آمريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آمريت يا ڊڪٽيٽرشپ (Dictatorship) حڪومت ڪرڻ جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن ۾ سياسي طاقت هڪ شخص يا گروهه جي هٿن ۾ هجي ته اهڙو شخص يا گروهه عوامي راءِ جي پرواهه نه ڪندو آهي. آمريت جون ٽي امڪاني صورتون آهن. 1. هڪ گروهه يا شخص کي مليل اقتدار، جنهن ۾ ٻئي جي شرڪت يا ڪنهن اداري ڏانهن جوابداريءَ بنا هُو اهي سڀ ڪم ڪري سگهي، جيڪي سندس نظر ۾ جائز ۽ واجبي هُجن. جيئن قديم دور ۾ رومي بادشاهه حڪومت هلائيندا هئا. 2. ورثي ۾ مليل سلطنت جي حُڪومت، جيڪا ڪنهن هڪ شخص جي اشارن تي هلي ۽ سندس حُڪمن کي قانون جو درجو ڏنو وڃي. 3. سياسي پارٽين جي اهڙي حڪومت، جيڪا ڪنهن هڪ شخص جي حڪمن تي عمل ڪندي هُجي ۽ اهو شخص آئين، قانون ۽ ادارن ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق تبديليون ڪري پسند جا فيصلا ڪرائي سگهي. ويهين صديءَ جي عالمي سياست ۾ اهڙن حڪمرانن ۾ مسوليني، هٽلر، اسٽالن ۽ ضياالحق وغيره شمار ٿين ٿا.سندن پوئلڳ کين ”فيورر“، ”ڊيوس“ ”ووزد“ ۽ ”مرد مومن مرد حق“ جي لقبن سان سڏيندا هُئا. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد