مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

سگھڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سگهڙ (Bard) سٺو گهڙيندڙ يعني سٺا بيت چوندڙ شاعر کي چيو وڃي ٿو. سگهڙ ۽ شاعر ۾ ٿورو فرق ھوندو اھي. سگهڙ، لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان، پنھجي وجود ۽ وجود سان لاکاپيل سموري ادارڪ جي وجداني سطحن تي اظھار ڪندو اھي ۽ اھڙو اظھار مڪاني سطح تي ادبي ڪارج پورو ڪندو اھي ۽ شعر ۽ ادب جي مک وھڪري کان ھٽي بہ، مڪاني نوعيت جي هڪري واٽن کي متاثر ڪري پنھنجو مقام، عام ماڻهوءَ کان گهڻي قدر مختلف رکڻ جي جاکوڙ ڪندو آھي. شاعر جو رتبو، سگهڙ کان انڪري بہ مٿڀرو ۽ مختلف آھي، جو ھن شروع ۾ سگهڙائپ واريون منزلون اڪريون آھن ۽ پنھنجي ادارڪ سان، جيڪو ھن ٻھراڙيءَ جي سونھن، رنگن ۽ ٻولن مان پرايو، انھن کي ٻھراڙين جي سطح کان مٿي کڻي، انھيءَ اھم ۽ وڏي گس تي اندو، جيڪو گس، عالمگير سطح تي پھچي بہ، ٻھراڙيءَ جي سونھن، رنگ ۽ ٻولن سان گفتگو ڪري ٿو. انھيءَ وڏي ادبي منزل تي پھچڻ لاءِ ھر سگهڙ وڏي جاکوڙ ڪئي آھي تہ شعر ۽ نغمي جا ڏکيا گس لتاڙي انھيءَ مارف تي پھچي. جيڪو وڏي ۽ ننڍي نظر رکندڙ، پاڙھوءَ (قاري) کي چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ۽ آس رکي ٿو تہ ھو بہ شاعر بڻجي ۽ پنھنجي اظھار کي ھر سوچ جو حصو بڻائي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.