جامع مسجد خدا آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
خداآباد واري ڪلھوڙن جي تاريخي مسجد جو ٻاھريون گيٽ
جامع مسجد، خداآباد
خدا آباد واري مسجد
Gate of Mosque.jpg
مسجد جو مرڪزي دروازو
بنيادي ڄاڻ
مقانيت 26°35′10″N 67°43′14″E / 26.58611°N 67.72056°E / 26.58611; 67.72056مڪانيت: 26°35′10″N 67°43′14″E / 26.58611°N 67.72056°E / 26.58611; 67.72056
ضلعو دادو
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
تفصيل تعميرات
قسم اڏاوت مسجد
قسم اڏاوت ھندستان جو اسلامي نمونو
خصوصيتون
ڊيگھ 160فٽ
ويڪر 46 فٽ
اوچائي 34فٽ
خداآباد واري ڪلھوڙن جي تاريخي مسجد جو اندريون گيٽ

جامع مسجد خدا آباد(انگريزي: Jamia Masjid, Khuda abad)نامور ڪلهوڙي حڪمران، ميان يار محمد خان، دادو ضلعي ۾ ”خدا آباد“ مرڪز جو بنياد رکيو ۽ جيئن خاندان ترقي ڪندو ويو، تيئن مرڪز جي رونق، آرائش ۽ حسن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاهه جي دور تائين خداآباد جي عظمت ۾ ڪو به فرق نه آيو.[1]عبدالنبيءَ جڏهن مير عبدالله خان ٽالپر ۽ مير فتح خان ٽالپر کي قتل ڪرايو، تڏهن ٽالپرن انتقام جي جوش ۾ اچي خداآباد تي حملو ڪيو. هنن شهر کي لُٽيو ۽ جاين کي باهه ڏئي ڇڏي. اهڙيءَ طرح 1781ع ۾ خداآباد جو شهر تباهه ٿي ويو.[1] هينئر خدا آباد ۾ فقط ٻه جايون بچيل آهن: هڪڙي جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد خان جو مقبرو.[1] جامع مسجد اڄ به موجود آهي، جيتوڻيڪ پوڻا ٻه سئو سال گذري چڪا آهن، باغ علي خائف، ”نامہء نغز“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيءَ مسجد جوڙي وئي، ته منجهس نقاشيءَ جو ڪم نهايت عمدو ڪيو ويو. قبو ايترو بلند ٺهرايو ويو، جو آسمان سان وڃي مليو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ شنگرف گهڻو استعمال ڪيو ويو. هن کي بيت المقدس ته نٿو چئي سگهجي، پر اُتي هر وقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو. نحو ۽ صرف جا استاد، عربيءَ جي تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول آهن. صحيح بخاري پڙهائي وڃي ٿي. حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، ۽ ذاڪر تسبيح ۾ مصروف آهن.[1]

خداآباد واري ڪلھوڙن جي تاريخي مسجد جو اندريون منظر

هينري ڪوزنس جي بيان مطابق ”هيءَ مسجد ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ٺهرائي هئي. هن جا ٻه حصا هئا: هڪڙو اسي فوٽ ڊگهو ۽ ايڪيهه فوٽ ويڪرو، ۽ ٻيو اسي فوٽ ڊگهو ۽ پنجويهه فوٽ ويڪرو. اُچائي چوٽيهه فوٽ هئي. ٻاهرئين دروازي تي، ٻنهي پاسن ڪاشيءَ جو نهايت دلاويز ڪم ٿيل هو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ هن کان اڳ تڪلف ۽ بناوت کان ڪم ورتو ويندو هو، ميان صاحب انهيءَ پراڻي طريقي کي ترڪ ڪري نئون طريقو اختيار ڪيو ۽ مسجد ۾ جيترو به ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو، ان جي اصليت جي شان کي قائم رکيو.[1]

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 تاريخ ڪلهوڙا، حصه 2 (ص 973- 974)