آمري (قديم آثار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آمري تهذيب وارا قديم دڙا

آمري (Amri) جا قديم آثار ڄامشورو ضلعو سنڌ پاڪستان جي آمري شهر جي لڳ اُتر ۾ موجود آهن. قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار 1927ع کان 1931ع تائين باقياتي کوجنائون ڪري، ٻين قديم سنڌو سڀيتا جي ماڳن سان گڏ آمري (Amri) جا قديم آثار به ڳولهي لڌا.[1] اين جي مجمدار، هن قديم ماڳ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي نه سگهيو. جنهن ڪري 1959ع ۾ فرانسيسي ماهر مونس ۽ جين ميري ڪاسل جي نگراني هيٺ پاڪستان جي آرڪيالاجي واري کاتي طرفان هت کوٽائي ڪرائي وئي، جيڪا 1962ع تائين هلي. کوٽائي ڪندڙ فرانسيسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تهه مان تعميراتي آثار ڪو نه مليا آهن. صرف مٽيءَ جون ڪنيون، دکيون ۽ ٻيا هٿ جا ٺهيل ٿانون وڏي تعداد ۾ مليا آهن. هتان پٿر جا چهنبدار ڪات، پٿر جا گولا، پڪل مٽيءَ جا داڻا، سپن جون ٺهيل چوڙيون پڻ مليون آهن. جيڪي وچين پٿر دور جون شيون آهن.[2][3]

سنڌ جي قديم آثارن ۾ تمام اهم حيثيت جا هي دڙا ′26◦ 10 اتر ويڪرائي ڦاڪ 68◦ 01′ ڊگھائي ڦاڪ تي آمري (Amri) شھر کان اتر اتر اولهه اٽڪل 250 ميٽرن تي سيوھڻ-ڪوٽڙي روڊ جي ڀرسان ڄام شوري ضلعي ۾. انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي واقع آهن. انهن دڙن جو صفا مٿيون تهه اسلامي دور گھڻو ڪري مغل دور جو آهي . ٻئي تهه ۾ جھڪر ۽ چانھون دڙو / سنڌو سڀيتا جا آثار آهن ۽ ٽيون تهه آمري ثقافت سان لڳاپيل آهي. فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. اوڀر واري دڙي مان ٽي رھائشي تهه کوٽيا. صفا مٿئين تهه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گھڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون به مليون آھن. ٻئي تهه مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جھڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ٽئين تهه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جھڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، تن کي آمري ثقافت سان لاڳاپيل سمجھجي ٿو. آمري دور جو ٺڪراٺو گھڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهه ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تهن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون به مليون آھن، جيڪي چوڌاري بند آھن. نه در نه دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي تري ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي؛ سا پيل ھئي. ناديون گھڻو ڪري ڀڳل ھيون. ان مان سمجھجي ٿو ته شايد ڪي ساميون ھيون جن جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تهه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري تي ڳاڙھا پٽا آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو ٺڪر آھي. ان کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو ٺڪر ملي ٿو. دنيا ۾ ”آمري ٺڪر“ کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو ٺڪر بلوچستان جي به ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو ٺڪر جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو آمري ٺڪر طور سڃاپجي ٿو. ھي ٺڪر چڪ تي لٿل آھي. ھتي مسٽر مجمدار ٻه کڏا کوٽيا ھئا.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Majumdar, N. G, “Exploration in Sind” M.A.S.I No: 48, Delhi, 1934
  2. Casal, J.M. “Fresh digging at Amri” Archaeological Dep’t: of Pakistan, 1964, Vol: 1
  3. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-02 
  4. Amri, Sindh - Wikipedia