گورک هل اسٽيشن
26°51′37.10″N 67°9′6.61″E / 26.8603056°N 67.1518361°E
گورک هل اسٽيشن | |
---|---|
گورک جو ھڪ خوبصورت منظر | |
عرفيت: گورک | |
گورک جو ھڪ ريسٽورنٽ | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | دادو |
بلندي | 1,734 ميل (5,689 ft) |
گورک هل اسٽيشن سنڌ جي حَسين ترين ۽ ٿڌي جابلو چوٽي آهي. کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 5,689 فوٽ (1,734 ميٽر) جي اوچائي تي، دادو شهر کان 94 ڪلوميٽر (58 ميل) اتر اولهه ۾ گورک هل اسٽيشن ضلعي دادو، جوهي تعلقي ۾ واقع آهي. گورک هل اسٽيشن دادوءَ کان 92 ڪلوميٽر،جوهيءَ کان 74 ڪلوميٽر ۽واهي پانڌيءَ کان 50 ڪلوميٽر اولھ-اُتر طرف آهي. گرمين ۾ هت تمام گهڻي ٿڌي ۽ خوشگوار موسم ٿيندي آهي. هتي گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ڪافي ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن. هت هوٽل ۽ رهائش لاءِ ريسٽورنٽ پڻ موجود آهي. واهي شهر مان گورک لاءِ نجي سواريءَ به موجود آهي.[1]
سيرسپاٽو
[سنواريو]گورک هيل اسٽيشن ڪراچي کان 423 ڪلوميٽر (263 ميل) ۽ تقريبن 8 ڪلاڪن جي فاصلي تي واقع آهي. هل اسٽيشن شهر کان هزارين سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي.
گورک نالو
[سنواريو]کورک نالي بابت نامياري محقق تاج صحرائي موجب کورک تي نالو گرو گورکناٿ جي ڪري پيل ڀانئجي ٿو. سندس راءِ موجب گرو گورکناٿ هت آيل هو. ۽ گورک وٽ تيرٿ ڪنب پڻ هو. ڪن گورک کي هروڀرو گئون رڪشا سان ڳنڍيو آهي. گورک جي نالي بابت اها به راءِ آهي ته فارسي لفظ گرگ مان نڪتل آهي جنهن جو بلوچي ٻولي ۾ بگاڙ گرک آهي ۽ ٻنهي جي معني بگهڙ آهي نامياري ليکڪ ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي جو خيال آهي ته قديم زماني ۾ بگهڙ رڳو گورک تي نه هوندا. بگهڙ گورک سان گڏ سڄي کيرٿر جبل توڻي ڪاڇو ۾ به هوندا تنهنڪري اهو وسهڻ کان ٻاهر آهي ۽ نه ئي انهن لفظن جو سنڌي ٻولي جي لفظ گورک سان تعلق آهي. عزيز ڪنگراڻي جي راءِ موجب گورک اصل سنڌي لفظ آهي ۽ مقامي طور اهو نالو پيل آهي جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته پرمانند ميوارام جي انگريزي سنڌي لغت ۾ کورک لفظ لاءِ لفظ (Intricate) ۽ (Difficult) ڪم آندا آهن جن جي معني 'مشڪل', 'انتهائي ڏکيو' يا 'پار نه ڪري سگهڻ' ڏنل آهي. لڳ ڀڳ ساڳي معني ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ جامع سنڌي لغات ۾ ڏني آهي تنهڪري کورک تي نالو گورک اصل سنڌي ٻولي جي لفظ گورک تان ورتل آهي. غور ڪبو ته گورک کي سر ڪرڻ ڪو سولو يا سهنجو نه آهي. انتهائي مشڪل آهي. [2][3]
-
Fountain of Gorakh Hill or Hengar Spring
-
Road To Gorakh Hill
-
Wahi Pandi, nearby village
-
گورک جي ڇوٽي
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاھريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- گورک ھلز ڊويلپمينٽ اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-02-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Trip to Gorakh Hill Station". Scuba Club. حاصل ڪيل 2020-09-04.
- ↑ Dr. Abbasi Niaz, Dadu at glance, 2011
- ↑ "Gorakh Hill, Historical Information and other details of this 5th largest city of the world.". Travel and Culture Services. حاصل ڪيل 2020-09-04.
ھي سنڌ مڪانيت مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- اڻٺڄاتل پيراميٽر سان ڄاڻخانو آباد ماڳ کي استعمال ڪندڙ صفحا
- سنڌ جاگرافي اسٽب
- دادو ضلعو
- سياحت
- سنڌ ۾ گهمڻ جون جايون
- سنڌ جا جبل ۽ ٽڪريون
- پاڪستان ۾ ھل اسٽيشنون