڳڻي ۾ اها مزاحمت جيڪا بعد ۾ گوريلا جنگ ۾ تبديل ٿي وئي ان جا تاريخ ۾ ٻه مکيه ڪردار ملن ٿا. جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به هئا. هڪ ڄام عبدالحئي مڱڻيجو (سهتو) جنهن کي ڄام هَيو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جي جاگير هڱورجا ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي آس پاس هئي. ٻيو دائودپور جو ڄام محمد سهتو (مڱڻيجو) جيڪو ڊڀري پرڳڻي جو نواب هو ۽ هن جو گاديءَ جو هنڌ دائود پور موجوده سخي دائود واهي کان اتر طرف مٿي هڪ ڀڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. مغلن ڄام هيي کي اغوا ڪرڻ بعد ماري هن جو لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ اها ڳالهه پروپئگينڊا جي صورت پکيڙي ته هو انتهائي ظالم هو، انڪري هن کي ملائڪ ماري لاش آسمان ڏانهن کڻي ويا. جڏهن ته ڄام محمد مغلن سان هڪ جهڙپ جي نتيجي ۾ مارجي ويو. ڄام محمد کانپوءِ هن جي ستن ڌيئرن گوريلا جنگ جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي. انهن مان ستين ڀرائي هئي. ساهتيءَ جي اها عظيم عورت ٺارو شاهه کان ٻاهر مغلن مٿان ٿيل هڪ راتاهي ۾ قتل ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جي ساٿين ان جي قبر ان دڙي تي ٺاهي. ايئن دڙي جو نالو ڀرائي جو دڙو پئجي ويو. ٻي اسٿاني روايت موجب مغلن جڏهن ڄام محمد جي گهر تي حملو ڪيو ۽ انهي ۾ گهر جا سڀ مرد مارجي وڃن ٿا ته اتي موجود عورتن آسمان ڏانهن منهن ڪري پنهنجي عزت محفوظ رکڻ لاءِ دعا گهري. جيڪا اگهاڻي انهي جڳهه تي زمين ڦاٽي پئي ڪجهه بيبيون ته انهي ۾ هليون ويون، جتي هاڻي ستين جو آستان آهي. جڏهن ته ڪن کي قدرت طرفان اڏامڻ لاءِ پر ملي ويا. جن مان ٻه عورتون بيبي سون ۽ ساران دليپوٽا کان نوشهروفيروز ويندڙ رستي تي ڳوٺ حاجي بيگ محمد پنهور جي ڀرسان لٿيون، انهن جو مدفن به اتي ئي آهي. اڄ به اهو مقام سون سارا جو قبرستان سڏجي ٿو. جڏهن ته ٻي بيبي جنهن جو نالو ڀرائي هو، اها ٺاروشاهه ڀرسان انهي دڙي تي لٿي جنهن جڳهه تي بعد ۾ هن جي قبر ٺهي آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-11-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-02-08