ٽنڊو رحيم خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽنڊو رحيم خان (انگريزي ٻولي: Tando Rahim Khan) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو ۾ ڪاڇو جي علائقي ۾ قديم شهر آهي. هيءُ شهر جنگو جمالي جي نک سان تعلق رکندڙ رحيم خان جنگواڻي ٻڌرايو هو جنهن ڪري سندس نالي سان سڏجي ٿو. هيءَ شهر ڪاڇي جي علائقي جو واپاري مرڪز آهي. هاءِ اسڪول ۽ اسپتال به هن شهر ۾ آهي. هن شهر جي آبادي 30 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.[1] آثار قديمه جي بنگالي ماهر اين. جي. مجمدار هن شهر ڀرسان قديم آثار ڳولي لڌا هئا جن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ايڪسپلوريشنس ان سنڌ ۾ ڪيو اٿائين.[2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. عزيز ڪنگراڻي، ڪاڇو هڪ اڀياس، سنڌالاجي ڄامشورو، 2009ع
  2. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  3. "ٽنڊو رحيم خان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-02.