درٻيلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درٻيلو (انگريزي: Darbelo) سنڌ جي ضلعي نوشھرو فيروز جي تعلقي ڪنڊياري جو هڪ ننڍڙو شھر يا ڳوٺ آھي.

تاريخ[سنواريو]

عربن جي فتح کان پوءِ، سلطان آرام شاھ جي راڄ ۾ جڏهن سنڌ ۽ ملتان ناصرالدين قباچہ کي مليا، تڏهن درٻيلي جو پرڳڻو هندو حاڪم راڻي ڀنر سهتي راٺوڙ جي هٿ ۾ هو. سنہ 908ھ (سنہ 1502ع) ڌاري جڏهن مرزا شاه حسن ۽ ڄام فيروز جي وچ ۾ ويڙھ پئي هلي، تڏهن مرزا شاھ حسن پنھنجي پاران درٻيلي ۾ مير فرخ کي حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ بکر ويو، جنهن کي وڃي وسايائين. سنہ 970ھ (سنہ 1562ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود خان جي وچ ۾ ويڙھ لڳي، جا پھرين سيوهڻ ۾ ٿي ۽ پوءِ درٻيلي ۾. پهرينءَ ۾ سلطان محمود شڪست کاڌي ۽ ٻيءَ ۾ صلح ڪيائون. سنہ 998ھ (سنہ 1589ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاھ نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ سنڌ ڏي موڪليو، تڏهن مير معصوم شاه بکر وارو اڪبر بادشاھ وٽ سلام تي ويو ۽ انھيءَ کيس درٻيلي ۽ چانڊڪي ۽ ڪاڪڙيءَ جي جاگير ڏني.[1] درٻيلي شھر ۾ مولانا سعد درٻيلوي، عبدالله متقي، مخدوم قاضي محمد عثمان، سيد الھندو شاھ جھڙيون مشھور شخصيتون پيدا ٿيون. سياستدان سيد ظفر علي شاھ جو تعلق بہ ھن شھر سان آهي.سيد الھندو شاھ پاران جوڙايل ڏھن ڪمرن ۽ ٻارھن ايڪڙن تي مشتمل حويلي اڃان ھتي موجود آھي. ھن شھر ۾ تاريخي مسجدون، مقام ۽ درگاهون موجود آهن.

درٻيلو ريلوي اسٽيشن[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ - ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.


مڪانيت: 27°00′37″N 68°08′06″E / 27.010147°N 68.1351°E / 27.010147; 68.1351