مواد ڏانھن هلو

نالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيروغليفي ۾ شاھي لقب فرعون

نالو (Name) سڃاڻپ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ھڪ اصطلاح آھي. نالو شين جي ھڪ زمري يا قسم ، يا ڪنھن اڪيلي شيءِ، منفرد حوالن سان سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو. ھڪ ذاتي نالو (منفرد ضروري ناھي) ڪنھن مخصوص انساني فرد جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو.

’نالي‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيو لفظ ’نانءُ‘ به آهي. برصغير هند ۽ پاڪ جي زبانن ۾ ’نالو‘ لفظ ايترو نٿو ملي، جيترو ’نانءُ‘. پروفيسر ڪي. پي. ڪلڪرڻي لکي ٿو.
آسامي ٻولي ۾ = ناءُ
اُڙيا ٻولي ۾ = نا
هندي ٻولي ۾ = نانوُ، نانءُ، نائون
پنجابي ٻولي ۾ = نا، ناءُ
ان ساڳي ڊڪشنري ۾، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”نانءُ“ به لکيل آهي.[1][2]سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ’نانءُ‘ ڪم آندو آهي: گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ، جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري. سگهڙن پنهنجي فن ڳجهارت ۾ ’نانءُ‘ گهڻو استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ئي ڳجھارت جي ڀڃڻ جو مدار هوندو آهي. جئن: اي نر نانء، منهنجي نر نانءَ کي، ٻه نَرَ نانءَ ڏي ته توکي مال جي ڏيان. نر نانء= نَرُ نالو= شاهه پنجو (دادو ضلعي ۾ هڪ پير جو نالو). نر نانء= سلطان. نر نانءُ= سڄڻ. ٻه نر نانءَ= هڪ هوندو ٻيو سوندو. ڀڃڻي: اي شاهه پنجا سلطان، منهنجي سڄڻ کي هوندو سوندو ڏي ته توکي ديڳ ڏيان. پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به ’نانءُ‘ ڪم آيل آهي: نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کائي، نانءَ چڙهيو چور، ڦاهي چڙهي. هاڻي سوال ٿو اٿي ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن، يا الڳ الڳ لفظ آهن؟ جئن ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا، تنهنڪري ائين وِسهڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نانءٌ‘ لساني اصول جي تحت تبديل هيٺ آيو آهي، ورنه ڳالهه ساڳي آهي.[3] لفظن جا ڪيترا حرف يا اکر، هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿيندا آهن، جئن ’ڦاسي‘ ۽ ’ڦاهي‘، ’ماس‘ ۽ ’ماهه‘ جو ’س‘، ’ھ‘ ۾ تبديل ٿيو. انهيءَ ابدال جي قاعدي موجب ’ل‘ ۽ ’ن‘ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ’نعش‘ مان ’لاش‘، ’نيلم‘ مان ’ليلم‘، ’لنگر‘ مان ’ننگر‘ ۽ ’لِلاٽ‘ مان ’نِلاٽ‘، ’نِراٽ‘، ’نِراڙ‘ ۽ ’نِرڙ‘ ٿيو. ”لِکيو منجھ لِلاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.“ نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نان‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن. انسان جو ’نالو‘ يا ’نانءُ‘، هميشه بامعنيٰ هوندو آهي. بي معنيٰ نالو ڪوبه نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي نالا، اسان کي سمجھ ۾ نه آيا، ته ان جو اهو مطلب نه آهي ته اهي بي معنيٰ آهن. پر ڪي اهڙا به قابل ڪاريگر هوندا، جي هڻي هنڌ ڪندا.[4] ’نانءُ‘، ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، تنهن لاءِ لغتن ۾ اختلاف آهي، پر تنهن هوندي به ٻين جي راين کي سامهون رکندي، لفظ جي تهه تائين پهچي راءِ قائم ڪجي ٿي.[5]’نانءُ‘ فارسي لفظ ’نام‘ جي بگڙيل صورت آهي.[6]ڊنڪن فوربس به اهائي راءِ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ائين به لکن ٿا ته سنسڪرت سان به واسطو اٿس.[7]’نام‘، جديد فارسي ۾ ته ملي ٿو، پر قديم فارسي ۾ به ملي ٿو. پهلوي ۾ ’نام‘ ۽ اوستا ۾ ”نام“، پر بنيادي لفظ ’نامن‘ آهي. سنسڪرت ۾ ”نام“ جو بنيادي لفظ ’نامَن‘ آهي جنهن جو ڌاتو يا بنياد ”نَم“ آهي، جنهن جي معنيٰ: سڃاڻڻ، پڪارڻ، سڏڻ. مطلب ته ’نالو‘ معنيٰ: جنهن سان سڃاتو وڃي ٿو، پڪاريو وڃي ٿو يا سڏيو وڃي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته نالي سان ئي پڪاريو وڃي ٿو.[8][9][10][11]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪي. پي. ڪلڪرڻي، مراٺي وئتپتي ڪوش، ص 253، سال 1963ع، پونا.
  3. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. جان شيڪسپيئر، هندستاني- انگلش ڊڪشنري، ص 1752، سال 1833ع. لنڊن
  7. ڊنڪن فوربس به اهائي راءِ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ائين به لکن ٿا ته سنسڪرت سان به واسطو اٿس.
  8. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  9. رام گلام رام، رام گلام شبد ڪوش، ص 143.
  10. ڪاوشجي ايڊلجي ڪانگا. اوستا، گجراتي- انگلش ڊڪشنري، ص 298، سال 1900ع.
  11. جاما سپجي آسانا، پهلوي، گجراتي، انگلش ڊڪشنري، ص 585، سال 1877ع.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:منطق