سليم سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پروفيسر سليم سولنگي
Professor Saleen Solangi
پيدائش عبدالسليم سولنگي
جنوري 14 1945(1945-01-14)

دين محمد شاهاڻي دادو تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 18 جنوري 2008 (عمر 63 سال)

دادو
قوميت پاڪستاني
بُڻ بُڻياد سنڌي
تعليم ايم اي انگريزي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو پروفيسر، ليکڪ
مذھب اسلام

پروفيسر سليم سولنگي انگريزي (پيدائش: 14 جنوري 1945ع- وفات: 18 جنوري 2008ع) سنڌ جو يگانو پروفيسر ۽ اديب هو. کيسسنڌي ٻولي توڙيانگريزي ٻوليءَ تي دسترس حاصل هئي.

احوال[سنواريو]

پروفيسر سليم سولنگي جو اصل نالو عبدالسليم ولد محمد هاشم سولنگي هو. هن 14 جنوري1945ع تي دادو ضلعو جي ڳوٺ دين محمد شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو. کيس سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگريزي ٻوليءَ تي به وڏو عبور حاصل هو. هن1955ع ۾ پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سندس خاندان ڳوٺ کان لڏيدادو ۾ رهائش اختيار ڪئي. مئٽرڪ کان بي.اي تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي. ايم.اي انگريزيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. هيءُ ڪجهه وقت سينڪنڊري استاد رهيو. بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگريزي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي پروفيسر بڻيو. هيءُ انگريزيءَ جي تعليم ذريعي شاگردن جي هڪ کيپ تيار ڪندو رهيو جيڪي سندس تربيت کان پوءِ وڏن عهدن تي پهتا. پروفيسر سليم سولنگيءَ جو نمايان ادبي ڪم، سنڌي ٻوليءَ جي عظيم جديد شاعرشيخ اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ۾ ترجمو آهي. سندس ڪيل ترجموسنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي رسالي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. پروفيسر سليم سولنگي 18 جنوري2008ع ۾ دادو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. Poets and writers | Aziz Kingrani
  2. "سليم سولنگي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-31.