ڏکڻ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
قطب نما. جنهن ۾ ڏکڻ جو طرف واضع ٿيل آهي.

ڏکڻ اسانجي زمين تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي جيڪو اتر جي پويان واقع آهي نقشن ۾ هن جي جڳه هيٺ جي طرف آهي. قطب نما  کي 0 ڊگري تي طي ڪرڻ سان ڪنهن جڳه تي ڏکڻ جي طرف جو تعين آساني سان ڪري اگهجي ٿو.

ڏکڻ لفظ جو نُکُ يا بنياد[سنواريو]

سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“ (Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي. ”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، بانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ ڏکڻ جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهر سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن. [1]

ڏکڻ جو اصطلاح[سنواريو]

هي اصطلاح ڏکڻ آمريڪا جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکندي سامهون آندو ويو. ”سائوٿ“ واري علائقي ۾ ڏکڻ آمريڪا جا اهم ملڪ برازيل ۽ ارجنٽائن وغيره شامل آهن. جيتوڻيڪ بين الاقوامي معاملن بابت تيار ڪيل پهرين ”برانڊت رپورت“ ۾ ”سائوٿ“ جو هم معنيٰ لفظ ”ترقي پذير ۽ غريب“ ملڪن جي لاءِ سڃاڻپ طور استعمال ڪيو ويو. علاقائي سياست جي حوالي کان، گڏيل آمريڪا (يُو-ايس) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪي فاصلا رهيا آهن، انهن کي ڀرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ورتيون ويون آهن، پر ٻنهي خطن ۾ ٻولياتي ۽ ثقافتي فرق هجڻ ڪري، اڄ تائين منجهن گهڻي ڇڪتاڻ رهي آهي. صل ۾ اتر آمريڪا جون معاشي ۽ سياسي پاليسيون به ٻنهي علائقن جي وچ ۾ سهڪاري ماحول جي قيام ۾ روڪ جو سبب بڻيون آهن. علم سياست جي ماهرن، هن علائقي بابت تجزيا ڪندي 1988ع ۾ ”سائوٿ“ تي تنقيد ڪئي. خاص طور تي ٻن محققن گِل“ ۽ ”لا“ سائوٿ جي علائقي کي تڪراري پٽي قرار ڏنو. ”سائوٿ“، ٽين دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ ڪجهه حوالن تحت کانئن مختلف آهي. مثال طور: ”سائوٿ“ جي علائقي ۾ وسندڙ ملڪن کي ڪن به عالمي معاملن تي جلد قائل ڪرڻ ۽ قانونن تحت پابند ڪرڻ ڏکيو عمل آهي. هن علائقي ۾ گهڻا ملڪ تمام گهڻي غربت واري حالت ۾ آهن ۽ گهڻا ملڪ ترقيءَ لاءِ ٻين ملڪن جي سهڪار جا به گهرجائو آهن، پر اهي پنهنجن خاص معاشرتي ۽ ثقافتي نظرين جي معاملن ۾ سخت آهن. هن خطي جا ڪافي ملڪ ڏڪار جي حالت ۾ پڻ آهن. هيٽي (Haiti) ۾ آيل زلزلو ۽ ٻين مصبتن هن خطي جي ملڪن کي ”چوٿين دنيا جي ملڪن“ جي قطار ۾ بيهڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ڪميونزم ۽ ”سرد جنگ“ دوران ”سائوٿ“ جو ”نارٿ“ آمريڪا طرف اختيار ڪيل سخت رويو پڻ علائقي جي ملڪن لاءِ معاشي طور ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلات جي لحاظ کان خراب ثابت ٿيو ، نتيجي ۾ اهي ملڪ ترقيءَ جي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا. ان کان سواءِ وڏي وقت کان هن خطي کي بدعنواني، ڏوهه ۽ ڪمزور سياسي قيادت جو گهيرو ڪيل آهي، جنهن ڪري انهن ملڪن جي حڪمراني ۽ ساک تي تمام برا اثر پيل آهن. انهيءَ ڪوتاهيءَ کي نظر ۾ رکندي، سائوٿ جي ملڪن آهستي آهستي ڪرپشن جي خاتمي ۽ جهموريت جي قيام لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ سان گڏ، اتر آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون آهن. جنهن کانپوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾ اميد ڪئي وڃي ٿي ته ”سائوٿ“ جي خطي ۾ موجود ملڪن جي سياسي ۽ معاشي حالت بهتر ٿيندي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو ۽ سنڌسلامت
  2. [South سنڌي آنلائين ڊڪشنري] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد