موت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
موت جو پتلو

موت---Death: ڪنھن بہ زندہ وجود ۾ سمورن حياتياتي ڪمن جي رڪجي وڃڻ جو نالو موت آھي. [1]موت جا ڪيترائي سبب ھوندا آھن جن ۾ لاعلاج بيماري (Terminal Disease),اوچتو حادثو ۽ طبي سبب شامل آهن.لاعلاج بيماري جي تشخيص ٿيڻ کان پوءِ بيمار ۽ ان جا عزيز يا ويجھا ماڻھو انجي مرڻ جي تياري شروع ڪندا آهن. لاعلاج قرار ڏنل شخص ٻين جذباتي ڪيفيتن سان گڏوگڏ ڊپريشن مان پڻ گذرندو آھي ۽ آخرڪار موت جي حقيقت کي سمجھندي کيس قبول ڪندو آھي.موت جي سببن ۾ وڏا سبب آمريڪا ۾ ڪينسر ۽ دل جي بيماري آھن .ان کان علاوه حادثو، ڦڦڙن جون بيماريون، ذيابيطس،جگر جي خرابي (Cirrhosis)۽ قتل وغيره ھوندا آھن.[2] مرڻ کان ٿوري دير پوءِ جسم خراب ٿي ڳرڻ شروع ڪندو آهي.[3]

جيڪي حادثا پيش اچن ٿا، انهن ۾ سڀ کان وڏو حادثو، موت جو حادثو آهي. موت جو شڪار هر ماڻهو لازمي طور تي ٿئي ٿو. پوءِ ڇو نه اهو امير هجي يا غريب. ڪمزور هجي يا ڏاڍو. [4]”وان بيرين “ مطابق ته اهو اينڊريو لانگAndrew long) ) هيو، جنهن پهريون دفعو موت بابت ڏند ڪٿائن کي گڏ ڪري انهن جي درجه بندي ڪئي، 1917ع ۾ فرنز بائوس Farnz Boas)) اتر آمريڪا جي انڊين ۾ موجود موت بابت ڏند ڪٿائن تي هڪ مضمون لکيو، 1936ع ۾ سڀ کان اول هرمنHermenn) ) موت بابت ڏند ڪٿا جي درجه بندي ڪئي هئي ۽ 1951ع ۾ آفريڪا ۾ موت بابت ڏندڪٿا جي درجه بندي ابراهام سنس Abraham sns) )ڪئي، هن موت بابت ڏند ڪٿائن نقشن سميت ڏنيون هيون ته موت جي ڪارڻ بابت ڪٿي ڪٿي ڇا ٿو سوچيو وڃي.[5]ڪيترن ئي مذھبن ۽ ثقافتن ۾ مرڻ کان پوءِ وري زندہ ٿيڻ،۽ دائمي سزا ۽ جزا واري زندگيءَ جو تصور آھي.

معني ۽ مطلب[سنواريو]

موت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي فوت ٿيڻ جو عمل يا وفات.انگريزيء ۾ لفظ death ٿيندو آهي جيڪو پروٽو انڊو يورپين ڌاتوءَ dheu مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي مرڻ وارو/واري مرحلو يا عمل يا حالت.[6]

موت جا آثار[سنواريو]

اک جي ماڻڪي (pupil) تي روشنيءَ جو اثر نه ٿيڻ؛ اکين جو گرميءَ جي ھيجان جي ڪا موٽ نہ ڏيڻ؛ کاڏي تي ريفليڪس ھٿوڙي سان چڪاس لاء ٺوڪ تي کاڏي جو ريفليڪس واري حرڪت سان موٽ نه ڏيڻ؛ ڪاڪڙي کي ڇھڻ سان اوڪارو نہ اچڻ يا گئگ رفلڪيس نه ٿيڻ؛ سور جو احساس نہ ٿيڻ؛ ساھ جو بند ٿي وڃڻ؛ جسم جو گرميءَ جو پد 86 فارنھائيٽ يا 30 سينٽي گريڊ کان مٿي ٿي وڃڻ؛ مٿئين سموري حالتن جو ٻارھن ڪلاڪ برقرار رھڻ؛ مٿئين سموري حالتن جو ڇھن ڪلاڪن تائين برقرار رھندي اليڪٽروائنسيفلوگرام ۾ سڌي لڪير جو اچڻ؛ اينجوگرافي ۾ دماغ ڏي رت جي گردش جو ظاھر نہ ٿيڻ.[2]

موت ڇا کي چئبو آهي

جڏھن انساني دماغ جا سڀ نيورونز مستقل طور تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين تہ انکي موت چئبو آهي جڏهن تہ دماغ جي

نيورونز جي موت کي ڊيٽيڪٽ دريافت ڪرڻ، ظاهر ڪرڻ

مشڪل هجي ٿو ڇوجو دماغ جي سرگرمي کي عام طور تي

اِي اِي جي EEG  Electro-Encephlo-Gram سان ظاهر ڪيو ويندو آهي جيڪو نیورونز جي فائرنگ جي مجموعي پيٽرنز کي مٿي تي لڳايل سينسرز جي مدد سان ظاهر ڪندو آهي جيڪڏھن نیورونز زندھ آهن تہ پر ڪنھن وجھ کان فائر نٿا ڪن تہ EEG ڪجھ ڊيٽيڪٽ ظاهر ناهي ڪري سگھندو ان طرح جيڪڏهن ڪجھ نیورونز فائر ڪري رهيا آهن پر EEG جا سينسر انکي ظاهر نٿا تہ بہ EEG اهيو ٻڌائيندو تہ  دماغ مڪمل بند ٿي چڪو آهي ان وجھ سان صرف EEG تي ئي ڀروسو ناهي ڪيو ويندو بلڪي دل جي حرڪت ۽ ساهہ جي هلڻ جو بہ مشاهدو ڪيو ويندو آهي جيڪڏھن دل جي حرڪت سرگرمي ۽ ساهہ بند هجي ۽ EEG بہ ڪا دماغي سرگرمي نہ ڏيکاري تہ انکي موت تصور ڪيو ويندو آهي پر ان ۾ اهيو بہ امڪان رهندو آهي تہ جيڪڏهن EEG غلط نتيجا ڏئي رهيو آهي يا نیورونز فائر نہ ڪري رهيا هجن پر هاڻي بہ زندھ آهي تہ عين ممڪن آهي تہ ڪجهہ دير کانپوءِ نیورونز جي فائرنگ ٻيھر شروع ٿي وڃي تہ مريض زندھ ٿي ويندو ائين موت جي وقت انداز لڳائڻ مشڪل ڪم هوندو آهي جنھن ۾ غلطي جو ڪارڻ بہ موجود هوندو آهي ائين جيڪڏهن ڪو اهڙو مريض زندھ ٿي وڃي جنھن کي ڊاڪٽر مئل قرار ڏئي چڪا هجن تہ انجو اهيو مطلب ناهي تہ مئل زندھ ٿي ويو ۽ بلڪي اهيو تہ ڊاڪٽرن پاران موت جو اعلان غلط ڪيو ويو.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Zimmerman, Leda. "Must all organisms age and die?". Massachusetts Institute of Technology School of Engineering. وقت 1 November 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 February 2012. 
  2. 2.0 2.1 {https://medical-dictionary.thefreedictionary.com/death}
  3. "carbonQ1". reptools.rutgers.edu. حاصل ڪيل 2018-03-04. 
  4. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  5. موت۽ مرڻ بابت نظريا؛ فخر زمان؛ رسالو مھراڻ جلد 45 1992؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. {{cite web|url=http://www.etymonline.com/index.php?term=death |title=Death |work=Online Etymology Dictionary