امير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد عالم خان، امير بخارا

امير (Emir) (عربي: أمير; نسائي: أميرة) مسلم دنيا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي اعليٰ دفتري لقب آهي جيڪو عموماََْ امارت جي سربراهه جي لاء استعمال ڪيو ويندو آهي۔

عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سپهه سالار، حاڪم ۽ فرمانروا جي مفهوم ۾ ڪم آيل آهي. قرآن شريف ۾ ”-اولي الامر-“ جي -ترڪيب- موجود آهي، ليڪن حديث ۾ اهو لفظ گهڻيئي ڀيرا آيو آهي، ۽ اهو اصطلاح بنيادي طور اسلامي آهي. اجتماع جي تعلق سان روايتن ۾ لفظ ”-امير-“، امت اسلاميه جي سربراهه اعليٰ جي معنيٰ ۾ آيو آهي. خلافت مديني دوران فوج جي سالارن کي به ”-امير-“ چيو ويندو هو. بنو اُميه جي دور ۾ اميرن کي عموماً انتظامي ۽ مالي، مڪمل اختيار مليل هئا. اُهي نماز ۾ امامت ڪندا هئا، عدالت ڪندا هئا ۽ معاهدن جي نگراني به ڪندا هئا. عباسين، انتظامي امور ۾، بنو اُميه جي روايتن تي عمل -جاري- رکيو. -امير- حڪومت جي نظام ۾ اهم حيثيت جو مالڪ هو، ليڪن چوٿين صدي هجريءَ ۽ -ان- کانپوءِ آهستي آهستي فوجي حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون، جنهنڪري امن امان ۽ ٻين اهڙن معاملن ۾ -امير- جي بدران بادشاهه/ حاڪم مسئلن ۽ معاملن جو مرڪز بنجي ويو. سنڌ جي -ٽالپر- حڪمرانن کي پڻ ’-امير-‘ سڏيو ويندو هو. جيڪو لفظ پوءِ ڦري ’مير‘ ٿيو.[1]

اسلامي لقب[سنواريو]

حوالا[سنواريو]