کيتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کيتي:


قديم زماني کان وٺي کيتي هڪ اُتم ڌنڌو ڪري ليکيو ويو آهي. اڄ به چوڻي آهي ته ”نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار“.اڳي سڄي سنڌو ماٿر ۾ ڪيترن هنڌ ”بن“ يا گهاٽا جهنگ لڳا پيا هوندا هئا، ماڻهو وڻ وڍي، پوک لاءِ زمين صاف ڪندا هئا. اها جهنگل شگافي ڳچ اراضيءَ ۾ ڪندا هئا. اهي ”اُروا“ يعني ڪشادا پٽ ننڍن ننڍن ٽڪرن (نمبرن) ۾ ورهائي، هر هڪ ”کيٽ“ ڌار ڪندا هئا، (منڊل ڏهون 101، 4). هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هرهڪ ”اَٺاس“ (اٺ جريب زمين) يا ”سورهاس“ (سورهن جريب زمين) کي ”کيٽ“ سڏيندا هئا، رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته هرهڪ کيٽ نهايت خبرداريءَ سان ماپي ڇڏيندا هئا، (منڊل پهريون 110، 5). هن مان ظاهر آهي ته سڀ ڪنهن کي پنهنجي ٻني ڌار هوندي هئي. اهي ٻنيون سندن ڳوٺن جي آسپاس هونديون هيون. اڄ به ڪيترا هاري ناري پنهنجي پنهنجي ٻني ٽڪر جي آسپاس گهرڙا اَڏيو. ڳوٺڙا ٻڌيو ويٺا آهن. جيڪي وڏا زميندار آهن سي به پنهنجو ”بنگلو يا اوطاق ٻنيءَ جي نزديڪ جوڙيل ٿا، ۽ سندن هارين نارين انهيءَ اوطاق جي آسپاس ڀنگين ۾ رهن ٿا، ۽ اهو انهيءَ زميندار جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اڳي به هوند وارن وٽ نوڪر چاڪر ۽ ٻانها يا غلام پورهيو ڪندا هئا، ۽ پاڻ رڳو مٿان نظرداري ڪندا هئا [1]رگ ويد جي منڊل پهرئين (112، 6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ٻج ڇٽڻ جو هنر اشوني ڪمار ديوتائن منو ڀڳوان کي سيکاريو“. هن منجهان ائين سمجهجي ٿو ته اڳاٽن رشين کي شايد الهام ٿيو ته ٻج ڇٽڻ ڪري پوک ٿي سگهندي. ساڳي منڊل پهرين (112، 5) ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻنيءَ کي هر ڏيڻ جو طريقو جنهن رشيءَ سڌاريو تنهنجو نالو ”پرٿوُ!“ هو، جو ”پرٿي“ به سڏبو هو. اهو پرٿو رشي ”وئنيه“ Vainya يعني وين Vena رشيءَ جو اولاد به سڏيو ويو آهي، (منڊل اٺون 9، 10). هر جي چونيءَ کي ”ڦال“ چوندا هئا. (منڊل چوٿون 57، 8)، اڄ به اهو ئي ويدڪ لفظ ڪم پيا آڻيون؛ پر عام طرح چئون ”ڦار“ يعني ”ل“ کي مٽي ”ر“ ڪيو اٿئون ۽ اها اسان سنڌي ماڻهن جي اصل عادت آهي (جل – جر ۽ ٿل – ٿر).[2]

ھر[سنواريو]

هر کيڙڻ ۽ نار ڪاهڻ لاءِ هن وقت اُٺ ۽ ڏاند ڪم اچن ٿا، پر اڳي گهوڙا به ڪم آڻيندا هئا، جو سنڌو ماٿر ۾ گهوڙا نهايت گهڻا هوندا هئا، زمين کي هر ڏيڻ مهل ڪو رشي گهرائيندا هئا. جو هر جوٽيندو هو، ۽ اوڏي مهل ويدن جا منتر اُچاريندو هو. ائين پوڄا ڪري پوءِ ڪم شروع ڪندا هئا. چوپاسيءَ ۾ براهمڻن کي گهرائي، هڪ وڏو يگيه ڪندا هئا، جو ”ستر“ (Satta) سڏبو هو اهو يگيه ٻه ٽي مهينا سانده بلڪه وڌيڪ وقت تائين پيو هلندو هو. يگيه جي مراد اها هئي ته اندر ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون پرسن ٿين، ته مندائتا مينهن وسن ۽ فصل ڀلا ٿين، ۽ مال لاءِ چارو مئو ٿئي. انهيءَ مراد سان رشي به سنڌو نديءَ ۽ ٻين ندين جي ڪنارن تي ويهي، مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر اُچاريندا هئا. جولاءِ – آگسٽ وارو مهينو ”سانوڻ“ سڏجي ٿو، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شراوڻ“، ۽ ڌاتو اٿس ”شروعڻ“ معنيٰ سڻڻ يا ٻڌڻ. سانوڻ ۾ جتان ڪٿان ويدن جي منترن جا مٺا آلاپ ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا، تنهنڪري اهو نالو رکيو اٿن. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيئن آريه لوڪ ويا دنوي ڳالهين ۾ ترقي ڪندا، تيئن دل جو لاڙو ڌڻيءَ جي پاسي وڌندو وين جو ڄاتائون ٿي ته فصل ڀلا تڏهن ٿيندا، جڏهن ڌڻيءَ جو فضل ٿيندو، رشين کي به پنهنجيون ٻنيون ٻارا هوندا هئا، ۽ چوپايو مال به ججهو هوندو هون تنهنڪري ايشور کي آراڌنا ڪندا هئا ته اهو مالڪ پنهنج مهر ڪري! انهيءَ سبب ”هٿ هوندو هون ڪم ڪار ۾، ته به چٽ هوندو هون ڪرتار ۾!“[3]

پاڻي[سنواريو]

اڳي ماڻهو پوک اڪثر درياهه جي ڀرسان (ڪچي ۾) ڪندا هئا. جن ڳوٺن کي درياهه ويجهو نه هوندو هو، تن ۾ کوهه کوٽيندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين (105، 17) ۾ ”ڪوپ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو بگڙيل اُچار سنڌيءَ ۾ ”کوهه“ آهي. هن وقت به ڪا پوک ”موڪي“، ڪا ”چرخي“، ته ڪا ”چرخي مدد موڪي“ ٿئي ٿي. رگ ويد جي منڊل پهرئين (سُوڪت 116، 7) ۾ ”ڪنڀ“ (ٿانءُ). ۽ سُوڪت، 117 (12) ۾ ”ڪلس“ (لوٽي ڪنگري) لفظ ڪم آيل آهي. وڏي ڳالهه ته گهٽو چڪر“ لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن مان هيڪاري ظاهر آهي ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مالهه ۾ ڪنگريون يا لوٽيون ٻڌندا هئا، جنهنڪري چئبو ته هاڻوڪو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي. رگ ويد جي منڊل ڏهين (25، 4؛ 101، 5 – 7) ۾ ”آشمچڪر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”پٿر جو چڪرو“. هن مان سمجهجي ٿو ته جتي نار نه هوندو هو، تتي کوهه جي مٿان سرائيءَ ۾ پٿر جي ٺهيل ”ڀوُڻ“ يا گرڻي (Pulley) هوندي هئي، ٿر ۾ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ اڄ تائين دستور آهي ته چم جو ڪوس يا ٻوڪو رسيءَ ۾ ٻڌي، اها رسي ڪاٺ جي ٺهيل ڀوُڻ تي رکي، ڍر ڏيندا وڃن، ته ڀُوڻ وڃي ڦرندي ۽ رسي پاڻمرادو وڃي هيٺ کوهه ۾ پوندي. جڏهن ڪوس پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي، تڏهن رسي ڇڪيندا آهن، ته ڪوس ڇڪجي مٿي ايندو آهي. انهيءَ ريت پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ جيڪو رسا ڪم آڻيندا آهن، تن کي سنڌيءَ ۾ ”ورت“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ورترا“ ۽ اهو رگ ويد ۾ ڪم آيل آهي. مطلب ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو هي ٻيو نمونو به رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي. تفاوت رڳو هي آهي.[4]رگ ويد جي منڊل پهرئين (4، 8 ۽ 10) ۾ ”اَوٽ“ (Avata) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”آڏ“. کوهه جو پاڻي آڏ مان وهي، ٻنيءَ جي ٻارن ۾ وڃي پوندو هو. مطلب ته هزارها ورهيه اڳي جيڪو رواج سنڌو ماٿر ۾ جاري هو، سو ساڳيو اڄ تائين اسان جا ماڻهو هلائيندا پيا اچن،ڪ بلڪ لفظ به ساڳيو ئي ڪتب آڻين، جنهنڪري اهو محاورن ۾ به اچي ويو آهي. مثلاً تري ته درياهه، نه ته آڏ تي بيهي رهي.“ ٻنيءَ جي مٿان قسمين قسمين آفتون اچيو ڪڙڪن. پارو پيو يا ماڪڙ پيئي ته فصل ئي چٽ! ڪڻڪ وغيره کي ”رتي“ لڳي يا ٻيو ڪو مرض وڪوڙي ويو ته به فصل ڇٽو![5]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page15.html#_ftnref4.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}