غلامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


غلام ان کي چئبو آھي جنھن کي ڪنھن ٻئي ۽ انسان جي ملڪيت ۾ ورتو وڃي۔

”1960ع ۾ پنڊت جواهرلال نهروءَ هي انڪشاف ڪيو ته ’چين ۽ برما‘ جي سرحدي علائقن ۾ اڄ به، غلامي رائج آهي. انهن حقيقتن جي سامهون اچڻ سان ئي. ذهن اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي، ته انهن ترقي يافته ملڪن ۽ عيسائي پيشوائن، محض معاشره جي اصلاح، انساني فلاح و بهبود جي خاطر ئي غلاميءَ کي فروغ ڏنو آهي! هرگز نه، ڇو ته، اهي قومون جن جو مذهب عيسائي آهي، غلامن جي تجارت وڏي پيماني تي ۽ سربازار ڪنديون هيون. انهن قومن جي بادشاهن، قانوني طور غلامن جون قيمتون مقرر ڪيون، ته جيئن واپار جومعيار هڪ رهي.“ سيد امير علي فرمائي ٿو ته: ”روم ۾ عام طور تي هي دستور هوندو ته جڏهن ڪنهن غلام جي ڌيءَ جي شادي ٿيندي هئي ته پهرين رات آقا سان هم بستري ٿيندي هئي، انهيءَ شرمناڪ حرڪت مان عيسائي بشپ به دامن نه بچائي سگهيا.“ ”آگسٽن (St. Augston) غلاميءَ کي انساني گناهن جي سزا لاءِ هڪ قدرتي نظام قرار ڏنو آهي؛ جنهن جي برائي ڪرڻ به برائي سمجهي وڃي ٿي. (Herbert Spensir) پنهنجي ڪتاب (The Principle of Sociology) ۾ لکي ٿو ته: ”غلاميءَ کان بغير سياست جو مرحلو تڪميل تي نٿو پهچي سگهي.“ ”الفريد لکي ٿو ته: رياستهائي متحده آمريڪا ۾ کيس وحشت انگيز نطارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪنهن به آمريڪيءَ لاءِ باعث فخر ڪينهن. هنن وٽ هڪ قانون هوندو هو ته ڪو به نيگرو (شيدي) ڪنهن سفيدفام عورت سان نه ڪو ملي ٿو سگهي ۽ نه ڪو شادي ڪري ٿو سگهي. اگر ڪو اهڙو واقعو ٿي پيو ته پوءِ انهيءَ غريب کي تارڪول سان ليپ ڏئي ائين جلايو وڃي ٿو جيئن چراغ جلي! ۽ مزو اهو ته آفريڪي حڪومت کي پڻ مجبور ڪيو ويندو ته هن موقعي تي پنهنجو ڪو نمائندو موڪلي!“ ”مذهب ۽ اخلاق جي انسائيڪلو پيڊيا“ جي تحقيق موجب، ”غلامي هڪ معاشرتي رواج آهي، جنهن جي باعث هڪ شخص ٻئي جي ملڪيت ٿي وڃي ٿو.“ اين-گلبرسٽن، غلاميءَ جي عام پسنديده تعريف هيءَ ٿو ڪري ته، ”هيءَ هڪ اها طاقت آهي جا لامحدود آهي.“ غلاميءَ جي مٿي ڪيل تعريف انهيءَ معاشرتي رواج جي تعريف آهي جو غير اسلامي معاشري ۾ عام هو. انهيءَ جو اُن غلاميءَ يا اُن معاشرتي رواج سان ڪو به واسطو ڪونهي، جنهن جي اسلام بحالت ِ مجبوري اجازت ڏني آهي.“ ”غير مسلم قومن ۽ انهن جي معاشري، پنهنجي گذريل تاريخ ۾ جنهن غلاميءَ جو تجربو ڪيو آهي، ان جو تصور يقيناً، هيبت ناڪ آهي. تڏهن ته غلاميءَ جي نالي ايندي ئي مغرب زده ۽ غير مسلم اهو سوچڻ لڳن ٿا ته هڪ نهايت ئي لاچار ۽ مجبور جانور تي ڦٽڪا لڳايا پيا وڃن، انهن کان هر جائز ۽ ناجائز ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهيءَ کي هر قوم روا رکيو، مگر اسلام جو دامن اهڙي غير انساني سلوڪ کان پاڪ آهي. مقصد اهو آهي ته اسلامي ۽ غير اسلامي ذهن غلاميءَ جي باري ۾ به متضاد تصور پيش ڪن ٿا.“ ”هاڻي اچو ته ڏسون ته اسلام ۾ غلاميءَ جي متعلق ڪهڙا قوانين آهن. انهيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي يا فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، انهيءَ مسئلي کي، سڀ کان پهرين قرآن جي روشني ۾ ڏسڻو آهي، ڇو ته ’قرآن‘ اسان جو سڀ کان وڏو دستوري ڪتاب آهي، جو غلام بنائڻ جو حڪم قطعي نٿو ڏئي، چنانچه ’سوره محمد‘ (صلي الله عليه وسلم) ۾ ارشاد خداوندي ٿئي ٿو ته ” قيدين تي احسان ڪريو يا معاوضو وٺي ڇڏي ڏيو ته جنگ موقوف ٿي وڃي.“ هن سورة مان اها ڳالهه صاف ٿيو وڃي ته انهيءَ وقت تائين هواسير رکي سگهجي ٿو؛ جيستائين اسلامي مفاد کي هن جي آزاديءَ مان خطري جو انديشو هجي، پر هن کي مستقل غلام نٿو بنائي سگهجي ۽ اهائي مشيت ِايزدي آهي.“[1]’آزادي‘ اسلام کي ڪيڏي عزيز آهي. اها ڄاڻ انهيءَ خط مان به پئي ٿي جيڪو حضرت عمر؛ عمرو بن العاس کي، جيڪو مصر جو گورنر هو، لکيو هو ته ”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو آهي، حالانڪ انهن کي انهن جي مائرن ته آزاد ڄڻيو هو!“[1]هڪ حديث آهي، توهان جا غلام توهان جا ڀائر آهن، جن کي خداوند تعاليٰ اوهان جي قبضي ۾ ڏنو آهي. بس، جنهن شخص کي الله تعاليٰ ڪنهن ڀاءُ جو مالڪ بنائي، انهيءَ کي کپي ته هو پنهنجي غلام کي اها شيءِ کائڻ لاءِ ڏئي جيڪا پاڻ ٿو کائي ۽ اهڙو ئي ڪپڙو پائڻ لاءِ ڏئيس جهڙو پاڻ پائي ٿو؛ ۽ هن کان اهو ڪم نه وٺي جو هنجي طاقت کان ٻاهر هجي، ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪم ورتو وڃي ته هن جي مدد ڪئي وڃي. " (بخاري-مسلم)[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنوي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع