ڇڪتاڻ ۾ واڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڇڪتاڻ ۾ واڌ, تڪڙي واڌ، تڪراري ڊوڙ يا ايسڪيليشن (Escalation) ڪن به ٻن تڪراري ڌرين وچ ۾ نفسياتي توڙي طبعي حوالن سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو عمل کي چيو وڃي ٿو، جيڪو ٻنهي ڌرين ۽ ساڻن واسطيدارن ۾ ڳڻتيءَ ۽ بيچينيءَ جي صورتحال کي جنم ڏئي. ان صورتحال ۾ ٻن ملڪن جي سرحدن تي فوجن جي انگ ۾ واڌ، هٿيار ٺاهڻ جي عمل ۾ تيزي، پروپيگنڊائي طريقن ۾ تيزي ۽ ٻيا ڪيترا سگهارا محرڪ اچي وڃن ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هي اصطلاح پهريون ڀيرو 1938ع ۾ ڪتب آندو ويو ، پر ڪولڊ وار يا ’ٿڌي لڙائيء‘َ واري دور ۾ ٻن جڳ پڌرن ماهرن ’هرمن ڪان‘ جي ڪتاب On Escalation، 1965 ۽ ’برنارڊ بروڊي‘ جي ڪتاب Escalation and the Nuclear Option، 1966 ذريعي تمام گهڻو مشهورٿيو. هي اصطلاح سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ ۽ عالمي معاملن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ ڌيان جو سبب بڻيو. ان ذريعي ٻنهي مها طاقتن منجهه تباهيءَ جوڳي ۽ تڪليف ڏيندڙ تڪرار شروع ٿيا. جيڪي ’ڪيوبائي ميزائيل مامري‘ سميت مختلف معاملن/رخن ۾ ٽين مهاڀاري لڙائيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا. هي اصطلاح جنگي هنر، معاشيات، نفسيات ۽ ٻين شعبن ۾ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ بيان ڪرڻ لاءِ De-escalation جو اصطلاح ڪم آڻبو آهي. ان ذريعي ٻن تڪراري ڌرين ۾ عروج تي پهتل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ويڙهه لاءِ تيار ڌرين کي ٺاري سرچاءَ واري رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ سفارتڪاريءَ سميت هڙئي امن ڀريا طريقا آزمايا ويندا آهن. ان جي نتيجي ۾ تڪراري ڌريون غير فوجي طريقي سان پنهنجا اختلاف نبيرينديون آهن. ان جو هڪ مثال ’ڪيوبائي ميزائيلن وارو گهوٽالو‘ آهي، جنهن ۾ ٻنهي مها طاقتن ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۽ گهٽائڻ جي سلسلي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]