مواد ڏانھن هلو

محسن ڪڪڙائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مُحسن ڪڪڙائي (انگريزي: Muhsin Kakrai) (پيدائش: 4 جولاءِ 1937ع - وفات: 2 اپريل 2005ع) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ۽ غزل جو وڏو مقبول شاعر هو. سندس شاعري جا ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس ڪلام ڪيترن ئي رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهي ته ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان به نشر ٿيندو رهيو آهي.[1]

محسن ڪڪڙائي

زندگي جو احوال

[سنواريو]

محسن ڪڪڙائي 4 جولاءِ 1937ع تي سيد احمد شاھ لڪياري جي گهر ۾ ،دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي تاريخي ڪڪڙ شهر ۾ جنم ورتو. ڪَڪڙ دادو ضلعي جو تعلقو بہ هو. سندس اصل نالو سيد نياز علي شاھ ۽ تخلص محسن ڪَڪڙائي هو. هن سنڌي فائنل، فاضل ۽ اديب فاضل جي امتحانن کان علاوه بي.ايڊ ۽ ايم.اي جي تعليم حاصل ڪئي. محسن ڪڪڙائي گھڻو عرصو سيڪنڊري استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ ۾ رهيو. هن شاعريءَ جي شروعات 52-1951ع ۾ ڪئي.سندس شمار نظم ۽ غزل جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو.[2][3][4]

ڪتاب

[سنواريو]
  • امنگون
  • ليلا جا خط
  • سوري چيو سچ
  • سونهن جي ساڃاھ[2]
  • ڪنهن جي ماٺ ميار

وفات

[سنواريو]

محسن ڪڪڙائي 2 اپريل 2005 ۾ وفات ڪئي. [2][5]

حوالا

[سنواريو]
  1. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/April/02-04-2017/Page4/P4-6.htm |url= عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 27 آگسٽ 2019۔
  2. 1 2 3 Poets and writers | Aziz Kingrani
  3. "محسن ڪڪڙائي سونهن ۽ محبت جو شاعر | جاويد محسن ڪڪڙائي | Daily Imkaan | روزاني امڪان", www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 27 آگسٽ 2019۔
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 08 سيپٽمبر 2021۔
  5. "سونهن پرست ۽ پختو شاعر محسن ڪڪڙائي", SindhSalamat, حاصل ڪيل 07 سيپٽمبر 2021۔